ڪڏهن بہ آسودو نہ ٿيڻ
هڪ ماڻهوءَ وٽ دولت، عزت ۽ هڪ سؤ ٻار هجن ۽ پوءِ به کيس انهن مان ڪنهن مان لطف وٺڻ جي اجازت نه هجي؛ واعظ چوي ٿو ته مئل ڄاول ٻار کي هن کان وڌيڪ آرام آهي. بک ڪڏهن به نٿي ڀرجي، ڏاهپ ڪو فائدو نٿي خريد ڪري، ۽ ڪوبه نٿو ڄاڻي ته پوءِ ڇا ٿيندو.
6 1مون سج جي هيٺان هڪ برائي ڏٺي آهي، جيڪا انسان تي ڏاڍي ڳري آهي: 2هڪ ماڻهو آهي، جنهن کي خدا دولت، مال ۽ عزت ڏني آهي، ايتري جو سندس جيءَ جي ڪنهن بہ خواهش جي کيس ڪمي ناهي؛ پر خدا کيس انهيءَ مان کائڻ نہ ٿو ڏئي، بلڪہ ڪو اجنبي اهو کائي ٿو. هي فاني آهي، هڪ ڏکوئيندڙ بيماري آهي.
3جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا سؤ ٻار ٿين ۽ هو ڪيترائي سال جيئرو رهي، پوءِ ڀلي سندس عمر ڪيتري بہ ڊگھي هجي، پر سندس جيءَ کي چڱين شين سان آسودگي نہ ملي ۽ کيس دفن بہ نہ ڪيو وڃي، تہ آءٌ چوان ٿو تہ مري ڄاتل ٻار هن کان بهتر آهي. 4اهو ڦوڪ وانگر اچي ٿو ۽ اونداهيءَ ۾ هليو وڃي ٿو، ۽ اونداهي سندس نالو ڍڪي ڇڏي ٿي. 5جيتوڻيڪ هن نہ ڪڏهن سج ڏٺو ۽ نہ ڪجهه ڄاتو، تڏهن بہ کيس انهيءَ ماڻهوءَ کان وڌيڪ آرام آهي. 6ڀلي هو ٻہ ڀيرا هزار سال جيئرو رهي، پر چڱائي نہ ڏسي، تہ ڇا سڀ هڪ ئي هنڌ نہ ٿا وڃن؟ 7ماڻهوءَ جي سموري محنت سندس وات لاءِ آهي، پر سندس بک ڪڏهن بہ نہ ٿي لهي. 8ڏاهي کي بيوقوف مٿان ڪهڙي برتري آهي؟ غريب ماڻهوءَ کي ٻين جي اڳيان پنهنجو هلڻ چلڻ ڄاڻڻ سان ڇا حاصل ٿئي ٿو؟ 9اکين جو ڏسڻ، خواهش جي ڀٽڪڻ کان بهتر آهي. هي بہ فاني آهي، هوا جي پٺيان ڊوڙڻ آهي. 10جيڪو بہ آهي، تنهن جو نالو اڳ ۾ ئي رکيو ويو آهي، ۽ ماڻهو ڇا آهي سو ڄاتل آهي؛ هو پاڻ کان زورآور سان جھيڙو نہ ٿو ڪري سگھي.
11جيترا وڌيڪ لفظ ٿين ٿا، اوترو سڀ ڪجهه وڌيڪ فاني ٿيندو وڃي ٿو، ۽ انهيءَ سان ڪنهن کي ڪهڙو فائدو؟ 12ڇاڪاڻ تہ ڪير ڄاڻي ٿو تہ ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي فاني زندگيءَ جي انهن ٿورن ڏينهن ۾، جيڪي پاڇي وانگر گذري وڃن ٿا، ڇا چڱو آهي؟ ڇاڪاڻ تہ کيس ڪير ٻڌائي سگھي ٿو تہ سج جي هيٺان سندس پٺيان ڇا ٿيندو؟