پيءُ ٻهترن کي موڪلي ٿو
فصل جي پيءُ جا موڪليل ٻهتر موٽي خوش ٿين ٿا ته ديوتا سندن فرمانبرداري ڪن ٿا، ۽ يسوع کين چوي ٿو ته ان جي بدران ٻي ڳالهه تي خوش ٿيو. هڪ شريعت جي ماهر جي سوال جو ته پاڙيسري ڪير آهي، جواب رستي تي هڪ سامريءَ سان ڏنو وڃي ٿو. اهو ٻن ڀينرن جي وچ ۾ بحث تي ختم ٿئي ٿو.
10 1ان کان پوءِ خداوند ٻيا ٻهتر ماڻهو مقرر ڪيا، ۽ کين پنهنجي اڳيان ٻه ٻه ڪري هر انهيءَ شهر ۽ هنڌ ڏانهن موڪليائين جتي پاڻ وڃڻ وارو هو.
2کين چيائين تہ ”فصل گھڻو آهي، پر ڪم ڪندڙ ٿورا آهن. تنهنڪري فصل جي پيءُ کي منٿ ڪريو تہ پنهنجي فصل ۾ ڪم ڪندڙ موڪلي. 3وڃو! ڏسو، آءٌ اوهان کي رڍ جي ٻچن وانگر بگھڙن جي وچ ۾ موڪليان ٿو. 4ڪو ڪيسو، ڪا جھولي، ڪي جتيون نہ کڻو، ۽ رستي ۾ ڪنهن کي سلام نہ ڪريو. 5جنهن بہ گھر ۾ داخل ٿيو، پهرين چئو تہ ’هن گھر کي سلامتي ٿئي.‘ 6جيڪڏهن اتي ڪو سلامتيءَ وارو ماڻهو هوندو تہ اوهان جي سلامتي مٿس ٺھندي، نہ تہ اوهان ڏانهن موٽي ايندي. 7ان ئي گھر ۾ رهو، جيڪي ڏين سو کائو پيئو، ڇاڪاڻ تہ ڪم ڪندڙ پنهنجي مزدوريءَ جو حقدار آهي. گھر گھر نہ ڦرو. 8جڏهن ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيو ۽ اهي اوهان کي ڀليڪار ڪن، تڏهن جيڪي اوهان جي اڳيان رکيو وڃي سو کائو. 9اتان جي بيمارن کي شفا ڏيو ۽ کين چئو تہ ’اسان جي پيءُ جي بادشاهي اوهان جي ويجھو اچي وئي آهي.‘ 10پر جڏهن ڪنهن اهڙي شهر ۾ داخل ٿيو جيڪو اوهان کي ڀليڪار نہ ڪري، تڏهن ان جي گھٽين ۾ نڪري چئو تہ 11’اوهان جي شهر جي مٽي بہ، جيڪا اسان جي پيرن سان چنبڙيل آهي، اسان اوهان جي خلاف ڇنڊي ٿا ڇڏيون. تڏهن بہ اهو ڄاڻو تہ اسان جي پيءُ جي بادشاهي ويجھو اچي وئي آهي.‘ 12آءٌ اوهان کي ٿو چوان تہ انهيءَ ڏينهن سدوم جو حال انهيءَ شهر کان وڌيڪ سھڻ جوڳو ٿيندو.
13”اي ڪورزين، تو تي افسوس! اي بيت صيدا، تو تي افسوس! جيڪڏهن جيڪي معجزا اوهان ۾ ڏيکاريا ويا، سي صور ۽ صيدا ۾ ڏيکاريا وڃن ها تہ اهي گھڻو اڳ ٽاٽ ۽ خاڪ ۾ ويھي توبهه ڪن ها. 14پر عدالت ۾ صور ۽ صيدا لاءِ اوهان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سھڻ جوڳو ٿيندو. 15اي ڪفرناحوم، ڇا تون آسمان تائين مٿي کنيو ويندين؟ تون قبر ۾ هيٺ لاٿو ويندين. 16جيڪو اوهان کي ٻڌي ٿو سو مون کي ٻڌي ٿو، جيڪو اوهان کي رد ڪري ٿو سو مون کي رد ڪري ٿو، ۽ جيڪو مون کي رد ڪري ٿو سو انهيءَ کي رد ڪري ٿو جنهن مون کي موڪليو آهي.“
17ٻهتر خوشيءَ سان موٽي اچي چيائون تہ ”اي خداوند، بدروحون بہ تنهنجي نالي سان اسان جون تابع ٿين ٿيون.“
18کين چيائين تہ ”مون شيطان کي آسمان کان بجليءَ وانگر ڪرندي ڏٺو. 19ڏسو، مون اوهان کي نانگن ۽ وڇن کي لتاڙڻ جو، ۽ دشمن جي سموري طاقت تي اختيار ڏنو آهي. ڪابہ شيءِ اوهان کي نقصان نہ پهچائيندي. 20پر انهيءَ تي خوش نہ ٿيو تہ روح اوهان جا تابع ٿين ٿا، بلڪ انهيءَ تي خوش ٿيو تہ اوهان جا نالا آسمان ۾ لکيل آهن.“
21انهيءَ گھڙيءَ يسوع پاڪ روح ۾ خوش ٿي چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آءٌ تنهنجي ساراهه ٿو ڪريان، جو تو اهي ڳالھيون ڏاهن ۽ هوشيارن کان لڪائي ننڍڙن ٻارن تي ظاهر ڪيون. هائو، اي بابا، ڇاڪاڻ تہ اهو تو کي وڻيو.“
