ڇپيل
ڪتاب

عبادت ۾ عزت ۽ ترتيب

گڏجاڻيءَ ۾ ٻه مسئلا: اسان جي پيءُ کان دعا گهرڻ وقت مٿو ڍڪيل هجي يا اگهاڙو، ۽ اهڙي خداوند جي عشائي جنهن ۾ امير اڳ ۾ کائي وڃن ٿا جڏهن ته غريب بکيا رهن ٿا. اهو آخري ئي سبب آهي ته ڪي ڪمزور ۽ بيمار آهن — هو بدن کي پرکڻ کان سواءِ کائين ٿا. هڪ ٻئي جو انتظار ڪريو.

باب 11.

جيئن آءٌ مسيح جي پيروي ڪريان ٿو، تيئن اوهان بہ منهنجي پيروي ڪريو.

هاڻي آءٌ اوهان جي ساراهه ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان هر ڳالهه ۾ مون کي ياد ٿا ڪريو، ۽ جيئن مون اوهان کي روايتون سونپيون، تيئن انهن تي قائم ٿا رهو. آءٌ چاهيان ٿو تہ اوهان ڄاڻو تہ هر مرد جو سر مسيح آهي، عورت جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر اسان جو پيءُ آهي. جيڪو مرد سر ڍڪي دعا ڪري ٿو يا نبوت ڪري ٿو، سو پنهنجي سر جي بي‌عزتي ڪري ٿو. پر جيڪا عورت کليل سر دعا ڪري ٿي يا نبوت ڪري ٿي، سا پنهنجي سر جي بي‌عزتي ڪري ٿي—اها ائين آهي ڄڻ سندس سر ڪوڙايل هجي. جيڪڏهن عورت پنهنجو سر ڍڪڻ کان انڪار ڪري، تہ سندس وار ڪتري ڇڏجن؛ پر جيئن تہ عورت لاءِ وار ڪتارائڻ يا سر ڪوڙائڻ شرم جي ڳالهه آهي، تنهنڪري هوءَ سر ڍڪي. مرد کي پنهنجو سر نہ ڍڪڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو اسان جي پيءُ جي صورت ۽ جلوو آهي؛ پر عورت مرد جو جلوو آهي. ڇالاءِ جو مرد عورت مان نہ آيو، پر عورت مرد مان آئي. نڪي مرد عورت لاءِ پيدا ڪيو ويو، پر عورت مرد لاءِ. تنهنڪري فرشتن جي ڪري عورت کي پنهنجي سر تي اختيار جو نشان هئڻ گھرجي.

تڏهن بہ خداوند ۾ نڪي عورت مرد کان آزاد آهي، نڪي مرد عورت کان آزاد آهي. ڇالاءِ جو جيئن عورت مرد مان آئي، تيئن مرد عورت جي وسيلي ٿو اچي؛ پر سڀ ڪجهه اسان جي پيءُ کان آهي. پاڻ ئي فيصلو ڪريو تہ ڇا عورت لاءِ کليل سر اسان جي پيءُ آڏو دعا ڪرڻ مناسب آهي؟ ڇا فطرت پاڻ اوهان کي نہ ٿي سيکاري تہ مرد لاءِ ڊگھا وار رکڻ بي‌عزتي آهي، پر جيڪڏهن عورت ڊگھا وار رکي، تہ اهو سندس جلوو آهي، ڇاڪاڻ تہ وار کيس ڍڪڻ طور ڏنا ويا آهن. جيڪڏهن ڪو هن ڳالهه تي بحث ڪرڻ چاهي، تہ اسان وٽ ۽ اسان جي پيءُ جي ڪليسيائن وٽ اهڙي ڪا رسم ناهي.

خداوند جي ميز جي بي‌عزتي

هي هدايت ڏيندي آءٌ اوهان جي ساراهه نہ ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو گڏجڻ ڀلائي لاءِ نہ، پر برائي لاءِ ٿئي ٿو. پهرين تہ جڏهن اوهان ڪليسيا طور گڏ ٿيو ٿا، تڏهن مون ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ ڦوٽ آهن، ۽ ڪنهن حد تائين آءٌ ان تي يقين ٿو ڪريان. ڇالاءِ جو اوهان ۾ ڦوٽن جو ٿيڻ بہ ضروري آهي، تہ جيئن اوهان ۾ جيڪي سچا آهن سي ظاهر ٿين. تنهنڪري جڏهن اوهان هڪ هنڌ گڏ ٿيو ٿا، تڏهن اها خداوند جي رات جي ماني ناهي جيڪا اوهان کائو ٿا. ڇالاءِ جو کائڻ مهل هر ڪو پنهنجي ماني اڳي ئي کائڻ ۾ جلدي ٿو ڪري؛ ڪو بکيو ٿو رهي، تہ ڪو متوالو ٿو ٿئي. ڇا اوهان وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ گھر ناهن؟ يا اوهان اسان جي پيءُ جي ڪليسيا کي حقير ٿا ڄاڻو ۽ جن وٽ ڪجهه ناهي تن کي شرمندو ٿا ڪريو؟ آءٌ اوهان کي ڇا چوان؟ ڇا اوهان جي ساراهه ڪريان؟ هن ڳالهه ۾ آءٌ اوهان جي ساراهه نہ ٿو ڪريان.

ڇالاءِ جو جيڪو مون خداوند کان ورتو، سو اوهان کي بہ سونپيو: خداوند يسوع جنهن رات کيس پڪڙايو ويو، تنهن رات ماني کنئي،

شڪر ادا ڪري ان کي ڀڃيائين ۽ چيائين تہ ”هي منهنجو بدن آهي، جيڪو اوهان لاءِ آهي؛ مون کي ياد ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪريو.“ ساڳيءَ طرح رات جي ماني کان پوءِ پيالو بہ کنيائين ۽ چيائين تہ ”هي پيالو منهنجي رت ۾ نئون عهد آهي. جڏهن بہ اوهان ان کي پيئو، تڏهن مون کي ياد ڪرڻ لاءِ هيءُ ڪريو.“

جڏهن بہ اوهان هيءَ ماني کائو ٿا ۽ هي پيالو پيئو ٿا، تڏهن خداوند جي موت جو اعلان ٿا ڪريو، جيستائين هو اچي.

تنهنڪري جيڪو بہ نالائق انداز ۾ خداوند جي ماني کائي يا پيالو پيئي، سو خداوند جي بدن ۽ رت جو ڏوهاري ٿيندو. ماڻهو پهرين پاڻ کي پرکي، پوءِ ئي ماني کائي ۽ پيالو پيئي. ڇالاءِ جو جيڪو بدن کي سڃاڻڻ کانسواءِ کائي ٿو ۽ پيئي ٿو، سو پنهنجي لاءِ سزا ٿو کائي ۽ پيئي. ان ڪري اوهان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن، ۽ ڪي ننڊ ۾ پئجي ويا آهن. پر جيڪڏهن اسان پاڻ کي ٺيڪ طرح پرکيو ها، تہ اسان جو فيصلو نہ ٿئي ها. جڏهن خداوند اسان جو فيصلو ڪري ٿو، تڏهن اسان کي تربيت ٿو ڏئي، تہ جيئن اسان کي دنيا سان گڏ سزا نہ ملي. تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون، جڏهن اوهان کائڻ لاءِ گڏ ٿيو، تڏهن هڪ ٻئي جو انتظار ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن کي بک لڳي هجي، تہ هو گھر ۾ کائي، تہ جيئن اوهان جو گڏجڻ سزا جو سبب نہ بڻجي. باقي ڳالهيون آءٌ اچڻ تي طئي ڪندس.