پيءُ جي روشنيءَ کي ڪو روڪي نہ ٿو سگهي
سون جو ڏيئٽ جنهن کي ٻه زيتون جا وڻ تيل ڏين ٿا، زربابل جي ننڍي، اڻپورو هيڪل بابت مايوسي جو جواب آهي. اسان جي پيءُ جو ڪلام هن ڏانهن: نه زور سان، نه طاقت سان، پر منهنجي روح سان. جن هٿن بنياد رکيو اهي ئي ان کي پورو ڪندا؛ ڪنهن کي به ننڍين شين کي ناچيز نه سمجهڻ گهرجي.
اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 6–7, 9–10
4 1پوءِ جيڪو ملائڪ مون سان ڳالهائيندو هو، سو موٽي اچي مون کي ننڊ مان جاڳايل ماڻهوءَ وانگر جاڳايائين. 2هن پڇيو تہ ”تون ڇا ٿو ڏسين؟“ مون وراڻيو تہ ”مون کي ڏيئن جو هڪ سونو ٿنڀو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن جي مٿان هڪ ٿانءُ آهي، ست ڏيئا آهن، ۽ مٿي هر ڏيئي لاءِ ست نالا آهن.
3ان جي ڀرسان زيتون جا ٻہ وڻ بيٺل آهن، هڪڙو ٿانءَ جي ساڄي پاسي ۽ ٻيو ان جي کاٻي پاسي.“
4پوءِ مون ان ملائڪ کي، جيڪو مون سان ڳالهائيندو هو، چيو تہ ”اي منهنجا مالڪ، هي ڇا آهن؟“
5تڏهن مون سان ڳالهائيندڙ ملائڪ چيو تہ ”ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ هي ڇا آهن؟“ مون چيو تہ ”نہ، اي منهنجا مالڪ.“
6هن مون کي چيو تہ ”زربابل ڏانهن اسان جي پيءُ جو ڪلام هي آهي: نہ زور سان، نہ طاقت سان، پر منهنجي روح سان، آسمان جي لشڪرن جو پيءُ فرمائي ٿو. 7اي وڏا جبل، تون ڪير آهين؟ زربابل جي اڳيان تون سنوت ميدان ٿي ويندين. هو رڙ ڪندي چوٽيءَ جو پٿر ڪڍي اچي ٿو تہ ’فضل، فضل ان تي!‘
8پوءِ اسان جي پيءُ جو ڪلام مون ڏانهن آيو تہ
9زربابل جي هٿن هن گھر جو بنياد رکيو آهي، سندس هٿ ئي ان کي پورو ڪندا. تڏهن تون ڄاڻندين تہ آسمان جي لشڪرن جي پيءُ مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي. 10ننڍين ڳالهين جي ڏينهن کي ڪنهن حقير ڄاتو آهي؟ زربابل جي هٿ ۾ شاقول ڏسي اهي خوش ٿيندا. هي ست اسان جي پيءُ جون اکيون آهن، جيڪي سڄي زمين تي گھمنديون ڦرنديون آهن.“
11پوءِ مون کانئس پڇيو تہ ”ڏيئن جي ٿنڀي جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارا زيتون جا هي ٻہ وڻ ڇا آهن؟“ 12مون وري پڇيو تہ ”زيتون جون هي ٻہ ٽاريون ڇا آهن، جيڪي ٻن سونن نلين جي ڀرسان آهن ۽ جن مان سونو تيل وهي ٿو؟“
13هن مون کي چيو تہ ”ڇا تون نہ ٿو ڄاڻين تہ هي ڇا آهن؟“ مون چيو تہ ”نہ، اي منهنجا مالڪ.“
14هن چيو تہ ”هي ٻہ مسح ٿيل ماڻهو آهن، جيڪي سڄي زمين جي حاڪم وٽ بيٺا آهن.“