ورقو جيڪو ماکيءَ جيان مٺو هو
هو طومار کائي ٿو ۽ اهو کيس ماکيءَ جهڙو مٺو لڳي ٿو، پوءِ کيس تل ابيب ۾ جلاوطنن وٽ پهچايو وڃي ٿو، جتي هو ست ڏينهن انهن جي وچ ۾ حيران ٿيو ويٺو رهي ٿو. اسان جو پيءُ کيس چوڪيدار بڻائي ٿو، خبردار ڪرڻ جو جوابدار، پوءِ سندس زبان بند ڪري ٿو ته جيئن هو تڏهن ئي ڳالهائي جڏهن کيس لفظ ڏنا وڃن.
اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 1, 3–11, 17–22, 24–25
3 1مون کي فرمايائين تہ ”اي ابنِ آدم، جيڪو تو کي ملي سو کاءُ. هي ورقو کاءُ، پوءِ وڃي اسرائيل جي گهراڻي سان ڳالهاءِ.“
2مون پنهنجو وات کوليو، تڏهن هن مون کي هي ورقو کائڻ لاءِ ڏنو.
3مون کي فرمايائين تہ ”اي ابنِ آدم، هي ورقو جيڪو آءٌ تو کي ڏيان ٿو، انهيءَ سان پنهنجو پيٽ ڀر ۽ پنهنجا آنڊا ڍاءِ.“ مون اهو کاڌو، تہ منهنجي وات ۾ ماکيءَ جيان مٺو هو.
4پوءِ مون کي فرمايائين تہ ”اي ابنِ آدم، اسرائيل جي گهراڻي ڏانهن وڃ ۽ کين منهنجا ڪلام ٻڌاءِ.
5”ڇاڪاڻ تہ تو کي اهڙي قوم ڏانهن نہ موڪليو ويو آهي جنهن جي ڳالهه اوجها ۽ ٻولي ڏکي آهي، پر اسرائيل جي گهراڻي ڏانهن، 6ڪيترين ئي اهڙين قومن ڏانهن نہ، جن جي ڳالهه اوجها ۽ ٻولي سخت آهي، ۽ جن جا لفظ تون سمجهي نٿو سگهين. جيڪڏهن آءٌ تو کي انهن ڏانهن موڪليان ها، تہ بيشڪ اهي تنهنجي ٻڌن ها. 7پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي ٻڌڻ لاءِ راضي نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اهي منهنجي ٻڌڻ لاءِ راضي نہ آهن؛ ڇو تہ سڄو اسرائيل جو گهراڻو سخت پيشانيءَ ۽ سخت دل وارو آهي. 8ڏس، مون تنهنجو منهن انهن جي منهن جيترو سخت ڪيو آهي، ۽ تنهنجي پيشاني انهن جي پيشانيءَ جيتري سخت. 9مون تنهنجي پيشاني الماس جهڙي، چقمق کان بہ سخت ڪئي آهي. کانئن نہ ڊڄ ۽ سندن نظرن کان نہ ڏڪ، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي گهراڻو آهن.“
10مون کي فرمايائين تہ ”اي ابنِ آدم، منهنجا سڀ ڪلام جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، پنهنجي دل ۾ وٺ ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌ. 11جلاوطنن وٽ، پنهنجي قوم جي ماڻهن وٽ وڃ ۽ کين چؤ. اهي ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن، تون کين چئجانءِ تہ ’حاڪم پيءُ هيئن ٿو فرمائي‘.“
12پوءِ اسان جي پيءُ جي روح مون کي مٿي کنيو، ۽ مون پنهنجي پٺيان وڏي گجگوڙ جهڙو آواز ٻڌو تہ ”اسان جي پيءُ جو جلوو سندس رهائشي جاءِ کان مبارڪ هجي!“ 13اهو جاندار مخلوقات جي پرن جو هڪ ٻئي سان ڇهڻ جو آواز هو، ۽ سندن ڀرسان ڦيڻن جو آواز، وڏي گجگوڙ جو آواز. 14روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو، ۽ آءٌ ڪڙائيءَ ۾ هليس، منهنجو روح منهنجي اندر ۾ ٻرندو هو ۽ اسان جي پيءُ جو هٿ مون تي مضبوط هو. 15ڪبار نهر وٽ تل ابيب ۾ جلاوطنن ڏانهن آيس، ۽ اتي انهن جي وچ ۾ ستن ڏينهن تائين حيران ٿي ويٺس.
