اکيون تو تي کتل
داؤد جو زبور.
شام جي دعا جيڪا بخور وانگر پيش ڪئي وئي. هو پنهنجي پيءُ کان جنهن شيءِ جي نگهباني گهري ٿو اها سندس پنهنجي زبان ۽ اشتها آهي — ته بدڪارن سان شامل نه ٿئي ۽ سندن لذيذ کاڌن مان لطف نه وٺي — ۽ هو سچار ماڻهوءَ جي اصلاح کي پنهنجي مٿي تي تيل وانگر قبول ڪري ٿو.
141 1اي منهنجا بابا، آءٌ تو کي سڏيان ٿو؛ جلدي مون وٽ اچ. جڏهن آءٌ تو کي پڪاريان، تڏهن منهنجو آواز ٻڌ.
2منهنجي دعا بخور وانگر تنهنجي اڳيان مٿي چڙهي، منهنجن هٿن جو مٿي کڻڻ شام جي نذراني وانگر ٿئي.
3اي منهنجا بابا، منهنجي وات تي پهريدار ويهار؛ منهنجي چپن جي دروازي جي نگهباني ڪر. 4منهنجي دل کي ڪنهن بڇڙائيءَ ڏانهن نہ ورڻ ڏي، تہ بدڪارن سان گڏجي بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿيان؛ ۽ مون کي سندن لذيذ کاڌا کائڻ نہ ڏي.
5سچار ماڻهو مون کي ڌڪ هڻي —اها مهربانيءَ آهي؛ هو مون کي سڌاري—اهو منهنجي مٿي لاءِ تيل آهي؛ منهنجو مٿو ان کي رد نہ ڪندو. پر منهنجي دعا هميشه بڇڙن جي ڪمن خلاف آهي.
6جڏهن سندن حاڪم پٿريلن ڏونگرن تان اڇلايا ويندا، تڏهن ماڻهو منهنجا لفظ ٻڌندا، ڇاڪاڻ تہ اهي مٺا آهن. 7جيئن ڪو زمين کي هر هلائي ڦاڙي ٿو، تيئن اسان جون هڏيون قبر جي وات وٽ پکڙيل آهن.
8پر منهنجيون اکيون تو تي کتل آهن، اي منهنجا مالڪ بابا؛ تو ۾ پناهه وٺان ٿو—مون کي بي سهارو نہ ڇڏ. 9مون کي ان ڦندي کان بچاءِ جيڪو هنن مون لاءِ وڇايو آهي، ۽ بدڪارن جي جالن کان. 10بڇڙا پنهنجن ئي جالن ۾ ڪري پون، جڏهن تہ آءٌ اڪيلو سلامتيءَ سان لنگهي وڃان.