ڇپيل
ڪتاب

اي منهنجا بابا، منهنجي لاءِ وڙهو

داؤد جو.

انهن ماڻهن جي حملي هيٺ جن لاءِ هن بيماريءَ ۾ روزو رکيو ۽ ماتم جا ڪپڙا پاتا هئا، دائود پنهنجي پيءُ کي عرض ڪري ٿو ته ڍال ۽ برڇي پاڻ کڻي. زخم خيانت آهي: سندس مهرباني جو بدلو ان وقت خوشيءَ سان ٺٺولي ڪري ڏنو ويو جڏهن هو ڪريو.

باب 35.

اي منهنجا بابا، جيڪي مون سان جھيڙو ڪن ٿا، تن سان تون جھيڙو ڪر؛ جيڪي مون سان وڙهن ٿا، تن سان تون وڙھ.

ڍال ۽ ننڍي ڍال کي پڪڙي، منهنجي مدد لاءِ اُٿ. منهنجو پيڇو ڪندڙن جي مقابلي ۾ ڀالو ۽ برڇي ڪڍ؛ منهنجي جان کي چؤ تہ ”آءٌ تنهنجو ڇوٽڪارو آهيان.“

جيڪي منهنجي جان جا طالب آهن، سي شرمسار ۽ خوار ٿين؛ جيڪي منهنجي نقصان جا منصوبا ٺاهين ٿا، سي پوئتي هٽايا وڃن ۽ ذليل ٿين. اهي واءَ اڳيان اڏامندڙ ڀوسي جھڙا ٿين، ۽ اسان جي پيءُ جو فرشتو کين ڌڪيندو رهي. سندن واٽ اونداهي ۽ چڪڻي ٿئي، ۽ اسان جي پيءُ جو فرشتو سندن پيڇو ڪندو رهي.

ڇاڪاڻ تہ بنا سبب هنن منهنجي لاءِ پنهنجو ڄار لڪايو، بنا سبب منهنجي جان لاءِ کڏ کوٽي. هن تي اوچتو تباهي اچي؛ جيڪو ڄار هن لڪايو، تنهن ۾ ئي هو ڦاسي؛ انهيءَ تباهيءَ ۾ ئي هو ڪري پوي.

تڏهن منهنجي جان منهنجي پيءُ ۾ خوش ٿيندي، ۽ سندس ڇوٽڪاري ۾ شادمان ٿيندي. منهنجا سڀ هڏا چوندا تہ ”اي منهنجا بابا، تو جھڙو ڪير آهي، جيڪو غريب کي هن کان وڌيڪ زورآور کان، ۽ غريب ۽ مسڪين کي هن کي ڦريندڙ کان ڇڏائي ٿو؟“

بدنيت شاهد اُٿن ٿا؛ جيڪي ڳالهيون مون کي خبر ناهن، تن بابت مون کان پڇن ٿا. اهي نيڪيءَ جي بدلي مون سان بدي ڪن ٿا؛ منهنجي جان اڪيلي ۽ ويران ٿي وئي آهي. پر جڏهن اهي بيمار هئا، تڏهن مون ماتمي ڪپڙا پاتا؛ روزي سان پاڻ کي نوڙايم، ۽ منهنجي دعا منهنجي ئي دل ڏانهن موٽندي رهي. a a v13 ”منهنجي دعا منهنجي ئي دل ڏانهن موٽندي رهي“ جو مطلب پڪو ناهي؛ ٿي سگهي ٿو تہ ان جو مطلب هجي تہ داؤد جون دعائون سچيون هيون پر انهن جو جواب نہ مليو. آءٌ ائين گھمندو هوس ڄڻ پنهنجي دوست يا ڀاءُ لاءِ ماتم ڪري رهيو هجان؛ آءٌ ماتم ۾ ائين جھڪيل هوس جيئن ڪو پنهنجي ماءُ لاءِ روئي. پر منهنجي ٺوڪر کائڻ تي اهي خوش ٿيا ۽ گڏ ٿيا؛ جن کي آءٌ نہ سڃاڻندو هوس، سي حملا ڪندڙ منهنجي خلاف گڏ ٿيا، ۽ بنا روڪ مون کي چيريندا رهيا. دعوت ۾ بي دين ٺٺوليون ڪندڙن وانگر، هنن مون تي ڏند ڪرٽيا.

اي منهنجا مالڪ بابا، ڪيستائين رڳو ڏسندو رهندين؟ منهنجي جان کي سندن تباهيءَ کان، منهنجي ھڪڙي ئي حياتيءَ کي شينهن کان بچاءِ. وڏي جماعت ۾ آءٌ تنهنجو شڪر ڪندس؛ زورآور ميڙ ۾ تنهنجي ساراهه ڪندس. منهنجا ڪوڙا دشمن مون تي خوش نہ ٿين، ۽ جيڪي مون کان بنا سبب نفرت ڪن ٿا، سي اک جو اشارو نہ ڪن. b b v19 يسوع هيءَ سٽ پنهنجي مٿان لاڳو ڪئي، يعني جن هن کان ”بنا سبب“ نفرت ڪئي؛ اها اها نفرت هئي جيڪا دنيا هن سان صليب ڏانهن وڃڻ وقت ڏيکاري (يوحنا 15:25). ڇاڪاڻ تہ اهي سلامتيءَ جون ڳالهيون نہ ٿا ڪن، پر ملڪ جي خاموش ماڻهن جي خلاف ٺڳيءَ جا منصوبا ٺاهين ٿا. اهي منهنجي خلاف وات ڦاڙين ٿا ۽ چون ٿا تہ ”واه! واه! اسان پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي!“

اي منهنجا بابا، تو ڏٺو آهي؛ چپ نہ ره. اي منهنجا مالڪ بابا، مون کان پري نہ ٿيءُ. منهنجي حق ۽ منهنجي مقدمي لاءِ جاڳ ۽ اُٿ، اي منهنجا مالڪ بابا! اي منهنجا بابا، تنهنجي سچائيءَ موجب منهنجو انصاف ڪر، ۽ کين مون تي خوش نہ ٿيڻ ڏي. اهي پنهنجي دل ۾ نہ چون تہ ”واه، اسان جي مراد پوري ٿي!“ اهي نہ چون تہ ”اسان هن کي نگلي ورتو.“

جيڪي منهنجي مصيبت تي خوش ٿين ٿا، سي گڏجي شرمسار ۽ خوار ٿين؛ جيڪي مون تي وڏائي ڪن ٿا، سي شرم ۽ ذلت ۾ ويڙهجي وڃن. جيڪي منهنجي انصاف تي خوش ٿين ٿا، سي خوشيءَ جا نعرا هڻن ۽ شاد ٿين؛ هو هميشه چوندا رهن تہ ”اسان جو پيءُ، جيڪو پنهنجي ٻانهي جي سلامتيءَ تي خوش ٿئي ٿو، سو وڏو آهي!“

پوءِ منهنجي زبان تنهنجي سچائي، ۽ سڄو ڏينهن تنهنجي ساراهه بيان ڪندي.