پيءُ نگهبان مقرر ڪري ٿو
16ستن ڏينهن جي پڄاڻيءَ تي اسان جي پيءُ جو ڪلام مون وٽ آيو تہ
17”اي ابنِ آدم، مون تو کي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان مقرر ڪيو آهي. جڏهن تون منهنجي وات مان ڪو ڪلام ٻڌين، تڏهن منهنجي طرفان کين خبردار ڪجانءِ. 18جڏهن آءٌ بدڪار کي چوان تہ ’تون ضرور مرندين‘، ۽ تون کيس خبردار نہ ڪرين يا بدڪار کي سندس بڇڙي واٽ کان بچائڻ ۽ سندس جان بچائڻ لاءِ ڳالهائي خبردار نہ ڪرين، تہ اهو بدڪار پنهنجي گناه سببان مرندو، پر سندس رت جو حساب آءٌ تو کان وٺندس.
19”پر جيڪڏهن تون بدڪار کي خبردار ڪرين ۽ هو پنهنجي بڇڙائيءَ کان يا پنهنجي بڇڙي واٽ کان نہ موٽي، تہ هو پنهنجي گناه سببان مرندو، پر تو پنهنجي جان بچائي ورتي هوندي.
20”وري، جڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان موٽي بڇڙائي ڪري، ۽ آءٌ سندس اڳيان ٺوڪر رکان، تہ هو مرندو. ڇاڪاڻ تہ تو کيس خبردار نہ ڪيو، تنهنڪري هو پنهنجي گناه سببان مرندو، ۽ سندس سچا ڪم وسري ويندا، پر سندس رت جو حساب آءٌ تو کان وٺندس. 21پر جيڪڏهن تون سچار ماڻهوءَ کي گناه نہ ڪرڻ لاءِ خبردار ڪرين، ۽ هو گناه نہ ڪري، تہ هو خبرداريءَ تي ڌيان ڏيڻ سبب جيئرو رهندو، ۽ تو پنهنجي جان بچائي ورتي هوندي.“
22اتي اسان جي پيءُ جو هٿ مون تي هو، ۽ مون کي فرمايائين تہ ”اُٿ، ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ، ۽ اتي آءٌ تو سان ڳالهائيندس.“
23سو آءٌ اُٿي ماٿريءَ ڏانهن ويس، ۽ اتي اسان جي پيءُ جو جلوو بيٺو هو، جهڙو جلوو مون ڪبار نهر وٽ ڏٺو هو، ۽ آءٌ منهن ڀر ڪري پيس.
24روح مون ۾ داخل ٿيو، مون کي پيرن تي بيهاريائين، مون سان ڳالهايائين ۽ فرمايائين تہ ”وڃ، پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ بند ڪر. 25اي ابنِ آدم، تو تي رسا وجهندا ۽ انهن سان تو کي ٻڌندا، جيئن تون ماڻهن جي وچ ۾ ٻاهر نہ نڪري سگهين.
26آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تالوءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس؛ تون گونگو ٿي ويندين ۽ کين ملامت نہ ڪري سگهندين، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي گهراڻو آهن. 27پر جڏهن آءٌ تو سان ڳالهائيندس، تڏهن تنهنجو وات کوليندس، ۽ تون کين چوندين تہ ’حاڪم پيءُ هيئن ٿو فرمائي‘. جيڪو ٻڌڻ چاهي سو ٻڌي، ۽ جيڪو انڪار ڪري سو انڪار ڪري، ڇاڪاڻ تہ اهي باغي گهراڻو آهن.“