فلستين وارن وٽ دائود جي پناهه
يقين سان ته ساؤل آخرڪار کيس پڪڙي وٺندو، دائود جات جي اڪيس ڏانهن هليو وڃي ٿو ۽ کيس صقلاج ڏنو وڃي ٿو. هو ڏاکڻين قومن تي ڌاڙا هڻي ٿو، هر شاهد کي ماري ٿو، ۽ اڪيس کي ٻڌائي ٿو ته هو يهوداه تي حملا ڪندو رهيو آهي. اڪيس مٿس پورو يقين ڪري ٿو. هتي ڪجهه به ساراهه جوڳو ناهي، ۽ متن ان کي صاف صاف بيان ڪري ٿو.
27 1دائود پنهنجي دل ۾ سوچيو تہ ”هڪ ڏينهن مان ساؤل جي هٿان ختم ٿي ويندس. مون لاءِ ان کان ڀلو ڪجهه ناهي تہ جلدي فلستين جي ملڪ ڏانهن ڀڄي وڃان. پوءِ ساؤل اسرائيل جي سرحدن ۾ ڪٿي بہ مون کي ڳولڻ ڇڏي ڏيندو، ۽ مان سندس هٿان بچي ويندس.“ 2دائود اُٿي پنهنجن ڇهن سؤ ماڻهن سان گڏ نڪري، گت جي بادشاهہ معوڪ جي پٽ آڪيس ڏانهن هليو ويو. 3دائود ۽ سندس ماڻهو، هر هڪ پنهنجي گهراڻي سان گڏ، گت ۾ آڪيس وٽ رهيا. دائود پنهنجين ٻنهي زالن سان گڏ هو، يزرعيل واري اخينوعم ۽ ڪرمل واري ابيجيل سان، جيڪا نابال جي بيوه هئي. 4جڏهن ساؤل کي ٻڌايو ويو تہ دائود گت ڏانهن ڀڄي ويو آهي، تڏهن هن وري سندس ڳولا نہ ڪئي.
5دائود آڪيس کي چيو تہ ”جيڪڏهن تنهنجي نظر ۾ مون تي مهرباني آهي، تہ ملڪ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ مون کي رهڻ لاءِ جاءِ ڏي. تنهنجو ٻانهو شاهي شهر ۾ تو سان گڏ ڇو رهي؟“ 6انهيءَ ڏينهن آڪيس کيس صقلاج ڏنو. تنهنڪري صقلاج اڄ تائين يهودا جي بادشاهن جو آهي. 7دائود فلستين جي علائقي ۾ هڪ سال ۽ چار مهينا رهيو.
8دائود ۽ سندس ماڻهن مٿي وڃي گشورين، گرزين ۽ عمالقين تي حملو ڪيو، ڇاڪاڻ تہ اهي قديم زماني کان شور ڏانهن ۽ مصر جي ملڪ تائين انهيءَ ملڪ ۾ رهندا آيا هئا. 9جڏهن بہ دائود انهيءَ ملڪ تي حملو ڪندو هو، تڏهن نہ ڪنهن مرد کي نہ عورت کي جيئرو ڇڏيندو هو، رڍون، ڍور، گڏهه، اٺ ۽ ڪپڙا کڻي پوءِ آڪيس وٽ موٽي ايندو هو.
10آڪيس پڇندو هو تہ ”اڄ تو ڪٿي حملو ڪيو؟“ تہ دائود چوندو هو تہ ”يهودا جي نجب ڏانهن“، يا ”يرحمئيلين جي نجب ڏانهن“، يا ”قينين جي نجب ڏانهن.“
11دائود گت آڻڻ لاءِ نہ ڪنهن مرد کي نہ عورت کي جيئرو ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هن سوچيو تہ ”متان اهي اسان بابت خبر ڏين ۽ چون تہ ’دائود هيئن ڪيو آهي.‘“ جيستائين فلستين جي علائقي ۾ رهيو، تيستائين سندس هيءَ ئي عادت رهي.
12آڪيس دائود تي ڀروسو ڪيو ۽ سوچيائين تہ ”هن پنهنجي قوم اسرائيل ۾ پاڻ کي بلڪل نفرت جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري هو هميشہ منهنجو ٻانهو رهندو.“