ڇپيل
ڪتاب

خواهشن مان پيدا ٿيندڙ جھيڙو

جهيڙا اندر ۾ وڙهندڙ خواهشن مان پيدا ٿين ٿا؛ انهن وٽ ناهي ڇو ته اهي گهرن ئي نٿا، ۽ جڏهن گهرن ٿا ته غلط نموني گهرن ٿا. دنيا سان دوستي اسان جي پيءُ سان دشمني آهي، پر هو وڌيڪ فضل ڏئي ٿو. هن جي ويجهو اچو، ۽ سڀاڻي جي رٿابندي ائين ڪرڻ ڇڏيو ڄڻ زندگي ڪُهير نه هجي.

باب 4.

اوهان ۾ جنگيون ۽ جھيڙا ڪٿان اچن ٿا؟ ڇا اهي اوهان جي انهن خواهشن مان نہ ٿا اچن جيڪي اوهان جي اندر ۾ وڙهنديون آهن؟ اوهين خواهش ڪريو ٿا پر اوهان وٽ ناهي، تنهنڪري خون ڪريو ٿا. اوهين لالچ ڪريو ٿا پر حاصل ڪري نہ ٿا سگھو، تنهنڪري جھيڙا ۽ ويڙهه ڪريو ٿا. اوهان وٽ انهيءَ ڪري ناهي جو اوهين گھرو نہ ٿا. اوهين گھرو ٿا پر وٺو نہ ٿا، ڇاڪاڻ تہ بڇڙي نيت سان گھرو ٿا، تہ جيئن پنهنجين عيش عشرتن تي خرچ ڪريو. اي زناڪارؤ! ڇا اوهان کي خبر ناهي تہ دنيا سان دوستي اسان جي پيءُ سان دشمني آهي؟ جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ چاهي ٿو، سو اسان جي پيءُ جو دشمن بڻجي ٿو. يا اوهين سمجھو ٿا تہ پاڪ ڪتاب اجايو ٿو چوي تہ جيڪو روح هن اسان ۾ رکيو آهي سو حسد سان تانگھ رکي ٿو؟ پر هو وڌيڪ فضل ٿو ڏئي. انهيءَ ڪري پاڪ ڪتاب ٿو چوي تہ ”اسان جو پيءُ مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري پر عاجزن کي فضل ٿو ڏئي.“

تنهنڪري پاڻ کي اسان جي پيءُ جي حوالي ڪريو. شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان کان ڀڄي ويندو. اسان جي پيءُ جي ويجھو اچو تہ هو اوهان جي ويجھو ايندو. اي گنهگارؤ! پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ اي ٻن دلن وارؤ! پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو. ڏک ڪريو، ماتم ڪريو ۽ روئو. پنهنجي کلڻ کي ماتم ۾ ۽ پنهنجي خوشيءَ کي اداسيءَ ۾ بدلايو. اسان جي پيءُ جي اڳيان پاڻ کي نمائو ڪريو تہ هو اوهان کي مٿي کڻندو.

ڀائرو ۽ ڀينرون! هڪٻئي جي خلاف نہ ڳالهايو. جيڪو پنهنجي ڀاءُ جي خلاف ڳالهائي ٿو يا هن تي فيصلو ڪري ٿو، سو شريعت جي خلاف ڳالهائي ٿو ۽ شريعت تي فيصلو ڪري ٿو. پر جيڪڏهن اوهين شريعت تي فيصلو ڪريو ٿا تہ اوهين انهيءَ تي عمل ڪندڙ نہ آهيو، بلڪ فيصلو ڪندڙ آهيو. شريعت ڏيندڙ ۽ فيصلو ڪندڙ رڳو هڪڙو آهي، جيڪو بچائڻ يا برباد ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو. پوءِ تون ڪير آهين جو پنهنجي پاڙيسريءَ تي فيصلو ڪرين؟

سڀاڻي بابت فخر نہ ڪريو

ٻڌو، اوهين جيڪي چئو ٿا تہ ”اڄ يا سڀاڻي اسين فلاڻي فلاڻي شهر ۾ وڃي، هڪ سال رهي، واپار ڪري نفعو ڪمائينداسين.“ اوهان کي خبر ناهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي زندگي ڇا آهي؟ اوهين تہ ڌُنڌ آهيو، جيڪا ٿوري ئي دير نظر اچي ٿي ۽ پوءِ گم ٿي وڃي ٿي. بلڪ اوهان کي ائين چوڻ گھرجي تہ ”جيڪڏهن اسان جي پيءُ جي مرضي ٿيندي تہ اسين جيئرا رهنداسين ۽ هي يا هو ڪنداسين.“ پر هاڻي اوهين پنهنجي غرور تي فخر ٿا ڪريو. اهڙو سمورو فخر بڇڙو آهي. تنهنڪري جيڪو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ نہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ اهو گناهه آهي.