ڇپيل
ڪتاب

هر شيءِ لاءِ هڪ موسم

هر شيءِ جي پنهنجي موسم آهي، ڄمڻ ۽ مرڻ، جنگ ۽ صلح، ۽ ڪوبه خدا جي ڪيل سڄي ڪم کي سمجهي نٿو سگهي، جيتوڻيڪ هن انسان جي دل ۾ ابديت رکي آهي. جتي انصاف هجڻ گهرجي اتي بدعنواني ويٺل آهي. ماڻهو ۽ جانور هڪ ئي ساهه کڻن ٿا ۽ هڪ ئي قبر ۾ ڀائيوار آهن.

باب 3.

هر شيءِ لاءِ هڪ موسم آهي، ۽ آسمان هيٺ هر ڪم لاءِ هڪ وقت آهي: پيدا ٿيڻ جو وقت، ۽ مرڻ جو وقت؛ پوکڻ جو وقت، ۽ پوکيل کي پٽي ڪڍڻ جو وقت؛ ماري وجهڻ جو وقت، ۽ شفا ڏيڻ جو وقت؛ ڊاهڻ جو وقت، ۽ اڏڻ جو وقت؛ روئڻ جو وقت، ۽ کلڻ جو وقت؛ ماتم ڪرڻ جو وقت، ۽ نچڻ جو وقت؛ پٿر اڇلائڻ جو وقت، ۽ پٿر گڏ ڪرڻ جو وقت؛ ڀاڪر پائڻ جو وقت، ۽ ڀاڪر پائڻ کان پاسو ڪرڻ جو وقت؛ ڳولڻ جو وقت، ۽ وڃائڻ جو وقت؛ سنڀالي رکڻ جو وقت، ۽ اڇلائڻ جو وقت؛ ڦاڙڻ جو وقت، ۽ سبڻ جو وقت؛ چپ رهڻ جو وقت، ۽ ڳالهائڻ جو وقت؛ پيار ڪرڻ جو وقت، ۽ نفرت ڪرڻ جو وقت؛ جنگ جو وقت، ۽ سلامتيءَ جو وقت.

ڪم ڪندڙ کي پنهنجي محنت مان ڇا فائدو؟ جيڪو ڪم خدا ماڻهن کي مصروف رکڻ لاءِ ڏنو آهي، سو مون ڏٺو آهي. هن هر شيءِ پنهنجي وقت تي سهڻي بڻائي، ۽ انسان جي دل ۾ ابديت رکيائين—تڏهن بہ جيڪو ڪجهه خدا شروع کان آخر تائين ڪيو آهي، سو ڪوبہ سمجهي نٿو سگهي. مون کي خبر آهي تہ انهن لاءِ جيستائين جيئرا آهن، خوش رهڻ ۽ چڱائي ڪرڻ کان بهتر ڪجهه ڪونهي. اهو بہ خدا جي ڏات آهي تہ هر ماڻهو کائي، پيئي ۽ پنهنجي سموري محنت ۾ اطمينان ماڻي. مون کي خبر آهي تہ جيڪو ڪجهه خدا ڪري ٿو سو سدائين رهي ٿو؛ ان ۾ نہ ڪجهه وڌائي سگهجي ٿو، نہ ڪجهه گهٽائي سگهجي ٿو. هن اهو ان لاءِ ڪيو آهي تہ ماڻهو سندس اڳيان ڊڄن. جيڪو آهي سو اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي، ۽ جيڪو ٿيڻو آهي سو بہ اڳ ۾ ئي ٿي چڪو آهي؛ ۽ جيڪو ڪڍيو ويو هو، تنهن کي خدا ڳولي ٿو.

انصاف جي جاءِ تي بڇڙائي

مون سج هيٺان اهو بہ ڏٺو تہ انصاف جي جاءِ تي بڇڙائي آهي، ۽ سچائيءَ جي جاءِ تي بہ بڇڙائي آهي. مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ ”خدا سچارن ۽ بدڪارن ٻنهي جو انصاف ڪندو، ڇاڪاڻ تہ اتي هر ڪم ۽ هر عمل لاءِ هڪ وقت مقرر آهي.“ مون پنهنجي دل ۾ چيو تہ ”خدا ماڻهن کي پرکي ٿو، تہ جيئن اهي ڏسن تہ اهي رڳو جانور آهن.“ ماڻهن ۽ جانورن جو هڪڙو ئي انجام آهي: جيئن هڪڙو مري ٿو تيئن ٻيو مري ٿو؛ ٻنهي ۾ هڪڙو ئي ساهه آهي. ماڻهوءَ کي جانور تي ڪا برتري ڪانهي—سڀ ڪجهه ڦوڪ آهي. سڀ هڪڙي ئي جاءِ ڏانهن وڃن ٿا؛ سڀ مٽيءَ مان آيا هئا، ۽ سڀ مٽيءَ ڏانهن موٽن ٿا. ڪير ڄاڻي ٿو تہ ماڻهوءَ جو روح مٿي چڙهي ٿو، ۽ جانور جو روح هيٺ زمين ڏانهن وڃي ٿو؟ سو مون ڏٺو تہ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي ڪم ۾ خوش رهڻ کان بهتر ڪجهه ڪونهي، ڇاڪاڻ تہ اهوئي سندس حصو آهي. ڇالاءِ جو ڪير کيس ڏيکاري سگهندو تہ سندس پوءِ ڇا ٿيندو؟