هڪ ٻي آفت
هڪ وبا باقي آهي. اڌ رات جو مصر ۾ هر پهريون ڄاول مري ويندو، تخت کان وٺي چڪيءَ تائين، ۽ اهڙي رڙ اٿندي جهڙي اڳ ڪڏهن نه اٿي. پر اسرائيل تي هڪ ڪتو به نه گهرڪندو — اسان جو پيءُ اهو فرق صاف ڪري ٿو. موسيٰ سخت ڪاوڙ ۾ فرعون جي حضور مان نڪري وڃي ٿو.
اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 1–2, 4–9
11 1اسان جي پيءُ موسيٰ کي فرمايو تہ ”مان فرعون تي ۽ مصر تي هڪ ٻي آفت آڻيندس. ان کان پوءِ هو اوهان کي هتان موڪليندو، ۽ جڏهن موڪليندو تڏهن اوهان کي بلڪل ڪڍي ڇڏيندو. 2ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ هر مرد پنهنجي پاڙيسريءَ کان ۽ هر عورت پنهنجي پاڙيسراڻيءَ کان چاندي ۽ سون جون شيون گھري.“
3اسان جي پيءُ ماڻهن کي مصرين جي نظر ۾ عزت بخشي. ان کان سواءِ موسيٰ پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾، فرعون جي نوڪرن ۽ ماڻهن جي نظر ۾ ڏاڍو وڏو ماڻهو هو.
4موسيٰ چيو تہ ”اسان جو پيءُ هيئن ٿو فرمائي تہ اڌ رات جي لڳ ڀڳ مان مصر جي وچ مان لنگھندس،
5”۽ مصر جي ملڪ ۾ هر پهريون ٻار مري ويندو، فرعون جي پهرين اولاد کان وٺي، جيڪو پنهنجي تخت تي ويٺو آهي، ان ٻانهيءَ جي پهرين اولاد تائين جيڪا چڪين جي پويان آهي، ۽ جانورن جو هر پهريون ٻچو بہ. 6سڄي مصر جي ملڪ ۾ ايڏي وڏي دانهن ٿيندي جو نہ اڳ ۾ ڪڏهن ٿي هئي ۽ نہ پوءِ ڪڏهن ٿيندي. 7پر اسرائيل جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ تي، مرد هجي يا جانور، ڪتو بہ نہ ڀونڪندو، جيئن اوهان ڄاڻو تہ اسان جو پيءُ مصر ۽ اسرائيل ۾ فرق ڪري ٿو. 8تنهنجا اهي سڀ نوڪر مون وٽ هيٺ ايندا، مون اڳيان جھڪندا ۽ چوندا تہ ’وڃ، تون ۽ اهي سڀ ماڻهو جيڪي تنهنجي پٺيان آهن.‘ ان کان پوءِ مان نڪري ويندس.“ پوءِ موسيٰ سخت غضب ۾ فرعون وٽان هليو ويو.
9اسان جي پيءُ موسيٰ کي فرمايو تہ ”فرعون تنهنجي ڳالهہ نہ ٻڌندو، تہ جيئن منهنجا عجائب مصر جي ملڪ ۾ وڌندا وڃن.“
10موسيٰ ۽ هارون اهي سڀ عجائب فرعون جي اڳيان ڪري ڏيکاريائون، پر اسان جي پيءُ فرعون جي دل سخت ڪئي، تنهنڪري هن بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان موڪلڻ کان انڪار ڪيو.