دروازي تي انصاف
مار چاليهن ڦٽڪن تائين محدود آهي ته جيئن ڀاءُ توهان جي اکين اڳيان ذليل نه ٿئي. ڏاند جو منهن نه ٻڌو وڃي جڏهن هو اناج ڳاهي رهيو هجي. بيواهه جي مئل مڙس جو نالو سندس ڀاءُ قائم رکي، نه ته ان ڀاءُ کي دروازي تي شرمسار ڪيو وڃي. تور ۽ ماپ ايمانداريءَ وارا هجن.
25 1جيڪڏهن ماڻهن ۾ تڪرار ٿئي ۽ اهي عدالت ۾ وڃن، تہ انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪندڙ جج بي ڏوهي کي بري ڪن ۽ ڏوهاريءَ کي مجرم ٺهرائين، 2جيڪڏهن ڏوهاري ماڻهو مار جي لائق هجي، تہ جج کيس ليٽائي پنهنجي اڳيان ڪتائيندو، ۽ سندس ڏوهه موجب ڳڻيل ڪوڙا هڻايا ويندا. 3چاليهه ڪوڙا هڻائجانس، ان کان وڌيڪ نہ؛ جيڪڏهن هو انهن کان وڌيڪ هڻائي، تہ تنهنجي اکين اڳيان تنهنجو ڀاءُ ذليل ٿيندو.
4جڏهن ڍڳو اناج ڳاهي، تڏهن ان جي وات تي ٻوٿ نہ ٻڌج.
5جيڪڏهن ڀائر گڏ رهن ۽ انهن مان هڪڙو پٽ ڇڏڻ کان سواءِ مري وڃي، تہ مئل جي زال ٻاهرين ماڻهو سان شادي نہ ڪري. سندس مڙس جو ڀاءُ کيس پنهنجي زال بڻائي، ساڻس همبستر ٿئي ۽ ديور جو فرض ادا ڪري. 6ان مان جيڪو پهريون ٻار ڄمي، سو مئل ڀاءُ جو نالو کڻندو، تہ جيئن سندس نالو اسرائيل مان مٽجي نہ وڃي.
7جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي زال سان شادي ڪرڻ نہ چاهي، تہ اها دروازي تي وڏن وٽ وڃي چوندي تہ ”منهنجي مڙس جو ڀاءُ اسرائيل ۾ پنهنجي ڀاءُ جو نالو بحال ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري؛ هو مون سان ديور جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.“ 8پوءِ سندس شهر جا وڏا کيس سڏائي سمجهائيندا. جيڪڏهن هو اڙي بيهي ۽ چوي تہ ”مان کيس کڻڻ نہ ٿو چاهيان،“ 9تہ سندس ڀاءُ جي زال وڏن جي اڳيان ساڻس ويجهي اچي، سندس پير مان جتي لاهي، سندس منهن تي ٿڪ اڇلائي چوندي تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جو گهر نہ ٿو اڏي، تنهن سان ائين ئي ڪيو ويندو.“ 10پوءِ اسرائيل ۾ سندس گهراڻو ”جنهن جي جتي لاٿي وئي، تنهن جو گهر“ سڏبو.
11جيڪڏهن ٻه ماڻهو وڙهن ۽ هڪڙي جي زال پنهنجي مڙس کي حملو ڪندڙ کان ڇڏائڻ لاءِ اچي، ۽ هٿ ڊگهو ڪري سندس ڳجهن عضون کي پڪڙي، 12تہ تون ان جو هٿ ڪپي ڇڏج. ترس نہ کائج.
13تنهنجي ٿيلهي ۾ ٻن قسمن جا وزن، هڪڙو وڏو ۽ هڪڙو ننڍو، نہ هجن. 14تنهنجي گهر ۾ ٻن قسمن جا پيمانا، هڪڙو وڏو ۽ هڪڙو ننڍو، نہ هجن. 15پورو ۽ ايماندار وزن رک؛ پورو ۽ ايماندار پيمانو رک، تہ جيڪا زمين تنهنجو پيءُ توکي ڏئي ٿو، تنهن تي تنهنجا ڏينهن ڊگها ٿين. 16ڇاڪاڻ تہ جيڪو اهڙا ڪم ڪري، يعني جيڪو بي ايماني ڪري، سو هر ڪو تنهنجي پيءُ وٽ مڪروهه آهي.
17ياد رک تہ جڏهن تون مصر مان نڪري رهيو هئين، تڏهن رستي ۾ عمالق توسان ڇا ڪيو، 18ڪيئن هو رستي تي توکي مليو، ۽ جڏهن تون ٿڪل ۽ بيحال هئين، تڏهن تنهنجي پٺيان رهجي ويل سڀني کي ڪپي ڇڏيائين، ۽ اسان جي پيءُ جو خوف نہ ڪيائين. 19جڏهن تنهنجو پيءُ توکي چوڌاري سڀني دشمنن کان آرام ڏئي، انهيءَ زمين ۾ جيڪا تنهنجو پيءُ توکي ورثي ۾ ڏئي ٿو تہ تون ان تي قبضو ڪرين، تڏهن آسمان جي هيٺان کان عمالق جي ياد مٽائي ڇڏج. نہ وسارج.