ڏکوئيندڙ تسلي ڏيندڙ
ايوب انهن کي ڏکوئيندڙ تسلي ڏيندڙ سڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته جيڪڏهن سندن جايون مٽجي وڃن ته هو به تقريرون ڪري سگهي ٿو. هو خدا کي هڪ جنگجوءَ طور بيان ڪري ٿو جنهن کيس ڳچيءَ کان پڪڙيو ۽ نشانو بڻائي بيهاريو. تڏهن به هو زور ڏئي ٿو ته آسمان ۾ هن جو هڪ شاهد بيٺو آهي.
16 1پوءِ ايوب وراڻيو تہ 2”مون اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌيون آهن؛ اوهين سڀ ڏکوئيندڙ تسلي ڏيندڙ آهيو. 3ڇا اوهان جي هوائي ڳالهين جي ڪا حد ناهي؟ اوهان کي ڪهڙي شيءِ اڀاري ٿي جو اوهين جواب ڏيندا ٿا رهو؟ 4جيڪڏهن اوهين منهنجي جاءِ تي هجو ها تہ آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي سگهان ها؛ آءٌ اوهان جي خلاف ڳالهيون جوڙي سگهان ها ۽ اوهان تي مٿو ڌوڻي سگهان ها. 5پر آءٌ پنهنجي وات سان اوهان کي همت ڏيان ها، ۽ منهنجي چپن جي تسلي اوهان جو درد گهٽائي ها. 6جيڪڏهن آءٌ ڳالهايان تہ منهنجو درد گهٽجي نہ ٿو؛ ۽ جيڪڏهن آءٌ چپ ڪريان تہ مون کان ڇا ٽري ٿو؟ 7بيشڪ هاڻي خدا مون کي ٿڪائي وڌو آهي؛ تو منهنجي سڄي ٽولي کي اجاڙي ڇڏيو آهي. 8تو مون کي سڪائي ڇڏيو آهي، ۽ اهو شاهدي بڻجي پيو آهي؛ منهنجي ڏٻرائپ منهنجي خلاف اٿي منهنجي منهن تي شاهدي ڏئي ٿي. 9سندس غضب مون کي ڦاڙي ڇڏيو ۽ مون تي حملو ڪيو آهي؛ هن مون تي ڏند ڪرٽيا آهن؛ منهنجو مخالف مون تي نظر کوڙي ٿو. 10ماڻهن مون تي وات ڦاڙيا آهن؛ هنن ٺٺولي ۾ منهنجي ڳل تي ڌڪ هنيا آهن؛ اهي منهنجي خلاف گڏجي ٿا اچن. 11خدا مون کي بي انصافن جي حوالي ڪري ٿو ۽ بدڪارن جي چنبي ۾ اڇلائي ٿو. 12آءٌ آرام ۾ هوس، تڏهن هن مون کي چُور چُور ڪري ڇڏيو؛ ڳچيءَ کان جهلي ٽڪرا ٽڪرا ڪيائين؛ مون کي پنهنجو نشانو بڻايائين. 13سندس تير انداز مون کي گهيري بيٺا آهن؛ هو بي رحميءَ سان منهنجا گردا چيري ٿو ۽ منهنجو پِتو زمين تي وهائي ٿو. 14هو ڌڪ مٿان ڌڪ هڻي مون کي ٽوڙي ٿو؛ جنگجوءَ وانگر مون تي ڪاهي اچي ٿو. 15مون پنهنجي چمڙيءَ تي ماتم جو لباس سبيو آهي ۽ پنهنجي پيشانيءَ کي مٽيءَ ۾ دفنايو اٿم. 16روئڻ سبب منهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو آهي، ۽ منهنجين پلڪن تي گهرو پاڇو پيل آهي، 17جيتوڻيڪ منهنجي هٿن ۾ ڪو ظلم ناهي ۽ منهنجي دعا پاڪ آهي. 18اي زمين، منهنجو رت نہ ڍڪ، ۽ منهنجي دانهن کي ڪٿي ٺڪاڻو نہ ملي. 19هاڻي بہ منهنجو شاهد آسمان ۾ آهي، ۽ منهنجو وڪيل مٿاهين ۾ آهي. 20منهنجا دوست مون سان ٺٺولي ٿا ڪن؛ منهنجي اک خدا اڳيان ڳوڙها ڳاڙي ٿي، 21تہ هو ماڻهوءَ جي حق ۾ خدا اڳيان دليل ڏئي، جيئن آدم جو پٽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي حق ۾ دليل ڏئي ٿو. 22ڇاڪاڻ تہ فقط ٿورا ورهيه گذرندا، پوءِ آءٌ انهيءَ واٽ تي هلندس جتان موٽڻ ڪونهي.“