منهنجي گناهه جو بار
داؤد جو زبور، ياد ڏيارڻ لاءِ.
بيمار، سندس زخم سڙندڙ، دوستن ڇڏي ڏنو جڏهن دشمن سازش ڪن ٿا، دائود پنهنجي حالت جو سبب پنهنجي گناهه کي ٺهرائي ٿو ۽ پنهنجن الزام هڻندڙن کي جواب نٿو ڏئي. هو ٻوڙي ماڻهوءَ وانگر چپ رهي ٿو ۽ پنهنجي پيءُ جو انتظار ڪري ٿو، جنهن کان رڳو جواب جي اميد اٿس.
38 1اي منهنجا بابا، تنهنجي ڏمر ۾ مون کي نہ جھڙڪ، ۽ تنهنجي غضب ۾ مون کي سزا نہ ڏي. 2ڇاڪاڻ تہ تنهنجا تير مون ۾ کوڙجي ويا آهن، ۽ تنهنجو هٿ مون تي سخت ٿي پيو آهي. 3تنهنجي ڏمر سبب منهنجي بدن ۾ تندرستي ناهي؛ منهنجي گناهه سبب منهنجين هڏين ۾ آرام ناهي.
4ڇاڪاڻ تہ منهنجا گناهه منهنجي مٿي کان مٿي ٿي ويا آهن؛ ڳري بار وانگر اهي مون لاءِ تمام ڳرا آهن. 5منهنجي بيوقوفيءَ سبب منهنجا زخم بدبودار ٿي پڪي پيا آهن. 6آءٌ جھڪي ويو آهيان ۽ تمام نوڙي پيو آهيان؛ سڄو ڏينهن ماتم ڪندو ڦرندو آهيان. 7ڇاڪاڻ تہ منهنجا پاسا ٻرن ٿا، ۽ منهنجي گوشت ۾ تندرستي ناهي.
8آءٌ سُن ٿي ويو آهيان ۽ پوريءَ طرح چيڀاٽجي ويو آهيان؛ دل جي بيچيني سبب ڪراهيان ٿو. 9اي مالڪ بابا، منهنجي سڄي تمنا تنهنجي اڳيان آهي، ۽ منهنجو آهون ڀرڻ تو کان لڪل ناهي. 10منهنجي دل ڌڙڪي ٿي، منهنجي طاقت ختم ٿي وئي آهي؛ منهنجين اکين جو نور بہ مون کان هليو ويو آهي. 11منهنجا دوست ۽ ساٿي منهنجي مصيبت ڏسي پري رهن ٿا، ۽ منهنجا ويجھا مائٽ پري بيٺا آهن.
12جيڪي منهنجي جان ٿا گھرن، سي ڦندا وڇائين ٿا؛ جيڪي منهنجو نقصان ٿا گھرن، سي تباهيءَ جون ڳالهيون ڪن ٿا ۽ سڄو ڏينهن ٺڳيءَ جا منصوبا ٿا جوڙين. 13پر آءٌ ٻوڙي وانگر آهيان جيڪو ٻڌي نٿو سگھي، ۽ ڳوڭي وانگر جيڪو وات نٿو کولي. 14آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ وانگر ٿي ويو آهيان جيڪو نٿو ٻڌي، جنهن جي وات ۾ ڪو جواب ناهي. 15پر اي منهنجا بابا، آءٌ تنهنجو انتظار ڪريان ٿو؛ اي منهنجا مالڪ بابا، تون ئي جواب ڏيندين.
16ڇاڪاڻ تہ مون چيو تہ ”اهي مون تي ڪڏهن بہ خوشي نہ ڪن، جيڪي منهنجو پير ٿڙڻ وقت مون تي وڏايون ٿا ڪن.“ 17ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڪرڻ تي آهيان، ۽ منهنجو ڏک هر وقت منهنجي اڳيان آهي. 18آءٌ پنهنجو قصور مڃان ٿو؛ پنهنجي گناهه سبب ڏکارو آهيان. 19پر منهنجا دشمن جاندار ۽ زورآور آهن، ۽ جيڪي مون سان بي سبب نفرت ٿا ڪن سي گھڻا آهن.
20جيڪي ڀلائيءَ جي بدران مون سان برائي ٿا ڪن، سي مون تي الزام ٿا مڙهين ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڀلائيءَ جي پٺيان لڳل آهيان. 21اي منهنجا بابا، مون کي نہ ڇڏ؛ اي منهنجا بابا، مون کان پري نہ ٿي. 22اي مالڪ بابا، منهنجي نجات، منهنجي مدد لاءِ تڪڙ ڪر.