ڇپيل
ڪتاب

پولس تي فيسطس اڳيان الزام

نئون گورنر اهو مقدمو ورثي ۾ وٺي ٿو ۽ گهات جو پراڻو منصوبو وري اڀري ٿو. يروشلم موڪلجڻ بدران، پولس قيصر وٽ اپيل ڪري ٿو ۽ فيستس اها منظور ڪري ٿو. اڪيلائيءَ ۾ فيستس مڃي ٿو ته تڪرار يسوع نالي هڪ مئل ماڻهوءَ بابت آهي، جنهن لاءِ پولس زور ڏئي ٿو ته هو جيئرو آهي.

باب 25.

فيسطس صوبي ۾ پهچڻ کان ٽن ڏينهن پوءِ ڪيسريا کان يروشلم ڏانهن چڙهي ويو. اتي سردار ڪاهنن ۽ يهودي اڳواڻن پولس جي خلاف پنهنجو مقدمو پيش ڪري فيسطس کي منٿون ڪندا رهيا، ته مهرباني ڪري پولس کي يروشلم گھرائي وٺي. اهي رستي ۾ کيس مارڻ لاءِ گھات لڳائي رهيا هئا. فيسطس وراڻيو تہ پولس ڪيسريا ۾ نظربند آهي ۽ پاڻ بہ جلد اتي هلي ويندو. چيائين تہ ”تنهنڪري اوهان مان جيڪي قابل آهن سي مون سان گڏ هيٺ هلن ۽ جيڪڏهن ان ماڻهوءَ ۾ ڪا خرابي آهي تہ ان تي الزام هڻن.“

فيسطس انهن وٽ اٺن يا ڏهن ڏينهن کان وڌيڪ نہ رهيو ۽ ڪيسريا هيٺ لهي ويو. ٻئي ڏينهن منصف جي ڪرسيءَ تي ويهي پولس کي آڻڻ جو حڪم ڏنائين. جڏهن پولس پهتو تڏهن يروشلم کان آيل يهودين کيس چوڌاري گھيري ورتو ۽ ڪيترا سنگين الزام لڳايائون، پر اهي ثابت ڪري نہ سگھيا. پولس پنهنجي صفائي ۾ وراڻيو تہ ”مون نہ يهودي شريعت جي خلاف، نہ هيڪل جي خلاف ۽ نہ قيصر جي خلاف ڪابہ برائي ڪئي آهي.“

پر فيسطس يهودين کي خوش ڪرڻ جي ارادي سان پولس کان پڇيو تہ ”ڇا تون يروشلم وڃڻ ۽ اتي مون اڳيان انهن الزامن بابت پنهنجي مقدمي جي ٻڌڻي ڪرائڻ چاهين ٿو؟“

پولس چيو تہ ”آءٌ قيصر جي عدالت اڳيان بيٺو آهيان، جتي منهنجو فيصلو ٿيڻ گھرجي. مون يهودين سان ڪابہ برائي نہ ڪئي آهي، جيئن اوهان پاڻ چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا. جيڪڏهن مون برائي ڪئي آهي، يعني ڪو اهڙو ڪم ڪيو آهي جيڪو موت جي لائق آهي، تہ مرڻ کان انڪار نہ ڪندس. پر جيڪڏهن انهن ماڻهن جا مون تي الزام بي بنياد آهن تہ ڪو بہ مون کي انهن جي حوالي ڪري نہ ٿو سگھي. آءٌ قيصر وٽ اپيل ٿو ڪريان.“

پوءِ فيسطس پنهنجن صلاحڪارن سان صلاح ڪري وراڻيو تہ ”تو قيصر وٽ اپيل ڪئي آهي، سو قيصر وٽ ئي ويندين.“

