ڇپيل
ڪتاب

فضل سان سهڻ جي طاقت

پولس تيمٿيس کي چوي ٿو ته فضل مان طاقت حاصل ڪري ۽ اها تعليم اهڙن وفادار ماڻهن کي سونپي جيڪي ٻين کي سيکاري سگهن. سپاهي، رانديگر، هاري — هر تصوير سختي سهڻ بابت آهي. لفظن تي جهڳڙا بيڪار آهن؛ نرميءَ سان سمجهاءِ، ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو اسان جو پيءُ توبهه بخشي.

باب 2.

تنهنڪري اي منهنجا ٻار، تون انهيءَ فضل مان طاقت وٺ جيڪو مسيح يسوع ۾ آهي. جيڪي ڳالهيون تو گھڻن شاهدن جي سامهون مون کان ٻڌيون، سي اهڙن وفادار ماڻهن جي حوالي ڪر جيڪي ٻين کي بہ سيکارڻ جي لائق هجن. مسيح يسوع جي سٺي سپاهيءَ وانگر تون بہ ڏکن ۾ پنهنجو حصو کڻ. ڊيوٽيءَ تي ڪو بہ سپاهي دنياوي ڌنڌن ۾ نہ ٿو ڦاسي، ڇالاءِ تہ هو پنهنجي ڀرتي ڪندڙ کي خوش ڪرڻ گھري ٿو. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن ڪو رانديگر قاعدن موجب نہ کيڏي تہ کيس تاج نہ ٿو پارايو وڃي. محنتي هاريءَ کي ئي فصل مان پهريون حصو وٺڻ گھرجي. جيڪو آءٌ ٿو چوان، تنهن تي غور ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند تو کي هر ڳالهہ ۾ سمجھ ڏيندو.

يسوع مسيح کي ياد رک، جيڪو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو ۽ داؤد جي نسل مان آهي، جيئن منهنجي خوشخبريءَ ۾ ٻڌايل آهي، جنهن لاءِ آءٌ ڏک ٿو سهان، ايتري قدر جو ڏوهاريءَ وانگر زنجيرن ۾ جڪڙيل آهيان. پر اسان جي پيءُ جو ڪلام جڪڙيل ناهي! تنهنڪري آءٌ چونڊيلن جي خاطر سڀ ڪجھ ٿو سهان، تہ جيئن اهي بہ دائمي جلوي سان گڏ اهو ڇوٽڪارو ماڻين جيڪو مسيح يسوع ۾ آهي. هي ڳالهہ ڀروسي جوڳي آهي: جيڪڏهن اسين ساڻس گڏ مئاسين تہ ساڻس گڏ جيئرا بہ ٿينداسين؛ جيڪڏهن اسين صبر ڪنداسين تہ ساڻس گڏ بادشاهي بہ ڪنداسين؛ جيڪڏهن اسين ساڻس انڪار ڪنداسين تہ هو بہ اسان کان انڪار ڪندو؛ جيڪڏهن اسين بي وفا ٿيون تہ بہ هو وفادار رهي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو پاڻ کان انڪار نہ ٿو ڪري سگھي.

پيءُ وٽ منظور ٿيل ڪم ڪندڙ

انهن ڳالهين جي کين ياد ڏياريندو رهہ، ۽ اسان جي پيءُ جي اڳيان تاڪيد ڪر تہ لفظن تان جھيڙا نہ ڪن، ڇالاءِ تہ انهيءَ مان ڪو فائدو ناهي، بلڪ ٻڌندڙن جي تباهي ٿئي ٿي.

پوري ڪوشش ڪر تہ پاڻ کي اسان جي پيءُ آڏو منظور ٿيل ۽ اهڙو ڪم ڪندڙ پيش ڪرين جنهن کي شرمسار ٿيڻو نہ پوي، ۽ جيڪو سچائيءَ جي ڪلام کي صحيح نموني ورهائي. پر بيهودين ۽ بيدين ڳالهين کان پاسو ڪر، ڇاڪاڻ تہ اهي ماڻهن کي وڌيڪ بدڪاريءَ ڏانهن وٺي وڃن ٿيون، ۽ سندن ڳالهہ ناسور وانگر پکڙجي ويندي. انهن ۾ هيمنائس ۽ فلتس بہ آهن، جيڪي سچائيءَ کان ڀٽڪي ويا آهن ۽ چون ٿا تہ قيامت اڳ ۾ ئي ٿي چڪي آهي، ۽ ڪن ماڻهن جي ايمان کي ڊاهي رهيا آهن. تڏهن بہ اسان جي پيءُ جو پڪو بنياد قائم آهي، جنهن تي هيءَ مهر لڳل آهي: ”هو پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“، ۽ ”جيڪو بہ سندس نالو وٺي ٿو، سو بدي کان ڦري وڃي.“

وڏي گھر ۾ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ئي نہ، پر ڪاٺ ۽ مٽيءَ جا بہ ٿانو هوندا آهن؛ ڪي عزت لاءِ ۽ ڪي بي عزتيءَ لاءِ. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو پاڻ کي انهن کان پاڪ ڪري تہ هو عزت جو ٿانو ٿيندو: پاڪ ٿيل، مالڪ جي ڪم جو، ۽ هر سٺي ڪم لاءِ تيار.

جوانيءَ جي خواهشن کان ڀڄ؛ انهن سان گڏ جيڪي صاف دل سان خداوند کي سڏين ٿا، سچائيءَ، ايمان، پيار ۽ سلامتيءَ جي پٺيان لڳ. بيوقوفيءَ ۽ جهالت واري بحثن کان پاسو ڪر؛ تون ڄاڻين ٿو تہ اهي جھيڙا پيدا ڪن ٿا. خداوند جي نوڪر کي جھيڙالو نہ ٿيڻ گھرجي، پر سڀني سان نرم، سيکارڻ جي لائق، ۽ ظلم سهڻ ۾ صابر ٿيڻ گھرجي، ۽ مخالفن کي نرميءَ سان سڌارڻ گھرجي. ٿي سگھي ٿو تہ اسان جو پيءُ کين توبه ڏئي تہ اهي سچائيءَ کي سڃاڻن، ۽ هوش ۾ اچي شيطان جي انهيءَ ڦندي مان ڇڏائجي وڃن، جنهن ۾ هن کين پنهنجي مرضي پوري ڪرائڻ لاءِ قيد ڪيو هو.