ڳوڙها، جن کي تسلي ڏيندڙ ڪو ناهي
واعظ ظلم ڏسي ٿو جنهن جو ڪو تسلي ڏيندڙ ناهي ۽ مئلن کي جيئرن کان بهتر سڏي ٿو. گهڻي محنت جي پٺيان حسد آهي. پر تڏهن به ٻه هڪ کان بهتر آهن: ڪو جيڪو توهان کي ڪرڻ تي اٿاري، توهان کي گرم رکي، توهان سان گڏ ثابت قدم بيهي. مشهور بادشاهه به جلد ئي اڻ گهربل ٿي وڃي ٿو.
4 1وري مون سج جي هيٺان ٿيندڙ سڀ ظلم ڏٺا: مظلوم ڳوڙها ڳاڙي رهيا هئا ۽ کين تسلي ڏيندڙ ڪو نہ هو؛ سندن ظلم ڪندڙن وٽ طاقت هئي، تڏهن بہ ڪو تسلي ڏيندڙ ڪو نہ هو. 2تنهنڪري مون اعلان ڪيو تہ جيڪي مئل اڳ ئي مري چڪا آهن، سي انهن جيئرن کان وڌيڪ سکيا آهن جيڪي اڃا جيئرا آهن. 3انهن ٻنهي کان بهتر اهو آهي جيڪو اڃا پيدا ئي نہ ٿيو آهي، جنهن سج جي هيٺان ٿيندڙ برائي نہ ڏٺي آهي. 4مون ڏٺو تہ سموري محنت ۽ هر هنر هڪ پاڙيسريءَ جي ٻئي پاڙيسريءَ سان حسد مان پيدا ٿئي ٿو. هي بہ ناپائيدار آهي، هوا جي پٺيان ڊوڙڻ جهڙو. 5بيوقوف پنهنجا هٿ ٻڌي ويهي رهي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي برباد ڪري ٿو. 6آرام سان هڪ مُٺ ڀرڻ، محنت ۽ هوا جي پٺيان ڊوڙڻ سان ٻن مُٺين ڀرڻ کان بهتر آهي.
7وري مون سج جي هيٺان هڪ ناپائيدار شيءِ ڏٺي:
8هڪڙو ماڻهو اڪيلو آهي، نڪو ساٿي، نڪو پٽ يا ڀاءُ؛ سندس محنت جي ڪا حد ناهي، تڏهن بہ سندس اکيون دولت سان ڪڏهن نہ ڀرجن ٿيون. هو پڇي ٿو تہ ”آءٌ ڪنهن لاءِ محنت ڪريان ٿو ۽ پاڻ کي ڀلائيءَ کان محروم ڪريان ٿو؟“ هي بہ هڪ ڦوڪ آهي، هڪ بڇڙو ڪم.
9ٻه هڪ کان بهتر آهن، ڇاڪاڻ تہ کين پنهنجي محنت جو سٺو اجر ملي ٿو: 10جيڪڏهن هڪ ڪري پوي تہ ٻيو کيس اٿاري ٿو. پر افسوس انهيءَ تي جيڪو اڪيلو ڪري ٿو ۽ کيس اٿارڻ وارو ڪو ناهي. 11ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ٻه گڏجي سمهن تہ گرم رهندا. پر اڪيلو ڪيئن گرم رهي؟ 12اڪيلي تي غالب اچي سگهجي ٿو، پر ٻه مقابلو ڪري سگهن ٿا. ٽن تندن جي ڏور جلدي نہ ٽٽندي آهي.
عقلمند نوجوان ۽ بيوقوف بادشاهه
13غريب ۽ عقلمند نوجوان، انهيءَ پوڙهي بيوقوف بادشاهه کان بهتر آهي جنهن کي هاڻي نصيحت وٺڻ جي سمجهہ ناهي. 14ٿي سگهي ٿو تہ نوجوان قيد خاني مان نڪري بادشاهي ڪرڻ آيو هجي، يا انهيءَ ئي بادشاهيءَ ۾ غريب ڄائو هجي. 15مون سڀ جيئرا، جيڪي سج جي هيٺان هلن ڦرن ٿا، انهيءَ نوجوان جي پٺيان هلندي ڏٺا، جيڪو بادشاهه جو جانشين هو. 16جيڪي ماڻهو هن کان اڳ هئا، تن جو ڳاڻيٽو ئي ڪونہ هو. تڏهن بہ پوءِ ايندڙ هن کان خوش نہ ٿيا. هي بہ ناپائيدار آهي، هوا جي پٺيان ڊوڙڻ جهڙو.