ڪجھ ڏينهن پوءِ بادشاهه اگريپا ۽ برنيڪي ڪيسريا اچي فيسطس کي سلام ڪيائون. جڏهن اهي اتي ڪيترا ڏينهن رهيا تڏهن فيسطس بادشاهه اڳيان پولس جو معاملو پيش ڪندي چيو تہ ”فيلڪس هتي هڪ ماڻهوءَ کي قيدي ڪري ڇڏي ويو آهي. جڏهن آءٌ يروشلم ۾ هوس تڏهن يهودين جي سردار ڪاهنن ۽ بزرگن هن تي الزام هڻي مون کان کيس ڏوهاري ٺهرائڻ جي گھر ڪيائون. مون کين چيو تہ رومين جو دستور ناهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي حوالي ڪجي، جيستائين ملزم کي پنهنجن الزام هڻندڙن سان سامهون سامهون ٿيڻ ۽ الزام جي جواب ۾ پنهنجي صفائي ڏيڻ جو موقعو نہ ملي. تنهنڪري جڏهن اهي هتي گڏ ٿيا تڏهن مون ڪابہ دير نہ ڪئي، ٻئي ڏينهن منصف جي ڪرسيءَ تي ويهي ان ماڻهوءَ کي آڻڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن سندس مدعي اٿي بيٺا تڏهن هنن انهن ڏوهن مان، جن جي مون کي توقع هئي، ڪو بہ فوجداري الزام نہ هنيو. پر هنن جا پنهنجي مذهب بابت ۽ يسوع نالي هڪ مئل ماڻهوءَ بابت هن سان ڪجھ جھيڙا هئا، جنهن بابت پولس چوندو رهيو تہ اهو جيئرو آهي. مون کي خبر نہ پئي تہ انهن معاملن جي تحقيق ڪيئن ڪجي، تنهنڪري مون کانئس پڇيو تہ ڇا هو يروشلم وڃي اتي انهن الزامن بابت پيش ٿيڻ چاهي ٿو. پر جڏهن پولس شهنشاهه جي فيصلي تائين نظربند رهڻ جي اپيل ڪئي تڏهن مون حڪم ڏنو تہ جيستائين کيس قيصر ڏانهن موڪليان، تيستائين کيس نظربند رکيو وڃي.“

اگريپا فيسطس کي چيو تہ ”آءٌ پاڻ بہ ان ماڻهوءَ کي ٻڌڻ چاهيان ٿو.“ فيسطس چيو تہ ”سڀاڻي اوهان کيس ٻڌندا.“

پولس اگريپا ۽ برنيڪي اڳيان بيٺو

ٻئي ڏينهن اگريپا ۽ برنيڪي وڏي شان شوڪت سان آيا ۽ فوجي ڪمانڊرن ۽ شهر جي معزز ماڻهن سان گڏ ديوان ۾ داخل ٿيا. فيسطس جي حڪم تي پولس کي آندو ويو. فيسطس چيو تہ ”اي بادشاهه اگريپا ۽ اسان سان گڏ حاضر سڀيئي ماڻهو! اوهان هن ماڻهوءَ کي ڏسو ٿا. سڄي يهودي قوم مون وٽ هن بابت فرياد ڪئي، يروشلم ۾ بہ ۽ هتي بہ، ۽ رڙيون ڪندي چيائون تہ هن کي هاڻي وڌيڪ جيئرو رهڻ نہ گھرجي. پر جڏهن مون کيس موت جي لائق ڪو ڏوهه نہ لڌو ۽ هن پاڻ شهنشاهه وٽ اپيل ڪئي، تڏهن مون کيس موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. هن بابت پنهنجي مالڪ ڏانهن لکڻ لاءِ مون وٽ ڪابہ پڪي ڳالهه ناهي، تنهنڪري مون هن کي اوهان سڀني اڳيان، خاص ڪري اي بادشاهه اگريپا اوهان اڳيان آندو آهي، تہ جيئن هن جانچ کان پوءِ مون وٽ لکڻ لاءِ ڪجھ هجي. ڇاڪاڻ تہ مون کي نامناسب لڳي ٿو تہ ڪنهن قيدي کي سندس خلاف الزام ٻڌائڻ کانسواءِ موڪليان.“