بادشاهه جي شاديءَ جو ڏينهن
عورت اونداهي شهر ۾ پنهنجي محبوب کي ڳولي ٿي، پهريدارن کان پڇي ٿي، پوءِ هن کي ڳولي لهي ٿي ۽ تيستائين نه ڇڏيندي جيستائين هن کي پنهنجي ماءُ جي گهر نه آڻي. پوءِ ٻيا آواز سليمان جي سنڀاليل پالڪي کي ويجهو ايندي ڏسن ٿا، بادشاهه پنهنجي شاديءَ جي ڏينهن تاج پهريل آهي.
3 1رات جو پنهنجي بستر تي مون ان کي ڳوليو جنهن کي منهنجو روح پيار ڪري ٿو؛ مون کيس ڳوليو، پر هو مون کي نہ مليو. 2هاڻي آءٌ اُٿي شهر ۾ گھمندي ڦرنديس، گهٽين ۽ چوڪن ۾؛ ان کي ڳوليندس جنهن کي منهنجو روح پيار ڪري ٿو. مون کيس ڳوليو، پر هو مون کي نہ مليو. 3شهر ۾ گشت ڪندي پهريدار مون کي مليا. ”ڇا اوهان ان کي ڏٺو آهي جنهن کي منهنجو روح پيار ڪري ٿو؟“ 4مون کين مشڪل سان لنگھيو ئي هو جو مون کي اهو مليو جنهن کي منهنجو روح پيار ڪري ٿو. مون کيس جھلي ورتو، جيستائين کيس پنهنجي ماءُ جي گھر، مون کي ڄڻيندڙ جي ڪمري ۾ نہ آندم، تيستائين ڇڏيم ئي نہ. 5اي يروشلم جون ڌيئرون، آءٌ اوهان کي هرڻن ۽ جھنگ جي هرڻين جو قسم ڏيان ٿي: پيار کي نہ اُٿلايو ۽ نہ جاڳايو، جيستائين کيس وڻي.
6هيءَ ڪير آهي جيڪا بيابان مان مٿي اچي ٿي، دونھين جي ٿنڀن جيان، مُر ۽ لوبان سان معطر، واپاريءَ جي سڀني خوشبودار بوڪرن سان؟ 7ڏسو، اها سليمان جي پنهنجي پالڪي آهي، جنهن جي چوڌاري اسرائيل جي سورمن مان سٺ سورما آهن، 8اهي سڀ تلوارون جھليل، جنگ ۾ سيکاريل، هر هڪ پنهنجي تلوار پاسي ۾ ٻڌيل، رات جي خوف کان بچاءَ لاءِ. 9بادشاهه سليمان پاڻ لاءِ لبنان جي ڪاٺيءَ مان پالڪي ٺاھي. 10ان جا ٿنڀا چانديءَ جا ٺاھيائين، پٺ سون جي، ويھڻ جي جاءِ ارغواني؛ ان جو اندريون حصو يروشلم جي ڌيئرن پيار سان جڙيو هو. 11اي صيون جون ڌيئرون، ٻاهر نڪري اچو، ۽ بادشاهه سليمان کي ڏسو، جنهن کي سندس ماءُ جو شاديءَ جي ڏينهن پهرايل تاج پاتل آهي، ان ڏينهن جڏهن سندس دل خوش ٿي.