تو ۾ ڪو عيب ناهي
مرد عورت جي هر عضوي جي ساراهه ڪري ٿو، کيس پنهنجي ڪنوار ۽ ڀيڻ سڏي ٿو، ۽ چوي ٿو ته هن ۾ ڪو عيب ناهي. هوءَ تالي وارو باغ، مهر ٿيل چشمو آهي، رڳو هن جي آهي. آخر ۾ هوءَ جواب ڏئي ٿي، هوا کي سڏي ٿي ۽ پاڻ ئي اهو باغ کولي ٿي.
4 1منهنجي پياري، تون ڪيتري نہ سهڻي آهين! تون ڪيتري نہ سهڻي آهين! تنهنجي پردي جي پويان تنهنجيون اکيون ڪبوتر آهن. تنهنجا وار ٻڪرين جي ان ڌڻ جهڙا آهن جيڪو گلعاد جي ڍاڪن تان لهي ٿو. 2تنهنجا ڏند نئين ڪتريل رڍن جي ان ڌڻ جهڙا آهن جيڪو ڌوئڻ کان پوءِ مٿي اچي ٿو، هر هڪ ٻہ ٻچا ڄڻيندڙ آهي، ۽ انهن مان ڪابہ پنهنجن ٻچن کان وانجهيل ناهي. 3تنهنجا چپ ڳاڙهي ڌاڳي جهڙا آهن، ۽ تنهنجو وات سهڻو آهي. تنهنجي پردي جي پويان تنهنجا ڳل انار جي ٻن ڦاڙن جهڙا آهن. 4تنهنجي ڳچي دائود جي ان برج جهڙي آهي، جيڪو پٿرن جي قطارن ۾ ٺهيل آهي؛ ان تي هزار ڍالون ٽنگيل آهن، هر هڪ ويڙهاڪ جي ڍال آهي. 5تنهنجيون ٻئي ڇاتيون ٻن هرڻ جي ٻچن جهڙيون آهن، هرڻيءَ جا ٻہ ٻچا، جيڪي سوسن جي گلن ۾ چري رهيا آهن. 6جيستائين ڏينهن ساھ کڻي ۽ پاڇا ڀڄي وڃن، تيستائين آءٌ مُر جي جبل ڏانهن ۽ لوبان جي ٽڪريءَ ڏانهن ويندس. 7منهنجي پياري، تون پوريءَ طرح سهڻي آهين؛ تو ۾ ڪو عيب ناهي.
8اي منهنجي ڪنوار، مون سان گڏ لبنان کان اچ؛ مون سان گڏ لبنان کان اچ. امانہ جي چوٽيءَ تان، سنير ۽ حرمون جي چوٽيءَ تان، شينهن جي ڳولهن کان، چيتن جي جبلي ٿاڻن کان هيٺ نهار. 9اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، تو منهنجي دل موهي ورتي آهي؛ تو پنهنجين اکين جي هڪ نظر سان، پنهنجي هار جي هڪ موتيءَ سان منهنجي دل موهي ورتي آهي. 10اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، تنهنجو پيار ڪيڏو نہ سهڻو آهي! تنهنجو پيار شراب کان ڪيترو نہ بهتر آهي، ۽ تنهنجي عطرن جي خوشبوءِ ڪنهن بہ مصالحي کان! 11اي منهنجي ڪنوار، تنهنجي چپن مان مٺو رس ٽمي ٿو؛ تنهنجي زبان هيٺان ماکي ۽ کير آهي، ۽ تنهنجي پوشاڪ جي خوشبوءِ لبنان جي خوشبوءِ جهڙي آهي.
12منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار هڪ بند ٿيل باغ آهي، هڪ بند ٿيل چشمو، هڪ مهر ٿيل ڪوهه. 13تنهنجيون ٽاريون اناريءَ جو باغ آهن، جن ۾ چونڊ ميوا آهن، جٽاماسيءَ سان گڏ مهندي، 14جٽاماسي ۽ زعفران، خوشبودار نڙ ۽ دارچيني، لوبان، مُر ۽ عود جي هر وڻ سان گڏ، سڀ کان عمدن مصالحن سان. a a v14 خوشبودار نڙ هڪ مٺي خوشبوءِ وارو نڙ آهي جيڪو مصالحي طور ڪتب ايندو آهي. 15تون باغ جو چشمو، جيئري پاڻيءَ جو ڪوهه ۽ لبنان کان هيٺ وهندڙ نديون آهين. 16اي اتر جي هوا، جاڳ، اي ڏکڻ جي هوا، اچ! منهنجي باغ تي ڦوڪ ڏي، تہ جيئن ان جا مصالحا وهن. منهنجو محبوب پنهنجي باغ ۾ اچي ۽ ان جا عمدا ميوا کائي.