منهنجو روح ڀڳل آهي
ايوب جو روح ڀڄي پيو آهي ۽ قبر ائين ٿي لڳي ڄڻ بستري وانگر سنواريل هجي. هو پڇي ٿو ته ڪير هن جو ضامن ٿي بيهندو، ڇو ته هڪ به دوست وٽ ڏيڻ لاءِ ڏاهپ ناهي. جيڪڏهن هن کي کڏ کي پنهنجو پيءُ ۽ ڪيڙي کي پنهنجي ماءُ سڏڻو پوي، ته پوءِ هن جي اميد ڪٿي آهي؟
17 1”منهنجو روح ڀڳل آهي، منهنجا ڏينهن اجهامي ويا آهن، منهنجي لاءِ قبر تيار آهي. 2بيشڪ ٺٺولي ڪندڙ مون کي گهيري بيٺا آهن، ۽ منهنجون اکيون سندن طعنن تان نظر نٿيون هٽائي سگهن.
3”منهنجي لاءِ پاڻ وٽ ضمانت رک، ٻيو ڪير منهنجو ضامن ٿي هٿ ڏيندو؟ 4ڇاڪاڻ تہ تو سندن ذهن سمجهه کان بند ڪري ڇڏيا آهن، تنهنڪري تون کين غالب نہ ٿيڻ ڏيندين. 5جيڪو ذاتي فائدي لاءِ دوستن تي الزام هڻي ٿو، سندس ٻارن جون اکيون ڪمزور ٿي وينديون.
6”هن مون کي قومن ۾ ضرب المثل بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙو ماڻهو جنهن جي منهن تي ٿڪ اڇلايو وڃي ٿو. 7غم جي ڪري منهنجي اک ڌنڌلي ٿي وئي آهي، ۽ منهنجا سڀ عضوا پاڇي جهڙا آهن. 8سڌا ماڻهو هن تي حيران ٿين ٿا، ۽ بي ڏوهو بي خدا ماڻهن جي خلاف جاڳي اٿيو آهي. 9تڏهن بہ سچار پنهنجي واٽ تي قائم رهي ٿو، ۽ صاف هٿن وارو وڌيڪ کان وڌيڪ مضبوط ٿيندو وڃي ٿو.
10”پر اوهين سڀ وري موٽي اچو، اچو تہ سهي، مون کي اوهان ۾ هڪ بہ دانو ماڻهو نہ ٿو لڀي. 11منهنجا ڏينهن گذري ويا، منهنجا منصوبا ٽٽي ويا، ۽ انهن سان گڏ منهنجي دل جون خواهشون بہ. 12اهي رات کي ڏينهن ۾ بدلائين ٿا، اونداهيءَ جي سامهون چون ٿا تہ ’روشني ويجهي آهي‘. 13جيڪڏهن آءٌ قبر کي پنهنجو گهر سمجهي ان جي آس رکان، جيڪڏهن اونداهيءَ ۾ پنهنجو بسترو وڇايان، 14جيڪڏهن آءٌ کڏ کي ’تون منهنجو پيءُ آهين‘ ۽ ڪيڙي کي ’منهنجي ماءُ‘ ۽ ’منهنجي ڀيڻ‘ سڏيان، 15تہ پوءِ منهنجي اميد ڪٿي آهي؟ منهنجي لاءِ ڪير ڪا اميد ڏسي سگهي ٿو؟ 16ڇا اها قبر جي دروازن تائين هيٺ لهندي؟ ڇا اسين گڏجي مٽيءَ ۾ لهنداسين؟“