يسوع کي پيلاطس جي حوالي ڪيو ويو
پيلاطس ڄاڻي ٿو ته اها حسد آهي، تڏهن به ميڙ جڏهن برابا کي چونڊي ٿو ته ڏباءَ هيٺ اچي وڃي ٿو. سپاهي کيس بادشاهه چئي ٺٺولي ڪن ٿا. هو نائين وڳي مصلوب ٿئي ٿو، رڙ ڪري ٿو ته خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اوندهه ۾ مري وڃي ٿو. هڪ صوبيدار ۽ ڏسندڙ عورتون ئي باقي رهن ٿيون.
15 1صبح جو سوير سردار ڪاهنن، بزرگن، شرع جي عالمن ۽ سڄي صدر مجلس گڏجي صلاح ڪئي ۽ يسوع کي ٻڌي، وٺي وڃي پيلاطس جي حوالي ڪيائونس.
2پيلاطس کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون يهودين جو بادشاهه آهين؟“ يسوع وراڻيو تہ ”تون پاڻ ٿو چوين.“
3سردار ڪاهن مٿس ڪيترائي الزام هڻندا رهيا. 4تنهنڪري پيلاطس وري کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون ڪو جواب نہ ٿو ڏين؟ ڏس، اهي تو تي ڪيترا الزام ٿا هڻن.“
5پر يسوع وڌيڪ ڪجهه نہ چيو ۽ پيلاطس حيران ٿي ويو.
6هاڻي عيد تي پيلاطس هڪ قيدي کي، جنهن لاءِ اهي گهرندا هئا، سندن خاطر آزاد ڪندو هو. 7برابا نالي هڪ ماڻهو انهن باغين سان گڏ قيد ۾ هو، جن بغاوت دوران خون ڪيو هو. 8ڀيڙ مٿي اچي پيلاطس کي عرض ڪرڻ لڳي تہ جيئن هو هميشه سندن لاءِ ڪندو آيو آهي، تيئن هاڻي بہ ڪري. 9پيلاطس وراڻيو تہ ”ڇا اوهان چاهيو ٿا تہ آءٌ اوهان لاءِ يهودين جي بادشاهه کي آزاد ڪريان؟“ 10ڇاڪاڻ تہ هو ڄاڻندو هو تہ سردار ڪاهنن کيس حسد ڪري حوالي ڪيو هو. 11پر سردار ڪاهنن ڀيڙ کي ڀڙڪايو تہ هو ان جي بدران برابا کي سندن لاءِ آزاد ڪري. 12پيلاطس وري کانئن پڇيو تہ ”پوءِ جنهن کي اوهان يهودين جو بادشاهه ٿا سڏيو، تنهن سان آءٌ ڇا ڪريان؟“
13ان کي صليب تي چاڙهيو!“ هنن جواب ۾ رڙ ڪري چيو.
14پيلاطس پڇيو تہ ”ڇو؟ هن ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟“ پر هنن وڌيڪ زور سان رڙ ڪري چيو تہ ”کيس صليب تي چاڙهيو!“
15ڀيڙ کي خوش ڪرڻ لاءِ پيلاطس برابا کي سندن لاءِ آزاد ڪيو. يسوع کي ڪوڙا هڻائي، صليب تي چاڙهڻ لاءِ حوالي ڪيائين.
سپاهي بادشاهه جي ٺٺولي ڪن ٿا
16سپاهي کيس محل ۾ (يعني گورنر جي صدر ڪچهريءَ ۾) وٺي ويا ۽ سپاهين جي سڄي ٽولي کي گڏ ڪيائون. 17هنن کيس واڱڻائي پوشاڪ پهرائي، ڪنڊن جو تاج ٺاهي سندس مٿي تي رکيو. 18پوءِ کيس سلام ڪرڻ لڳا تہ ”اي يهودين جا بادشاهه، سلامت!“ 19لٺ سان سندس مٿي تي هڻندا رهيا، مٿس ٿڪيائون ۽ ٺٺولي طور گوڏن ڀر ٿي کيس سجدو ڪندا رهيا. 20ٺٺولي ڪرڻ کانپوءِ واڱڻائي پوشاڪ لاهي کيس سندس پنهنجا ڪپڙا پهرايائون، پوءِ صليب تي چاڙهڻ لاءِ ٻاهر وٺي ويا.
فرزند کي صليب تي چاڙهيو ويو
21ڳوٺاڻي علائقي کان ايندڙ هڪ لنگهندڙ کي، يعني سڪندر ۽ روفس جي پيءُ ڪرينيءَ جي شمعون کي، زوريءَ سندس صليب کڻائڻ تي مجبور ڪيائون. 22يسوع کي ان هنڌ تي آندائون جنهن کي گلگتا سڏجي ٿو (جنهن جي معنيٰ آهي کوپڙيءَ جو هنڌ). 23کيس مُرَ ملايل شراب پيش ڪيائون، پر هن نہ ورتو.
