ماپڻ جي ڏور وارو ماڻهو
هڪ ماپڻ وارو يروشلم کي ماپڻ نڪري ٿو ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته تڪليف نه ڪر — شهر ڪنهن به ديوار کان وڌي ويندو. اسان جو پيءُ پاڻ هن جي چوڌاري باهه جي ديوار ٿيندو ۽ هن جي اندر جلال ٿيندو، ۽ ڪيتريون قومون هن سان شامل ٿي سندس ٻار ٿينديون.
اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 5–7, 10–12
2 1پوءِ مون اکيون مٿي کڻي ڏٺو تہ هڪ ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ماپڻ جي ڏور هئي. 2مون پڇيو تہ ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟“ چيائين تہ ”يروشلم کي ماپڻ ٿو وڃان، تہ ڏسان تہ اها ڪيتري ويڪري ۽ ڪيتري ڊگهي آهي.“
3مون سان ڳالهائيندڙ ملائڪ هليو ويو، تڏهن ٻيو ملائڪ کيس ملڻ لاءِ نڪري آيو، 4۽ چيائينس تہ ”ڊوڙي وڃ، هن جوان کي ٻڌاءِ تہ ’يروشلم کليل ميدان وانگر آباد ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ ان ۾ ايترا گهڻا ماڻهو ۽ چوپايا هوندا.
5آءٌ پاڻ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت ٿيندس، اسان جو پيءُ فرمائي ٿو، ۽ ان جي وچ ۾ جلوو ٿيندس.‘“
6”اچو! اچو! اتر واري ملڪ مان ڀڄي نڪرو، اسان جو پيءُ فرمائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان کي آسمان جي چئن واچن وانگر پکيڙي ڇڏيو، اسان جو پيءُ فرمائي ٿو. 7اي صيهون، اچ! اي بابل جي ڌيءَ سان گڏ رهندڙ، ڀڄي نڪر!
8آسمانن جي لشڪرن جو پيءُ هيئن ٿو فرمائي—سندس جلوي مون کي انهن قومن ڏانهن موڪلڻ کان پوءِ جن اوهان کي لٽيو هو—تہ جيڪو اوهان کي ڇهي ٿو، سو سندس اک جي پتليءَ کي ڇهي ٿو:
9ڇاڪاڻ تہ ڏسو، آءٌ پنهنجو هٿ انهن مٿان لوڏيندس، ۽ اهي انهن لاءِ لٽ جو مال ٿيندا جن انهن جي خدمت ڪئي هئي. تڏهن اوهان ڄاڻندا تہ آسمانن جي لشڪرن جي پيءُ مون کي موڪليو آهي.
10اي صيهون جي ڌيءَ، ڳاءِ ۽ خوشي ڪر! ڇاڪاڻ تہ ڏس، آءٌ اچان ٿو تہ تو وچ ۾ رهان، اسان جو پيءُ فرمائي ٿو.
11”ان ڏينهن گهڻيون قومون اسان جي پيءُ سان شامل ٿينديون ۽ منهنجا ٻار ٿينديون. آءٌ تو وچ ۾ رهندس، ۽ تون ڄاڻندين تہ آسمانن جي لشڪرن جي پيءُ مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي. 12اسان جو پيءُ يهوداه کي پاڪ سرزمين ۾ پنهنجو حصو بڻائي وٺندو، ۽ يروشلم کي وري چونڊيندو.
13اي سڀ بشر، اسان جي پيءُ جي اڳيان خاموش ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي پاڪ رهائشگاهہ مان اٿي کڙو ٿيو آهي.“