سڀني ماڻهن لاءِ دعا
پولس پهريان گذارش ڪري ٿو ته سڀني لاءِ دعا ڪئي وڃي، بادشاهن سميت، ڇاڪاڻ ته اسان جو پيءُ چاهي ٿو ته سڀ ماڻهو بچن، ۽ هڪ ئي وچولي، مسيح يسوع، پاڻ کي سڀني لاءِ ڏئي ڇڏيو. پوءِ مرد ڪاوڙ کان سواءِ دعا ڪن، ۽ عورتون سادو لباس پائين، خاموشيءَ سان سکن، ۽ تعليم نه ڏين.
2 1تنهنڪري آءٌ سڀ کان پهرين اها گذارش ٿو ڪريان تہ سڀني ماڻهن لاءِ منٿون، دعائون، شفاعتون ۽ شڪرانا ڪيا وڃن، 2بادشاهن ۽ سڀني اختيار وارن لاءِ بہ، تہ جيئن اسين پوري ديندارئي ۽ وقار سان امن ۽ سڪون واري زندگي گذاريون. 3اهو اسان جي پيءُ، اسان جي نجات ڏيندڙ کي چڱو ۽ وڻندڙ آهي، 4جيڪو چاهي ٿو تہ سڀ ماڻهو نجات حاصل ڪن ۽ سچائيءَ جي سڃاڻپ تائين پهچن. 5ڇالاءِ جو هڪڙو پيءُ آهي، ۽ پيءُ ۽ انسانن جي وچ ۾ هڪڙو وچولو بہ آهي، يعني انسان مسيح يسوع، 6جنهن سڀني جي فديي لاءِ پاڻ کي ڏنو—اها شاهدي مقرر وقت تي ڏني وئي. 7انهيءَ لاءِ مون کي منادي ڪندڙ ۽ رسول مقرر ڪيو ويو—آءٌ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نہ ٿو ڳالهايان—ايمان ۽ سچائيءَ ۾ قومن جو استاد. 8تنهنڪري آءٌ چاهيان ٿو تہ هر هنڌ مرد غصي ۽ بحث کان سواءِ پاڪ هٿ مٿي کڻي دعا ڪن.
9اهڙيءَ طرح عورتون بہ سادگي ۽ پرهيز سان مناسب لباس پائين، وارن جي گتن، سون، موتين يا قيمتي ڪپڙن سان نہ، 10پر نيڪ ڪمن سان، جيئن اسان جي پيءُ جي تعظيم جو اقرار ڪندڙ عورتن کي جڳائي ٿو. 11عورت خاموشيءَ سان، پوريءَ فرمانبرداريءَ سان سکي. 12آءٌ عورت کي اجازت نہ ٿو ڏيان تہ هوءَ مرد کي سيکاري يا هن تي اختيار ڪري؛ بلڪ خاموش رهي. 13ڇاڪاڻ تہ پهرين آدم کي جوڙيو ويو، پوءِ حوا کي. 14آدم کي ٺڳيو نہ ويو، پر عورت ٺڳي وئي ۽ ڏوهاري ٿي. 15پر ٻار ڄڻڻ ذريعي هوءَ نجات حاصل ڪندي، جيڪڏهن اهي ايمان، پيار ۽ پاڪائيءَ ۾ پرهيز سان قائم رهن. a a v15 ضمير ’هوءَ‘ کان ’اهي‘ ڏانهن بدلجي ٿو—جيئن اصل ۾ آهي—جنهن مان ممڪن آهي تہ عام طور تي اهي عورتون مراد آهن جيڪي انهن خوبين ۾ قائم رهن ٿيون.