ڇپيل
ڪتاب

ايوب جا دوست چپ ٿي ويا

ٽيئي دوست هار مڃي وڃن ٿا، ۽ اليهو نالي هڪ نوجوان، جيڪو سڄو وقت ٻڌي رهيو هو، ٻرڪي پوي ٿو: ايوب تي ڪاوڙيل ته هن پاڻ کي سچو ٺهرايو، دوستن تي ڪاوڙيل ته هنن جواب کانسواءِ کيس ڏوهي ٺهرايو. هو چوي ٿو ته ڏاهپ قادرِ مطلق جي ساهه مان اچي ٿي، اڇن وارن مان نه.

باب 32.

تنهنڪري انهن ٽنهي ماڻهن ايوب کي جواب ڏيڻ ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجين اکين ۾ سچار هو. پوءِ ايليهو بن برڪيل بوزي جو، جيڪو رام جي گھراڻي مان هو، غضب ڀڙڪي اٿيو. سندس غضب ايوب تي ڀڙڪيو، ڇاڪاڻ تہ هن خدا کان وڌيڪ پاڻ کي سچار ٺهرايو. ايوب جي ٽنهي دوستن تي بہ سندس غضب ڀڙڪي اٿيو، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ڪو جواب نہ لڌو، تڏهن بہ ايوب کي ڏوهاري ٺهرايائون. ايليهو ايوب سان ڳالهائڻ لاءِ انتظار ڪندو رهيو هو، ڇاڪاڻ تہ ٻيا ساڻس عمر ۾ وڏا هئا. پر جڏهن ايليهو ڏٺو تہ انهن ٽنهي ماڻهن وٽ چوڻ لاءِ ڪجھ ناهي، تڏهن سندس غضب ڀڙڪي اٿيو. تڏهن ايليهو بن برڪيل بوزي ڳالهائڻ لڳو ۽ چيائين تہ ”آءٌ عمر ۾ ننڍو آهيان ۽ اوهين وڏا آهيو؛ انهيءَ ڪري آءٌ چپ رهيس ۽ جيڪي ڄاڻان ٿو سو اوهان کي ٻڌائڻ کان ڊڄندو رهيس. مون سوچيو تہ ’عمر کي ڳالهائڻ ڏيو، ۽ ڪيترا ورهيه حڪمت سيکارين.‘ پر اهو روح ئي، جيڪو ماڻهوءَ ۾ آهي، قادر مطلق جو ساھ، سمجھ ڏئي ٿو. وڏي عمر وارا ئي ڏاها ناهن، نڪي پوڙها اهو سمجھن ٿا جيڪو صحيح آهي. تنهنڪري چوان ٿو تہ مون کي ٻڌو؛ آءٌ بہ ٻڌائيندس جيڪي ڄاڻان ٿو. ڏسو، مون اوهان جي ڳالهين جو انتظار ڪيو؛ جڏهن اوهين چوڻ لاءِ لفظ ڳوليندا رهيا، تڏهن مون اوهان جي دليلن ڏانهن ڪن ڏنو. مون اوهان تي پورو ڌيان ڏنو؛ پر اوهان مان ڪنهن بہ ايوب کي غلط ثابت نہ ڪيو ۽ نڪي سندس دليلن جو جواب ڏنو. تنهنڪري ائين نہ چئو تہ ’اسان کي حڪمت ملي آهي؛ هن کي خدا رد ڪري، ماڻهو نہ.‘ ايوب مون سان مقابلي لاءِ پنهنجا لفظ ترتيب نہ ڏنا آهن، ۽ آءٌ کيس اوهان جي دليلن سان جواب نہ ڏيندس. اهي حيران ٿي ويا آهن ۽ وڌيڪ چوڻ لاءِ کين ڪجھ ناهي؛ لفظ کين ڇڏي ويا آهن. ڇا آءٌ انتظار ڪريان، جڏهن اهي چپ ٿي ويا آهن، جڏهن اهي بنا جواب جي بيٺا آهن؟ آءٌ بہ پنهنجي ڳالھ چوندس؛ آءٌ بہ ٻڌائيندس جيڪي ڄاڻان ٿو. ڇاڪاڻ تہ آءٌ لفظن سان ڀريل آهيان؛ منهنجي اندر جو روح مون کي مجبور ٿو ڪري. اندر ۾ آءٌ انهيءَ شراب وانگر آهيان جنهن کي نڪرڻ جو رستو ناهي، انهن نون مشڪيزن وانگر جيڪي ڦاٽڻ تي آهن. مون کي ڳالهائڻو آهي تہ جيئن سڪون ملي؛ مون کي پنهنجا چپ کولي جواب ڏيڻو آهي. آءٌ ڪنهن سان بہ طرفداري نہ ڪندس، ۽ ڪنهن جي بہ چاپلوسي نہ ڪندس؛ ڇاڪاڻ تہ آءٌ چاپلوسي ڪرڻ نہ ٿو ڄاڻان—جيڪڏهن ڄاڻان ها تہ منهنجو خالق جلد ئي مون کي کڻي وڃي ها.“