ست آخري آفتون
جن جانور کي رد ڪيو اهي شيشي جي سمنڊ جي ڪناري بيٺا موسيٰ جو گيت ۽ گھيٽي جو گيت ڳائين ٿا، ۽ اسان جي پيءُ جي واٽن کي سچو ۽ حق چون ٿا. ست ملائڪ چمڪندڙ ڪتاني ڪپڙن ۾ ست پيالن سان نڪرن ٿا، ۽ مقدس ۾ دونھون ڀرجي وڃي ٿو ته ڪو به داخل نٿو ٿي سگهي جيستائين اهي پيالا اوندا نه ڪيا وڃن.
15 1مون آسمان ۾ هڪ ٻي نشاني ڏٺي، وڏي ۽ عجيب: ست ملائڪ ست آخري آفتون کنيو بيٺا هئا، ڇالاءِ جو انهن سان اسان جي پيءُ جو غضب پورو ٿيو.
2مون شيشي جھڙو هڪ سمنڊ ڏٺو، جنهن ۾ باهه ملايل هئي. انهيءَ جي ڪناري تي اهي بيٺا هئا جن حيوان تي، سندس صورت تي ۽ سندس نالي جي عدد تي غلبو حاصل ڪيو هو، ۽ اسان جي پيءُ جون ڏنل بربطون هنن جي هٿن ۾ هيون. 3پوءِ هنن اسان جي پيءُ جي خادم موسيٰ جو گيت ۽ گھيٽي يسوع جو گيت ڳايو تہ ”تنهنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آهن، اي حاڪم قادر مطلق بابا! تنهنجا طريقا سچا ۽ حق وارا آهن، اي قومن جا بادشاهه! 4اي بابا، تو کان ڪير نہ ڊڄندو ۽ تنهنجي نالي کي ڪير جلوو نہ ڏيندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀ قومون اينديون ۽ تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِ جو تنهنجا سچائيءَ وارا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“
5انهيءَ کان پوءِ مون نهاريو تہ آسمان ۾ هيڪل، يعني شاهديءَ جو خيمو، کوليو ويو. 6ست آفتن وارا اهي ست ملائڪ هيڪل مان نڪتا، پاڪ چمڪندڙ ڪتان جا ڪپڙا پاتل ۽ سينن تي سون جا پٽا ٻڌل.
7پوءِ چئن جيئرن مخلوقن مان هڪڙي انهن ستن ملائڪن کي سون جا ست پيالا ڏنا، جيڪي ابد تائين جيئرو رهندڙ اسان جي پيءُ جي غضب سان ڀريل هئا. 8هيڪل اسان جي پيءُ جي جلوي ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي وئي؛ جيستائين ست ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيستائين ڪو بہ انهيءَ ۾ داخل نہ ٿي سگهيو.