ڇپيل
ڪتاب

پيءُ مظلومن جون دانهون ڏسي ٿو

لڻندڙن جي روڪيل مزدوري رڙيون ڪري ٿي ۽ آسماني لشڪرن جي پيءُ جي ڪنن تائين پهچي ٿي؛ ذخيرو ڪندڙ اميرن کي روئڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. باقي سڀني کي چيو وڃي ٿو ته هاريءَ وانگر صبر سان انتظار ڪن، ڏک ۾ دعا گهرن، هڪ ٻئي آڏو گناهن جو اقرار ڪن، ۽ ڀٽڪي ويل جي پٺيان وڃن.

باب 5.

اي دولتمندؤ، هاڻي ٻڌو، جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻ واريون آهن، تن جي ڪري روئو ۽ ماتم ڪريو. اوهان جي دولت سڙي وئي آهي، اوهان جي ڪپڙن کي ڪيڙا لڳي ويا آهن. اوهان جي سون ۽ چاندي کي ڪٽ لڳي ويو آهي، اهو ڪٽ اوهان جي خلاف شاهدي ڏيندو ۽ باهہ وانگر اوهان جي گوشت کي کائيندو. اوهان آخري ڏينهن ۾ دولت ڍير ڪئي. ڏسو، جن مزورن اوهان جي ٻنين جو فصل لڻيو، تن جي اها مزوري، جيڪا اوهان روڪي رکي، دانهون ڪري رهي آهي، ۽ لڻندڙن جون دانهون آسمان جي لشڪرن جي پيءُ جي ڪنن تائين پهتيون آهن. اوهان ڌرتيءَ تي عيش ۽ عشرت ۾ زندگي گذاري. ذبح جي ڏينهن ۾ اوهان پنهنجيون دليون ٿلهيون ڪيون. اوهان سچار ماڻهوءَ کي ڏوهاري ٺهرائي قتل ڪيو آهي، جيتوڻيڪ هو اوهان جي مخالفت نہ ٿو ڪري.

صبر واري دل سان انتظار ڪريو

تنهنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرو، خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. هاريءَ کي ڏسو، هو زمين جي قيمتي ميوي لاءِ صبر سان انتظار ڪري ٿو، جيستائين اڳيون ۽ پوئيون مينهن وسي. اوهان کي بہ صبر ڪرڻو آهي. پنهنجين دلين کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جو اچڻ ويجهو آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرو، هڪ ٻئي جي خلاف شڪايتون نہ ڪريو، نہ تہ اوهان تي فيصلو ڪيو ويندو. ڏسو، منصف دروازن تي بيٺو آهي. اي ڀائرو ۽ ڀينرو، جن نبين اسان جي پيءُ جي نالي ۾ ڳالهايو، تن کي ڏک سهڻ ۽ صبر جو نمونو بڻايو. ڏسو، اسين صبر ڪندڙن کي برڪت وارو سڏيون ٿا. اوهان ايوب جي صبر بابت ٻڌو آهي، ۽ اسان جي پيءُ جيڪو ڪم ڪيو سو بہ ڏٺو اٿو، ڇالاءِ جو اسان جو پيءُ رحم ۽ مهربانيءَ ۾ مالامال آهي.

سڀ کان وڌيڪ، اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو، قسم نہ کائو، نہ آسمان جو، نہ زمين جو، نہ وري ڪنهن ٻئي شيءِ جو. اوهان جو ها، ها هجي ۽ اوهان جو نہ، نہ هجي، تہ جيئن اوهان فيصلي هيٺ نہ اچو.

ايمان جي دعا شفا ڏئي ٿي

ڇا اوهان مان ڪنهن تي ڏک آيو آهي؟ تہ هو دعا ڪري. ڇا ڪو خوش آهي؟ تہ هو ساراهه جا گيت ڳائي. ڇا اوهان مان ڪو بيمار آهي؟ تہ هو ڪليسيا جي بزرگن کي سڏائي، ۽ بزرگ خداوند جي نالي ۾ مٿس تيل مَلي دعا ڪن. ايمان جي دعا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند کيس اٿاريندو. جيڪڏهن هن گناهه ڪيا هجن تہ کيس معاف ڪيو ويندو. تنهنڪري هڪ ٻئي اڳيان پنهنجا گناهه مڃو ۽ هڪ ٻئي لاءِ دعا ڪريو، تہ جيئن اوهان شفا ماڻيو. سچار ماڻهوءَ جي دعا ۾ وڏي طاقت آهي ۽ اها اثرائتي آهي. ايليا اسان جهڙو ماڻهو هو، ۽ هن دل سان دعا گهري تہ مينهن نہ وسي. تنهنڪري ٽن سالن ۽ ڇهن مهينن تائين زمين تي مينهن نہ وسيو. پوءِ هن وري دعا گهري، تہ آسمان مينهن ڏنو ۽ زمين پنهنجو ميوو ڏنو.

اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو سچائيءَ کان ڀٽڪي وڃي ۽ ڪو کيس موٽائي آڻي، تہ هي ڄاڻو تہ جيڪو ڪنهن گنهگار کي سندس غلط واٽ کان موٽائي ٿو، سو ان جي جان کي موت کان بچائي ٿو ۽ گهڻن گناهن کي ڍڪي ٿو.