24کيس صليب تي چاڙهيائون. پوءِ سندس ڪپڙا پاڻ ۾ ورهائي ورتائون ۽ ڪنهن کي ڇا ملندو، تنهن لاءِ قرعو وڌائون. 25صبح جا نو ٿيا هئا جڏهن کيس صليب تي چاڙهيائون. 26سندس خلاف الزام جو لکيل نوٽيس هي هو تہ يهودين جو بادشاهه. 27هنن سندس سان گڏ ٻن باغين کي صليب تي چاڙهيو، هڪڙي کي سندس ساڄي پاسي ۽ ٻئي کي کاٻي پاسي. a a v27 سڀ کان پراڻن نسخن ۾ هتي آيت 28 ناهي؛ پوءِ جي نقلن ۾ هي شامل ڪيو ويو آهي تہ ”۽ صحيفي جو اهو چوڻ پورو ٿيو تہ ’هن کي ڏوهارين ۾ ڳڻيو ويو.‘“
29لنگهندڙن مٿا ڏوڻي کيس ڌڪاريو ۽ چيو تہ ”ها! تون جيڪو هيڪل کي ڊاهين ٿو ۽ ٽن ڏينهن ۾ ٺاهين ٿو، 30پاڻ کي بچاءِ ۽ صليب تان لهي اچ!“
31ساڳيءَ طرح سردار ڪاهنن ۽ شرع جي عالمن بہ پاڻ ۾ ٺٺولي ڪندي چيو تہ ”ٻين کي بچايائين، پر پاڻ کي بچائي نہ ٿو سگھي. 32اسرائيل جو بادشاهه مسيح هاڻي صليب تان لهي اچي، تہ جيئن اسان ڏسي ايمان آڻيون.“ ساڻس گڏ صليب تي چاڙهيلن بہ کيس ملامت ڪئي.
پيءُ جو فرزند پنهنجو آخري ساهه ڏئي ٿو
33منجهند جو سڄي ملڪ تي اوندهہ ڇانيجي وئي، جا ٽين بجي تائين رهي.
34ٽين بجي يسوع وڏي آواز سان رڙ ڪري چيو تہ ”ايلوئي، ايلوئي، لما سبقتني؟“ جنهن جي معنيٰ آهي تہ ”منهنجا خدا، منهنجا خدا، تو مون کي ڇو ڇڏي ڏنو؟“
35ويجهو بيٺلن مان ڪجهه ماڻهن اهو ٻڌي چيو تہ ”ٻڌو، هو ايليا کي سڏي ٿو.“
36هڪڙي ڊوڙي وڃي اسپنج کي سرڪي سان ڀري، ٽانڊي تي رکي کيس پياريو ۽ چيائين تہ ”ڇڏي ڏيوس، ڏسون تہ ايليا کيس لاهڻ ٿو اچي يا نہ.“
37وڏي رڙ سان يسوع پنهنجو آخري ساهه ڏنو. 38تڏهن هيڪل جو پردو مٿان کان هيٺ تائين ٻن حصن ۾ ڦاٽي پيو. 39يسوع جي سامهون بيٺل صوبيدار ڏٺو تہ هن ڪيئن آخري ساهه ڏنو ۽ چيائين تہ ”حقيقت ۾ هي ماڻهو خدا جو فرزند هو.“
40ڪي عورتون بہ پرڀرو کان ڏسي رهيون هيون، جن ۾ مريم مگدليني، ننڍي يعقوب ۽ يوسيس جي ماءُ مريم ۽ سالومي هيون. 41اهي عورتون گليل ۾ سندس پٺيان هلنديون هيون ۽ سندس خدمت ڪنديون هيون؛ ٻيون بہ ڪيتريون ئي، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم آيون هيون، اتي هيون.
قبر ۾ رکيو ويو
42شام ٿي چڪي هئي، ۽ ڇاڪاڻ تہ اهو تياريءَ جو ڏينهن، يعني سبت کان اڳيون ڏينهن هو. 43ارمٿيا جو يوسف، جيڪو صدر مجلس جو نامور ميمبر هو ۽ پاڻ بہ اسان جي پيءُ جي بادشاهيءَ جو انتظار ڪندو هو، همت ڪري پيلاطس وٽ ويو ۽ يسوع جي لاش لاءِ عرض ڪيائين. 44پيلاطس حيران ٿيو تہ هو اڳ ئي مري ويو آهي؛ تنهنڪري صوبيدار کي سڏي کانئس پڇيائين تہ ڇا يسوع گهڻي وقت کان مري چڪو هو. 45جڏهن صوبيدار کان کيس معلوم ٿيو تہ ائين ئي آهي، تڏهن لاش يوسف جي حوالي ڪرڻ جي اجازت ڏنائين. 46يوسف ڪتاني ڪپڙو خريد ڪيو، لاش کي لاهي ان ڪپڙي ۾ ويڙهيائين ۽ پٿر ۾ کوٽيل قبر ۾ رکيائينس. پوءِ قبر جي دروازي تي هڪ پٿر ڌڪي ڇڏيائين. 47مريم مگدليني ۽ يوسيس جي ماءُ مريم ڏٺائون تہ کيس ڪٿي رکيو ويو.