ڇپيل
ڪتاب

انهن مان سڀ کان وڏو

هر اها نعمت جنهن تي هو مقابلو ڪري رهيا آهن — ٻوليون، نبوت، علم، جبلن کي هٽائيندڙ ايمان، ايستائين جو سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏڻ — محبت کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. محبت صبر ڪندڙ آهي، بڇڙاين جو حساب نٿي رکي، ۽ نعمتن کان وڌيڪ قائم رهي ٿي، جيڪي تڏهن ختم ٿي وينديون جڏهن اسين منهن منهن ڏسنداسين.

باب 13.

جيڪڏهن آءٌ ماڻهن ۽ ملائڪن جي ٻولين ۾ ڳالهايان، پر مون ۾ پيار نہ هجي، تہ آءٌ گوڙ ڪندڙ گھنٽو ۽ کڙڪندڙ جھانجھ آهيان. جيڪڏهن آءٌ نبوت ڪري سگھان، سڀ ڀيد ۽ سمورو علم سمجھي سگھان، ۽ جبلن کي هٽائڻ جيترو پورو ايمان رکان، پر مون ۾ پيار نہ هجي، تہ آءٌ ڪجھ بہ ناهيان. جيڪڏهن آءٌ پنهنجو سمورو مال ڏئي ڇڏيان، ۽ فخر لاءِ پنهنجو بدن بہ حوالي ڪري ڇڏيان، پر مون ۾ پيار نہ هجي، تہ مون کي ڪو بہ فائدو نہ ٿو ٿئي.

پيار صبر وارو آهي، پيار مهربان آهي. اهو حسد نہ ٿو ڪري، شيخي نہ ٿو هڻي، گھمنڊ نہ ٿو ڪري. اهو بدتميزي نہ ٿو ڪري، پنهنجي ئي فائدي جو طالب نہ ٿو ٿئي، ڪاوڙجي نہ ٿو، بڇڙائين جو حساب نہ ٿو رکي. پيار بدڪاريءَ تي خوش نہ ٿو ٿئي، پر سچ سان گڏ خوش ٿئي ٿو. اهو هميشه حفاظت ڪري ٿو، هميشه ڀروسو ڪري ٿو، هميشه اميد رکي ٿو، هميشه ثابت قدم رهي ٿو.

پيار ڪڏهن بہ ناڪام نہ ٿو ٿئي. پر نبوتون ختم ٿينديون، ٻوليون بند ٿي وينديون، ۽ علم ختم ٿي ويندو. ڇالاءِ جو اسين اڌورو ڄاڻون ٿا ۽ اڌورو نبوت ڪريون ٿا، پر جڏهن پورائي ايندي، تڏهن جيڪا شيءِ اڌوري آهي سا ختم ٿي ويندي. جڏهن آءٌ ٻار هوس، تڏهن ٻار وانگر ڳالهائيندو هوس، ٻار وانگر سوچيندو هوس، ٻار وانگر سمجھندو هوس. جڏهن آءٌ مرد ٿيس، تڏهن مون ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون. هاڻي اسين آرسيءَ ۾ ڌنڌلي صورت ڏسون ٿا؛ پوءِ منهن مقابل ڏسنداسين. هاڻي آءٌ اڌورو ڄاڻان ٿو؛ پوءِ آءٌ ائين پورو ڄاڻندس، جيئن مون کي پورو ڄاتو ويو آهي. هاڻي اهي ٽي رهن ٿا: ايمان، اميد ۽ پيار. پر انهن مان سڀ کان وڏو پيار آهي.