حزقياه موت جي در تي
جڏهن اسان جو پيءُ کيس ٻڌائي ٿو ته هو ٺيڪ نه ٿيندو، تڏهن حزقياه ڀت ڏانهن منهن ڪري روئي ٿو. پندرهن سال وڌايا وڃن ٿا، ۽ ثبوت طور سج جو پاڇو پوئتي هٽي ٿو. سندس لکيل دعا موت جي خوف بابت ڪا رعايت نٿي ڪري، ۽ ان ڳالهه تي ختم ٿئي ٿي ته جيئرا ئي سندس واکاڻ ڪن ٿا.
اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 1, 5–8
38 1انهن ڏينهن ۾ حزقياه سخت بيمار ٿي پيو، ايتريقدر جو مرڻ تي هو. آموص جو پٽ يسعياه نبي وٽس آيو ۽ چيائينس تہ ”اسان جو پيءُ ٿو فرمائي تہ پنهنجي گھر جو بندوبست ڪر، ڇاڪاڻ تہ تون مرندين، بچي نہ سگهندين.“
2پوءِ حزقياه پنهنجو منهن ڀت ڏانهن ڪري اسان جي پيءُ ڏانهن دعا ڪئي، 3چيائين تہ ”اي منهنجا بابا، مهرباني ڪري ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن تنهنجي آڏو وفاداريءَ ۽ پوريءَ دل سان هليس ۽ جيڪو تنهنجي نظر ۾ چڱو هو سو ڪيم.“ حزقياه ڏاڍو روئي پيو.
4پوءِ يسعياه ڏانهن اسان جي پيءُ جو ڪلام آيو تہ
5”وڃ ۽ حزقياه کي ٻڌاءِ تہ ’اسان جو پيءُ، جيڪو تنهنجي ابي ڏاڏي داؤد جو پيءُ آهي، ٿو فرمائي تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي ۽ تنهنجا ڳوڙها ڏٺا آهن. آءٌ تنهنجي حياتيءَ ۾ پندرهن ورهيه وڌائي رهيو آهيان.‘ 6آءٌ تو کي ۽ هن شهر کي اسور جي بادشاهه جي هٿان ڇڏائيندس، ۽ هن شهر جي حفاظت ڪندس.
7”اسان جي پيءُ جي طرفان تو لاءِ هيءَ نشاني آهي تہ جيڪو واعدو ڪيائين سو پورو ڪندو: 8ڏس، آحز جي ڏاڪڻ تي سج ڏهه قدم هيٺ لٿو آهي، آءٌ پاڇي کي اوترا ئي ڏهه قدم پوئتي ڪندس.“ پوءِ سج جيترا ڏهه قدم لهي چڪو هو، اوترا پوئتي موٽي آيو.
9يهوداه جي بادشاهه حزقياه جي هڪ لکت، جيڪا هن پنهنجي بيماريءَ کان پوءِ شفا ملڻ تي لکي: 10مون چيو تہ ”پنهنجي ڏينهن جي اڌ ۾ مون کي قبر جي دروازن مان لنگهڻو آهي؛ منهنجي باقي ورهين کان مون کي محروم ڪيو ويو آهي.“ 11مون چيو تہ ”آءٌ زندن جي ملڪ ۾ اسان جي پيءُ کي پاڻ نہ ڏسندس؛ هن گذرندڙ دنيا جي رهاڪن ۾ آءٌ انسان ذات کي وري نہ ڏسندس. 12منهنجو ٺڪاڻو پٽجي ريڍار جي خيمي وانگر مون وٽان کنيو ويو آهي. مون جلاهي وانگر پنهنجي حياتي ويڙهي ڇڏي آهي؛ هو مون کي کڏيءَ کان ڪپي ٿو؛ ڏينهن کان رات تائين تون مون کي ختم ڪرين ٿو. 13آءٌ صبح تائين خاموشيءَ سان انتظار ڪندو رهيس، پر هو شينهن وانگر منهنجا سڀ هڏا ڀڃي ٿو؛ ڏينهن کان رات تائين تون مون کي ختم ڪرين ٿو. 14ابابيل يا ڪونج وانگر آءٌ ڀڻڪان ٿو؛ ڪبوتر وانگر ڪراهان ٿو. مٿي ڏسندي ڏسندي منهنجيون اکيون ٿڪجي پيون آهن. اي مالڪ بابا، آءٌ ڏاڍو تنگ آهيان؛ منهنجو ضامن ٿي!“ 15آءٌ ڇا چوان؟ هن مون سان ڳالهايو آهي ۽ پاڻ ئي اهو ڪيو اٿس. پنهنجي جيءَ جي ڪڙاڻ سبب آءٌ پنهنجا سڀ ورهيه آهستي آهستي هلندس. 16اي مالڪ بابا، انهن شين سان ماڻهو جيئن ٿا، ۽ انهن سڀني ۾ منهنجي روح جي حياتي آهي. تنهنڪري مون کي شفا ڏي ۽ جيئرو رک! 17بيشڪ منهنجي ئي ڀلائيءَ لاءِ مون اهڙي ڪڙاڻ سٺي. تو پنهنجي پيار سان منهنجي جان کي تباهيءَ جي کڏ کان بچائي رکيو، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجا سڀ گناهه پنهنجي پٺيان اڇلائي ڇڏيا آهن. 18ڇاڪاڻ تہ قبر تنهنجي ساراهه نہ ٿي ڪري سگهي؛ موت تنهنجي ساراهه جا گيت نہ ٿو ڳائي سگهي. جيڪي کڏ ۾ لهن ٿا سي تنهنجي وفاداريءَ جي اميد نہ ٿا رکي سگهن. 19جيئرا، جيئرا ئي تنهنجي ساراهه ٿا ڪن، جيئن اڄ آءٌ ٿو ڪريان؛ پيءُ ٻارن کي تنهنجي وفاداري ٿو ڄاڻائي. 20اسان جو پيءُ مون کي بچائيندو، ۽ اسان پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن اسان جي پيءُ جي گھر ۾ منهنجا گيت تارن وارن سازن تي وڄائينداسين.
21يسعياه چيو هو تہ ”انجير جي هڪ ٽڪي کڻي ڦوڙي تي لڳايو، تہ هو چڱو ڀلو ٿي ويندو.“ 22حزقياه پڇيو هو تہ ”اها ڪهڙي نشاني آهي تہ آءٌ اسان جي پيءُ جي گھر ڏانهن ويندس؟“