سڀ شيون نيون
پراڻو نظام ختم ٿي چڪو آهي ۽ اسان جو پيءُ ماڻهن ۾ اچي رهي ٿو — پاڻ انهن جو پيءُ ٿي، سندن چهرا اگھي ٿو. شهر لهي ٿو: ماپيل، جواهرن سان سينگاريل، هر طرف دروازن وارو؛ اندر ڪو مندر ڪونهي ڇاڪاڻ ته هو ۽ گھيٽو ئي ان جو مندر آهن، ۽ رات ڪانهي جو دروازا بند ڪيا وڃن.
اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 3, 5–8
21 1پوءِ مون نئون آسمان ۽ نئين زمين ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ پهريون آسمان ۽ پهرين زمين گذري وئي هئي، ۽ سمنڊ وري نہ رهيو هو. 2مون پاڪ شهر کي، يعني نئين يروشلم کي، اسان جي پيءُ وٽان آسمان مان لهندي ڏٺو؛ اهو پنهنجي مڙس لاءِ سينگاريل ڪنوار وانگر تيار هو.
3مون عرش مان هڪ وڏو آواز ٻڌو جيڪو چئي رهيو هو تہ ”ڏس، اسان جي پيءُ جي رهائش انسانن سان گڏ آهي. هو انهن سان گڏ رهندو، اهي سندس قوم ٿيندا، ۽ هو پاڻ، سندن پيءُ، انهن سان گڏ هوندو.
4اسان جو پيءُ سندن اکين مان هر ڳوڙهو اگهندو، موت وري نہ ٿيندو، نڪو ماتم، نڪو روڄ، نڪو وري ڪو درد ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اڳيون شيون گذري ويون آهن.“
5عرش تي ويٺل فرمايو تہ ”ڏس، آءٌ سڀ ڪجهہ نئون ڪري رهيو آهيان.“ وڌيڪ فرمايائين تہ ”هيءُ لکُ، اهي لفظ ڀروسي جوڳا ۽ سچا آهن.“ 6مون کي فرمايائين تہ ”پورو ٿيو. آءٌ الفا ۽ اوميگا، شروعات ۽ پڇاڙي آهيان. اڃايل کي آءٌ آب حيات جي چشمي مان مفت پيئاريندس. 7جيڪو فتح ماڻيندو سو اهي شيون ورثي ۾ وٺندو، آءٌ سندس پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. 8پر ڊڄڻن، بي ايمانن، ڪراهت جوڳن، قاتلن، حرامڪارن، جادوگرن، بت پرستن ۽ سڀني ڪوڙن جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ آهي جيڪا باھ ۽ گندرف سان ٻري ٿي، يعني ٻيو موت.“
9انهن ستن ملائڪن مان هڪڙو، جن وٽ ستن آخري آفتن سان ڀريل ست پيالا هئا، مون وٽ آيو ۽ چيائين تہ ”اچ، آءٌ تو کي ڪنوار کي، يعني ٻڪريءَ جي ٻچي يسوع جي زال کي، ڏيکاريندس.“ 10روح ۾ مون کي هڪ وڏي، اوچي جبل تي کڻي ويو، ۽ آسمان مان، اسان جي پيءُ وٽان لهندڙ پاڪ شهر يروشلم مون کي ڏيکاريائين، 11جنهن ۾ اسان جي پيءُ جو جلوو هو؛ ان جي چمڪ نهايت قيمتي جواهر وانگر، بلور جهڙي صاف يشب وانگر هئي. 12ان جي هڪ وڏي، اوچي ڀت هئي جنهن ۾ ٻارهن دروازا هئا، دروازن وٽ ٻارهن ملائڪ بيٺل هئا، ۽ اتي اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جا نالا لکيل هئا، 13اوڀر ۾ ٽي دروازا، اتر ۾ ٽي دروازا، ڏکڻ ۾ ٽي دروازا، ۽ اولهه ۾ ٽي دروازا هئا. 14شهر جي ڀت جا ٻارهن بنياد هئا، جن تي ٻڪريءَ جي ٻچي يسوع جي ٻارهن رسولن جا ٻارهن نالا لکيل هئا.
15مون سان ڳالهائيندڙ وٽ شهر، ان جي دروازن ۽ ان جي ڀتين کي ماپڻ لاءِ سون جي ماپڻ واري ڪاٺي هئي. 16شهر چورس آهي، ان جي ڊيگهه ان جي ويڪر جي برابر آهي. پنهنجي ڪاٺيءَ سان ان کي ماپيائين تہ اٽڪل ۱۴۰۰ ميل هو، ڊيگهه، ويڪر ۽ اوچائي برابر هئا. 17ان جي ڀت ماپيائين تہ انساني ماپ موجب، جيڪا ملائڪ جي بہ ماپ آهي، اٽڪل ۲۱۶ فوٽ هئي. 18ڀت يشب مان ٺهيل هئي، جڏهن تہ شهر شيشي جهڙو صاف، خالص سون جو هو. 19شهر جي ڀت جا بنياد هر قسم جي جواهرن سان سينگاريل هئا؛ پهريون يشب، ٻيو نيلم، ٽيون ڪلڪيدوني، چوٿون زمرد، 20پنجون سليماني، ڇهون عقيق، ستون زبرجد، اٺون بيروج، نائون پکراج، ڏهون سنگ سبز، يارهون ياقوت ۽ ٻارهون جمشت هو. 21ٻارهن دروازا ٻارهن موتي هئا، هر دروازو هڪ ئي موتيءَ مان ٺهيل هو. شهر جي گهٽي خالص سون جي، شيشي جهڙي صاف هئي.
22مون شهر ۾ ڪابہ هيڪل نہ ڏٺي، ڇاڪاڻ تہ ان جي هيڪل قادر مطلق حاڪم پيءُ ۽ ٻڪريءَ جو ٻچو يسوع آهي. 23شهر کي روشن ڪرڻ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ناهي، اسان جي پيءُ جو جلوو ان کي روشن ڪري ٿو، ۽ ان جو ڏيئو ٻڪريءَ جو ٻچو يسوع آهي. 24قومون ان جي روشنيءَ ۾ هلنديون، ۽ زمين جا بادشاهه پنهنجو جلوو ان ۾ آڻيندا. 25ان جا دروازا ڏينهن جو ڪڏهن بہ بند نہ ڪيا ويندا، ۽ اتي رات ڪانہ هوندي. 26اهي قومن جو جلوو ۽ عزت ان ۾ آڻيندا. 27ان ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ ڪڏهن داخل نہ ٿيندي، نڪو اهو ڪو جيڪو ڪراهت جوڳو يا ڪوڙو ڪم ڪري ٿو، رڳو اهي داخل ٿيندا جن جا نالا ٻڪريءَ جي ٻچي يسوع جي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.