22”سڀ ڪجھ مون کي منهنجي پيءُ طرفان ڏنو ويو آهي. ڪو بہ نہ ٿو ڄاڻي تہ فرزند ڪير آهي سواءِ پيءُ جي، يا پيءُ ڪير آهي سواءِ فرزند جي، ۽ انهيءَ جي جنهن تي فرزند کيس ظاهر ڪرڻ چاهي.“
23پوءِ شاگردن ڏانهن منهن ڪري کين الڳ چيائين تہ ”مبارڪ آهن اهي اکيون جيڪي اهو ڏسن ٿيون جيڪو اوهان ڏسو ٿا! 24ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٿو چوان تہ ڪيترا نبي ۽ بادشاهه اهو ڏسڻ چاهيندا هئا جيڪو اوهان ڏسو ٿا، پر نہ ڏٺائون، ۽ اهو ٻڌڻ چاهيندا هئا جيڪو اوهان ٻڌو ٿا، پر نہ ٻڌائون.“
نيڪ سامريءَ جو مثال
25هڪڙو شريعت جو عالم اُٿي کيس آزمائيندي چيو تہ ”اي استاد، دائمي زندگي ورثي ۾ وٺڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“
26چيائينس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون ان کي ڪيئن پڙهين ٿو؟“
27هن وراڻيو تہ ”پنهنجي پيءُ سان پنهنجي سڄي دل، پنهنجي سڄي جان، پنهنجي سڄي طاقت ۽ پنهنجي سڄي سمجھ سان پيار ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان پنهنجي جيان پيار ڪر.“
28چيائينس تہ ”تو صحيح جواب ڏنو. اهو ڪر تہ جيئندين.“
29پر پاڻ کي سچار ثابت ڪرڻ چاهيندي هن يسوع کان پڇيو تہ ”پوءِ منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“
30يسوع وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو ڏانهن هيٺ پئي ويو تہ ڌاڙيلن جي هٿ چڙهي ويو، جن هن جا ڪپڙا لاهي، کيس ڌڪ هڻي، اڌ مئل ڇڏي ڏنو. 31اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي تان هيٺ پئي ويو. کيس ڏسي ٻئي پاسي کان لنگھي ويو. 32ساڳيءَ ريت هڪڙو لاوي بہ انهيءَ هنڌ تي آيو، کيس ڏسي ٻئي پاسي کان لنگھي ويو. 33پر هڪڙو سامري انهيءَ رستي تان لنگھندي هن وٽ پهتو، ۽ کيس ڏسي رحم سان ڀرجي ويو. 34هن وٽ وڃي، سندس زخمن تي پٽيون ٻڌي، تيل ۽ شراب وجھي، کيس پنهنجي جانور تي چاڙهي، سرائي ۾ وٺي ويو ۽ سندس سنڀال ڪيائين. 35ٻئي ڏينهن چانديءَ جا ٻه سڪا ڪڍي سرائي جي مالڪ کي ڏنائين ۽ چيائين تہ ’هن جي سنڀال ڪر. جيڪو وڌيڪ خرچ ڪندين سو آءٌ موٽي ايندس تڏهن ادا ڪندس.‘ 36تنهنجي خيال ۾ انهن ٽنهي مان ڪهڙو، ڌاڙيلن ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ جو پاڙيسري ثابت ٿيو؟“
37هن چيو تہ ”جنهن هن تي رحم ڪيو.“ يسوع کيس چيو تہ ”وڃي ائين ئي ڪر.“
مارٿا ۽ مريم
38جڏهن اهي سفر ڪري رهيا هئا، تڏهن يسوع هڪڙي ڳوٺ ۾ داخل ٿيو. مارٿا نالي هڪڙيءَ عورت کيس پنهنجي گھر ۾ ڀليڪاريو. 39سندس مريم نالي هڪ ڀيڻ هئي، جيڪا خداوند جي پيرن وٽ ويٺي سندس تعليم ٻڌي رهي هئي. 40پر مارٿا سموري خدمت ۾ ڦاٿل هئي. هوءَ هن وٽ اچي چيائين تہ ”اي خداوند، ڇا تو کي پرواهه ناهي تہ منهنجيءَ ڀيڻ مون کي اڪيلي کي خدمت ڪرڻ لاءِ ڇڏي ڏنو آهي؟ کيس چئو تہ مون کي مدد ڏئي.“
41پر خداوند وراڻيس تہ ”مارٿا، مارٿا، تون ڪيترين ئي ڳالھين جي ڳڻتي ۽ پريشانيءَ ۾ آهين، 42پر هڪڙي ئي شيءِ جي ضرورت آهي. مريم سٺو حصو چونڊيو آهي، جيڪو ان کان کسيو نہ ويندو.“