پکڙيل وارن جو نشان
هو تلوار سان پنهنجو مٿو ۽ ڏاڙهي ڪوڙي ٿو ۽ وارن کي وزن سان ورهائي ٿو، هر ٽيون حصو ساڙيو، ڪٽيو يا ٽڙيو پکڙيو وڃي ٿو، شهر جي انجام طور. اسان جو پيءُ چوي ٿو ته يروشلم، جنهن کي قومن جي وچ ۾ رکيو ويو، انهن کان به وڌيڪ بغاوت ڪئي.
اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 1–17
5 1”اي ابنِ آدم، تون هڪ تيز تلوار کڻي حجام جي استري وانگر پنهنجي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ تي گهمائ. پوءِ ترازو کڻي وارن کي ورهاءِ. 2جڏهن گهيري جا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن هڪ ٽيون حصو شهر جي اندر باهه ۾ ساڙ. ٻيو ٽيون حصو کڻي شهر جي چوڌاري تلوار سان ڪٽ. ٽيون حصو هوا ۾ ڇڙوار ڪر، ۽ آءٌ سندن پٺيان تلوار ڪڍندس. 3انهن مان ٿورا وار کڻي پنهنجي چوغي جي پلوءَ ۾ ٻڌي ڇڏ. 4وري انهن مان ڪجهه کڻي باهه ۾ اڇل ۽ ان ۾ ساڙي ڇڏ. اتان باهه اسرائيل جي سڄي گهراڻي ۾ پکڙجي ويندي.‘
5اختيار وارو پيءُ هيئن ٿو فرمائي تہ هيءَ يروشلم آهي. مون کيس قومن جي وچ ۾ رکيو، ۽ سندس چوڌاري ملڪ هئا. 6پر هن منهنجن حڪمن جي قومن کان وڌيڪ بڇڙائيءَ سان ۽ منهنجن قاعدن جي پنهنجي چوڌاري ملڪن کان وڌيڪ بغاوت ڪئي؛ ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجا حڪم رد ڪيا ۽ منهنجن قاعدن تي نہ هليا.
7تنهنڪري اختيار وارو پيءُ هيئن ٿو فرمائي تہ ”ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي چوڌاري قومن کان وڌيڪ باغي هئين، ۽ منهنجن قاعدن تي نہ هلئين ۽ تو منهنجا حڪم نہ پاليا، بلڪ پنهنجي چوڌاري قومن جي حڪمن موجب بہ نہ هلئين، 8تنهنڪري اختيار وارو پيءُ هيئن ٿو فرمائي تہ ’ڏس، آءٌ پاڻ تو خلاف آهيان، ۽ قومن جي اکين آڏو تو ۾ فيصلا ڪندس. 9تنهنجين سڀني نفرت جوڳين ڳالهين ڪري آءٌ تو ۾ اهو ڪندس جيڪو مون اڳ ڪڏهن نہ ڪيو آهي ۽ وري ڪڏهن بہ نہ ڪندس. 10تنهنڪري تو ۾ والدين پنهنجي ٻارن کي کائيندا، ۽ ٻار پنهنجي والدين کي کائيندا. آءٌ تو تي فيصلا ڪندس ۽ تنهنجي سڀني بچيلن کي هر هوا ڏانهن ڇڙوار ڪندس.‘
11”مون کي پنهنجي جيئري هجڻ جو قسم آهي، اختيار وارو پيءُ فرمائي ٿو، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي مقدس جاءِ کي پنهنجين سڀني ناپاڪ شين ۽ نفرت جوڳين ڪمن سان ناپاڪ ڪيو آهي، تنهنڪري آءٌ پاڻ پٺتي هٽندس؛ نہ ڪنهن تي ٻاجهه ڪندس ۽ نہ رحم ڪندس. 12’تو مان هڪ ٽيون حصو وبا يا ڏڪار سان تو ۾ مرندو؛ هڪ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري تلوار سان ڪرندو؛ هڪ ٽيون حصو آءٌ هر هوا ڏانهن ڇڙوار ڪندس ۽ ڪڍيل تلوار کڻي سندن پٺيان پوندس.
13”پوءِ منهنجي ڪاوڙ ختم ٿيندي، ۽ آءٌ سندن مٿان پنهنجو غضب لاهي تسلي ماڻيندس. جڏهن آءٌ سندن مٿان پنهنجو غضب پورو ڪندس، تڏهن کين خبر پوندي تہ آءٌ، سندن پيءُ، پنهنجي غيرت ۾ ڳالهايو آهيان.
14”آءٌ تو کي تنهنجي چوڌاري قومن ۾ ۽ سڀني لنگهندڙن جي اکين آڏو کنڊر ۽ ملامت بڻائيندس. 15جڏهن آءٌ ڪاوڙ، غضب ۽ سخت تنبيهن سان تو تي فيصلا ڪندس، تڏهن تون پنهنجي چوڌاري قومن لاءِ ملامت ۽ ٺٺولي، عبرت ۽ دهشت ٿيندين. آءٌ، تنهنجو پيءُ، ڳالهايو آهيان. 16جڏهن آءٌ تو تي ڏڪار جا موتمار تير هڻندس، جيڪي تو کي برباد ڪرڻ لاءِ موڪليل هوندا، تڏهن ڏڪار کي ٻيو بہ وڌائيندس ۽ تنهنجي کاڌي جو سامان ڪٽي ڇڏيندس. 17آءٌ تو تي ڏڪار ۽ جهنگلي جانور موڪليندس؛ اهي تو کي ٻارن کان سوا ڪري ڇڏيندا. وبا ۽ خونريزي تو مان گذرندي، ۽ آءٌ تو تي تلوار آڻيندس. آءٌ، تنهنجو پيءُ، ڳالهايو آهيان.‘“