بلدد وري ڳالهائي ٿو
بلدد جي آخري تقرير ڇهن آيتن جي آهي ۽ ان ۾ فاصلي کانسواءِ ڪجهه به نه بچيو آهي: حڪمراني خدا جي آهي، چنڊ ۽ تارا به سندس نظر ۾ پاڪ ناهن، ته پوءِ فاني انسان ڇا آهي؟ هڪ ڪيڙو، هڪ ڪينئون. دوستن جو دليل لفظن کان خالي ٿي ويو آهي.
باب 25.
25 1پوءِ بلدد شوحيءَ وراڻيو تہ 2”حڪومت ۽ هيبت هن وٽ آهن، هو پنهنجين بلندين ۾ صلح ٿو قائم ڪري. 3ڇا ڪو سندس لشڪر ڳڻي سگهي ٿو؟ ڇا سندس روشني سڀني تي نہ ٿي اڀري؟ 4تہ پوءِ فاني انسان خدا جي آڏو سچار ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟ عورت مان جنم وٺندڙ ڪيئن پاڪ ٿي سگهي ٿو؟ 5ڏس، چنڊ بہ روشن ناهي، ۽ تارا بہ سندس نظر ۾ پاڪ ناهن، 6تہ پوءِ فاني انسان، جيڪو ڪيڙو آهي، ۽ آدم جو پٽ، جيڪو ڪرم آهي، ڪيترو نہ ڪمتر آهي!“