ڇپيل
ڪتاب

پيءُ پنهنجي فرزند کي جيئرو ڪري اٿاريو

عورتون صبح جو قبر تي پهچن ٿيون ۽ ان کي کليل ڏسن ٿيون، پهريدار مئل جهڙا، ۽ هڪ ملائڪ چوي ٿو ته سندس پيءُ کيس جياريو آهي. سپاهين کي پئسا ڏنا وڃن ٿا ته چون لاش چورايو ويو. گليل جي هڪ جبل تي ڪجهه اڃا شڪ ڪن ٿا، تڏهن به سڀ هر قوم ڏانهن موڪليا وڃن ٿا.

باب 28.

سبت کان پوءِ، هفتي جي پهرئين ڏينهن صبح جو سوير مريم مگدليني ۽ ٻي مريم قبر ڏسڻ آيون. اوچتو وڏو زلزلو آيو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي پيءُ جو هڪ ملائڪ آسمان تان لهي آيو ۽ پٿر کي ڌڪي هٽائي مٿس ويٺو. سندس صورت بجليءَ جهڙي ۽ سندس پوشاڪ برف جهڙي اڇي هئي. سندس خوف کان پهريدار ڏڪڻ لڳا ۽ مئلن جهڙا ٿي ويا. پر ملائڪ عورتن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين يسوع کي ڳولي رهيون آهيو، جنهن کي صليب تي چاڙهيو ويو هو. هو هتي ناهي، پنهنجي چوڻ موجب جيئرو ٿي اٿيو آهي. اچو، اها جاءِ ڏسو جتي هو پيل هو. جلدي وڃي سندس شاگردن کي ٻڌايو تہ هو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو آهي. ڏسو، هو اوهان کان اڳ گليل ڏانهن وڃي ٿو، اوهين کيس اتي ڏسندا. ٻڌو، مون اوهان کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو آهي.“

سو اهي خوف ۽ وڏي خوشيءَ سان جلدي قبر وٽان نڪتيون ۽ سندس شاگردن کي ٻڌائڻ لاءِ ڊوڙنديون ويون.

اوچتو يسوع کين مليو ۽ چيائين تہ ”سلام!“ تڏهن اهي وٽس اچي، سندس پيرن کي جهلي کيس سجدو ڪيائون. پوءِ يسوع کين چيو تہ ”ڊڄو نہ. وڃو، منهنجن ڀائرن کي چئو تہ گليل ڏانهن وڃن، اتي اهي مون کي ڏسندا.“

پهريدارن جو ٺاهيل قصو

اهي رستي ۾ ئي هئا تہ ڪن پهريدارن شهر ۾ اچي، جيڪو ڪجهه ٿيو هو سو سڀ وڏن ڪاهنن کي ٻڌايو. بزرگن سان گڏجي صلاح ڪري هنن سپاهين کي وڏي رقم ڏني، ۽ کين چيائون تہ ”چئو تہ سندس شاگرد رات جو آيا ۽ اسان جي ستي پيل هوندي کيس چورائي کڻي ويا. جيڪڏهن هيءَ ڳالهه گورنر تائين پهتي تہ اسين کيس قائل ڪنداسين ۽ اوهان کي مصيبت کان بچائي وٺنداسين.“ هنن پئسا کڻي، جيئن کين چيو ويو هو تيئن ڪيائون. اها ڳالهه اڄ ڏينهن تائين يهودين ۾ پکڙيل آهي.

سڀني قومن لاءِ پيءُ جو حڪم

پوءِ يارهن شاگرد گليل ۾ انهيءَ جبل ڏانهن ويا، جنهن لاءِ يسوع کين هدايت ڪئي هئي. جڏهن هنن کيس ڏٺو تڏهن کيس سجدو ڪيائون، پر ڪن کي شڪ ٿيو.

يسوع وٽن اچي کين چيو تہ ”آسمان ۽ زمين ۾ سمورو اختيار مون کي ڏنو ويو آهي. تنهنڪري وڃي سڀني قومن کي شاگرد بڻايو ۽ پيءُ جي، فرزند جي ۽ پاڪ روح جي نالي ۾ کين بپتسما ڏيو، a a v19 نالو واحد آهي: هڪ نالو، ٽي ذاتون — پيءُ، فرزند ۽ پاڪ روح. جيڪو ڪجهه مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، سو سڀ مڃڻ جي کين تعليم ڏيو. ياد رکو، آءٌ زماني جي پڇاڙيءَ تائين هر وقت اوهان سان گڏ آهيان.“