ضوفر جو جواب
ضوفر اڃا تائين سڀ کان سخت آهي: ايوب تمام گهڻو ڳالهائي ٿو، ۽ خدا هن تي هن جي ڏوهه جي لائق کان گهٽ سزا رکي آهي. هو چوي ٿو ته پنهنجي تنبن مان گناهه ڪڍي ڇڏ، ته زندگي منجهند کان به وڌيڪ روشن ٿيندي. هو مڪمل طور تي پڪو آهي، ۽ اها ڳالهه هڪ بيگناهه ماڻهوءَ کي چئي رهيو آهي.
11 1پوءِ ضوفر نعماتيءَ وراڻيو تہ 2”ڇا لفظن جي هن ٻوڏ جو جواب نہ ڏنو وڃي؟ ڇا ايترو ڳالهائيندڙ ماڻهو سچو ثابت ڪيو وڃي؟ 3ڇا تنهنجي خالي ڳالهين ٻين کي چپ ڪرائڻ گهرجي؟ ڇا تون ٺٺولي ڪندين ۽ ڪو توکي شرمندو ڪرڻ وارو نہ هوندو؟ 4ڇاڪاڻ تہ تون چوين ٿو تہ ’منهنجي تعليم پاڪ آهي، ۽ آءٌ تنهنجي نظر ۾ صاف آهيان.‘ 5پر ڪاش خدا ڳالهائي ۽ تنهنجي خلاف پنهنجا چپ کولي، 6تو تي حڪمت جا ڳجها ڀيد ظاهر ڪري— ڇاڪاڻ تہ سچي حڪمت جا ٻه پاسا آهن. پوءِ ڄاڻ تہ خدا تو کي تنهنجي گناهه جي لائق کان گهٽ ڏوهاري ٺهرايو آهي. 7ڇا تون خدا جي اونهين ڳالهين کي سمجهي سگهين ٿو؟ ڇا تون قادرِ مطلق جي حد لهي سگهين ٿو؟ 8اهي آسمان کان بلند آهن— تون ڇا ڪري سگهين ٿو؟ قبر کان اونها آهن— تون ڇا ڄاڻي سگهين ٿو؟ 9انهن جو ماپ زمين کان ڊگهو ۽ سمنڊ کان وسيع آهي. 10جيڪڏهن هو لنگهي وڃي ۽ قيد ڪري ۽ عدالت ۾ سڏائي، تہ کيس ڪير موٽائي سگهي ٿو؟ 11ڇاڪاڻ تہ هو ڪمينن ماڻهن کي سڃاڻي ٿو؛ جڏهن بڇڙائي ڏسي ٿو، تڏهن ڇا ان تي ڌيان نہ ڏيندو؟ 12پر بي عقل ماڻهو تڏهن عقلمند ٿيندو جڏهن جهنگلي گڏه جو ٻچو انسان ٿي ڄمي. 13جيڪڏهن تون پنهنجي دل کي تيار ڪرين ۽ هن ڏانهن پنهنجا هٿ ڊگها ڪرين، 14جيڪڏهن تنهنجي هٿ ۾ گناهه آهي تہ ان کي پري ڪر، ۽ تنهنجن خيمن ۾ ڪابہ بي انصافي نہ رهي، 15تڏهن ضرور تون شرم کان آزاد ٿي منهن مٿي کڻندين؛ تون پڪو بيهندين ۽ ڊڄندين نہ. 16تون پنهنجي مصيبت وساري ڇڏيندين، ان کي وهي ويل پاڻيءَ وانگر ياد ڪندين. 17تنهنجي زندگي منجهند کان وڌيڪ روشن ٿيندي؛ ان جو اونداهو صبح جهڙو ٿيندو. 18تون بي خوف ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ اميد آهي؛ چوڌاري نهاري سلامتيءَ سان سمهندين. 19تون ائين سمهندين جو ڊيڄارڻ وارو ڪو نہ هوندو، ۽ گهڻا ماڻهو تنهنجي مهربانيءَ جا طالب ٿيندا. 20پر بدڪارن جون اکيون ٿڪجي پونديون؛ هر چوٽڪارو هنن کان گم ٿي ويندو، ۽ سندن واحد اميد آخري ساهه کڻڻ آهي.“