ڇپيل
ڪتاب

آءٌ تو ڏانهن پنهنجا هٿ ٿو پکيڙيان

داؤد جو زبور.

تعاقب ۾ ۽ زمين ۾ لٿل، هو عرض ڪري ٿو ته کيس عدالت ۾ نه آندو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪو به جيئرو ماڻهو سندس پيءُ اڳيان سچار ناهي. هو حال کي سهڻ لاءِ پراڻن ڪمن کي ياد ڪري ٿو، ۽ ٻه شيون گهري ٿو: صبح جو ڪلام، ۽ هموار زمين.

باب 143.

اي بابا، منهنجي دعا ٻڌ، منهنجين منٿن تي ڌيان ڏي؛ پنهنجي وفاداريءَ ۽ سچائيءَ سان مون کي جواب ڏي. پنهنجي ٻانهي کي عدالت ۾ نہ آڻ، ڇاڪاڻ تہ تو آڏو ڪوبہ جيئرو ماڻهو سچار ناهي. a a v2 پولس هن سٽ مان اهو سيکاريو تہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ڪمن جي ڪري اسان جي پيءُ وٽ سچار نہ ٿو ٺهي، رڳو يسوع تي ڀروسو ڪرڻ سان ٿو ٺهي. ڇاڪاڻ تہ دشمن منهنجي جان جو پيڇو ڪيو آهي؛ منهنجي زندگيءَ کي ڌرتيءَ تي لتاڙي ڇڏي اٿس؛ مون کي گھڻو اڳ مرڻ وارن وانگر اونداهيءَ ۾ ويهاريو اٿس. منهنجو روح مون اندر ٿڪجي پيو آهي؛ منهنجي دل مون اندر حيران ٿي وئي آهي. آءٌ پراڻن ڏينهن کي ياد ٿو ڪريان؛ تو جيڪي ڪجھہ ڪيو آهي تنهن تي غور ٿو ڪريان؛ تنهنجي هٿن جي ڪم تي سوچيندو ٿو رهان. آءٌ تو ڏانهن پنهنجا هٿ ٿو پکيڙيان؛ منهنجي جان سڪل زمين وانگر تو لاءِ اڃايل آهي.

اي بابا، جلدي مون کي جواب ڏي؛ منهنجو روح ختم ٿيڻ تي آهي. پنهنجو منهن مون کان نہ لڪاءِ، نہ تہ آءٌ انهن جھڙو ٿي ويندس جيڪي کڏ ۾ لھن ٿا. صبح جو مون کي تنهنجي لافاني شفقت ٻڌڻ ڏي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو تي ڀروسو ٿو ڪريان. جنهن واٽ تي مون کي هلڻو آهي سا مون کي ڏيکار، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي جان تو ڏانهن ٿو مٿي کڻان. اي بابا، مون کي منهنجن دشمنن کان ڇڏاءِ؛ آءٌ پناهه لاءِ تو ڏانهن ڀڄي آيو آهيان. مون کي تنهنجي مرضي پوري ڪرڻ سيکار، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ تنهنجو نيڪ روح مون کي سڌيءَ زمين تي هلائي. اي بابا، پنهنجي نالي جي خاطر مون کي جيئرو رک؛ پنهنجي سچائيءَ ۾ منهنجي جان کي مصيبت مان ڪڍ. تنهنجي لافاني شفقت سان تون منهنجن دشمنن کي ڪٽي ڇڏيندين ۽ منهنجي جان جي سڀني مخالفن کي برباد ڪندين، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجو ٻانهو آهيان.