اچو تہ سندس گھر ڏانهن هلون
زيارت جو گيت. داؤد جو.
زيارتي جي خوشي ته اسان جي پيءُ جي گهر پهچي ويو، سندس پير سچ پچ دروازن اندر بيٺا آهن. شهر اهو آهي جتي قبيلا گڏ ٿين ٿا ۽ جتان انصاف ڏنو وڃي ٿو، تنهنڪري هو ان جي سلامتيءَ لاءِ دعا ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو ته اهو پنهنجي ڀائرن جي خاطر ڪري ٿو، پنهنجي نه.
122 1آءٌ انهن سان گڏ خوش ٿيس جن مون کي چيو تہ ”اچو تہ اسان جي پيءُ جي گھر ڏانهن هلون.“ 2اي يروشلم! اسان جا پير تنهنجن دروازن اندر بيٺا آهن. 3يروشلم، جيڪو اهڙي شهر وانگر اڏيل آهي جيڪو مضبوطيءَ سان ڳنڍيل آهي، 4جتي قبيلا چڙهي ٿا وڃن، اسان جي پيءُ جا قبيلا، اسرائيل لاءِ حڪم موجب، اسان جي پيءُ جي نالي جو شڪر ڪرڻ لاءِ. 5ڇاڪاڻ تہ اتي انصاف لاءِ تخت رکيا ويا، داؤد جي گھراڻي جا تخت.
6يروشلم جي سلامتيءَ لاءِ دعا گھرو تہ ”تو سان پيار ڪرڻ وارا آرام ۾ رهن. 7تنهنجي ڀتين اندر سلامتي هجي، تنهنجن قلعن ۾ امن هجي.“ 8پنهنجن ڀائرن ۽ ساٿين جي خاطر آءٌ چوندس تہ ”تو ۾ سلامتي هجي.“ 9اسان جي پيءُ جي گھر جي خاطر آءٌ تنهنجي ڀلائي گھرندس.