سندن شهرن ۾ تعليم
يوحنا، قيد ۾، پڇا ڪرائي ٿو ته ڇا يسوع واقعي اهو ئي آهي. جواب تسلي نه، پر انهن ڳالهين جي فهرست آهي جيڪي ٿي رهيون آهن. پوءِ يسوع انهن شهرن کي ملامت ڪري ٿو جن سندس معجزا ڏٺا ۽ بدليا نه، پنهنجي پيءُ جو شڪر ادا ڪري ٿو، ۽ هر ٿڪل ماڻهوءَ کي آرام پيش ڪري ٿو.
11 1جڏهن يسوع پنهنجن ٻارهن شاگردن کي هدايتون ڏئي فارغ ٿيو، تڏهن اتان هلي سندن شهرن ۾ تعليم ڏيڻ ۽ منادي ڪرڻ لڳو.
قيدخاني مان يوحنا جو سوال
2يوحنا قيدخاني ۾ مسيح جا ڪم ٻڌي پنهنجن شاگردن هٿان پيغام موڪليائين، 3پڇيائينس تہ ”ڇا تون اهو آهين جنهن کي اچڻو آهي، يا اسين ڪنهن ٻئي جي واٽ نهاريون؟“
4يسوع کين وراڻيو تہ ”وڃي يوحنا کي ٻڌايو تہ جيڪي اوهان ٻڌو ٿا ۽ ڏسو ٿا:
5”انڌا ڏسن ٿا، لنڱا هلن ٿا، ڪوڙهي صاف ڪيا وڃن ٿا، ٻوڙا ٻڌن ٿا، مئل جياريا وڃن ٿا ۽ غريبن کي خوشخبري ٻڌائي وڃي ٿي. 6جيڪو مون ڪري ٿاٻو نہ ٿو کائي، سو سڀاڳو آهي.“
7جڏهن اهي وڃڻ لڳا، تڏهن يسوع ميڙن کي يوحنا بابت چوڻ لڳو تہ ”اوهان بيابان ۾ ڇا ڏسڻ لاءِ نڪتا هئا؟ هوا سان لڏندڙ ڪنهن ڪاني کي؟ 8پر پوءِ اوهان ڇا لاءِ نڪتا هئا؟ نرم ڪپڙا پاتل ماڻهوءَ کي ڏسڻ لاءِ؟ ڏسو، نرم ڪپڙا پائيندڙ تہ بادشاهن جي محلن ۾ آهن. 9پر اوهان ڇو نڪتا هئا؟ ڪنهن نبيءَ کي ڏسڻ لاءِ؟ ها، آءٌ اوهان کي چوان ٿو، نبيءَ کان بہ ڏاڍو وڌيڪ. 10هيءُ اهو آهي جنهن بابت لکيل آهي تہ ’ڏس، آءٌ پنهنجو قاصد تنهنجي اڳيان موڪليان ٿو، جيڪو تنهنجي اڳيان تنهنجي واٽ تيار ڪندو.‘ 11آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ عورتن مان جنم وٺندڙن ۾ يوحنا بپتسما ڏيندڙ کان وڏو ڪوبہ نہ اُٿيو آهي؛ تڏهن بہ اسان جي پيءُ جي بادشاهيءَ ۾ جيڪو سڀ کان ننڍو آهي، سو هن کان وڏو آهي. 12يوحنا بپتسما ڏيندڙ جي ڏينهن کان وٺي هينئر تائين اسان جي پيءُ جي بادشاهيءَ تي زبردستي ٿيندي اچي ٿي، ۽ زورآور ماڻهو ان کي کسي وٺن ٿا. 13ڇاڪاڻ تہ سڀني نبين ۽ شريعت يوحنا تائين پيشگوئي ڪئي، 14جيڪڏهن اوهان اهو قبول ڪرڻ چاهيو ٿا، تہ هي ئي ايليا آهي جنهن کي اچڻو هو. 15جنهن وٽ ٻڌڻ وارا ڪن آهن، سو ٻڌي.
16آءٌ هن نسل کي ڪنهن سان ڀيٽيان؟ هي انهن ٻارن جهڙو آهي جيڪي بازارن ۾ ويٺا ٻين کي سڏي چون ٿا تہ 17’اسان اوهان لاءِ بانسري وڄائي، پر اوهان نہ نچيا؛ اسان ماتمي گيت ڳايو، پر اوهان ماتم نہ ڪيو.‘ 18ڇاڪاڻ تہ يوحنا نہ ڪجهه کائيندو آيو نہ پيئندو، ۽ اهي چون ٿا تہ ’هن ۾ بدروح آهي.‘ 19ابنِ آدم کائيندو ۽ پيئندو آيو، ۽ اهي چون ٿا تہ ’ڏسو، پيٽو ۽ شرابي ماڻهو، محصول وٺندڙن ۽ گنهگارن جو دوست!‘ تڏهن بہ حڪمت پنهنجن ڪمن سان سچي ثابت ٿئي ٿي.“
توبه نہ ڪندڙ شهرن لاءِ افسوس
20پوءِ انهن شهرن کي ملامت ڪرڻ لڳو جن ۾ سندس گهڻا ڪري معجزا ٿيا هئا، ڇاڪاڻ تہ انهن توبه نہ ڪئي هئي.
21”اي ڪورزين، تو تي افسوس! اي بيت صيدا، تو تي افسوس! ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اهي معجزا، جيڪي اوهان ۾ ڪيا ويا، صور ۽ صيدا ۾ ڪيا وڃن ها، تہ اهي گهڻو اڳ ٽاٽ پائي ۽ خاڪ ۾ ويهي توبه ڪن ها. 22پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اوهان جي ڀيٽ ۾ صور ۽ صيدا لاءِ عدالت جو ڏينهن وڌيڪ سولو ٿيندو. 23تون وري، اي ڪفرنحوم، ڇا تون آسمان تائين مٿي کڄندين؟ تون تہ هيٺ قبر تائين لاٿو ويندين. جيڪڏهن اهي معجزا، جيڪي تو ۾ ڪيا ويا، سدوم ۾ ڪيا وڃن ها، تہ اهو اڄ تائين بيٺو هجي ها. 24پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ عدالت جي ڏينهن سدوم جي سرزمين جو حال اوهان کان وڌيڪ سولو ٿيندو.“
فرزند جي وسيلي پيءُ جو ظاهر ٿيڻ
25ان وقت يسوع چيو تہ ”اي بابا، آسمان ۽ زمين جا مالڪ، آءٌ تنهنجي ساراهه ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ تو هيءَ ڳالهه ڏاهن ۽ سمجهدارن کان لڪائي، ننڍڙن ٻارن تي ظاهر ڪئي. 26ها، اي بابا، ڇاڪاڻ تہ اهو تو کي وڻيو. 27منهنجي پيءُ طرفان مون کي سڀ ڪجهه سونپيو ويو آهي. فقط پيءُ فرزند کي سڃاڻي ٿو، فقط فرزند پيءُ کي سڃاڻي ٿو، ۽ اهو بہ جنهن تي فرزند پيءُ کي ظاهر ڪرڻ چاهي.
28”اي سڀ ٿڪل ۽ بار هيٺ دٻيل ماڻهؤ، مون وٽ اچو، تہ آءٌ اوهان کي آرام ڏيندس. 29منهنجو جوئو پنهنجي مٿان کڻو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ عاجز آهيان، ۽ اوهان کي پنهنجين جانين لاءِ آرام ملندو. 30ڇاڪاڻ تہ منهنجو جوئو سولو ۽ منهنجو بار هلڪو آهي.“