ڇپيل
ڪتاب

خدا ترسيءَ ۾ پاڻ کي تربيت ڏي

پولس انهن استادن کان خبردار ڪري ٿو جيڪي شادي ۽ ڪجهه کاڌن کان منع ڪن ٿا، جڏهن ته اسان جي پيءُ جو ٺاهيل سڀ ڪجهه سٺو آهي ۽ شڪر سان قبول ڪيو وڃي ٿو. تيمٿيس پاڻ کي دينداري لاءِ تيار ڪري، ڪنهن کي سندس جوانيءَ کي حقير سمجهڻ نه ڏئي، ڪلام عام پڙهي، ۽ پنهنجي زندگي ۽ تعليم تي ويجهي نظر رکي.

باب 4.

پاڪ روح صاف چوي ٿو تہ پوئين زماني ۾ ڪي ماڻهو ايمان کي ڇڏي ڏيندا، ۽ گمراهہ ڪندڙ روحن ۽ ڀوتن جي تعليمن ڏانهن ڌيان ڏيندا، اهو انهن ڪوڙن جي ريائڪاريءَ جي ڪري ٿيندو، جن جا پنهنجا ضمير ڄڻ گرم لوهه سان داغيل آهن. اهي نڪاح ڪرڻ کان روڪين ٿا، ۽ انهن کاڌن کان پرهيز ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿا، جيڪي اسان جي پيءُ انهيءَ لاءِ ٺاهيا هئا تہ سچ کي ڄاڻندڙ ايماندار شڪرگذاريءَ سان قبول ڪن. ڇاڪاڻ تہ اسان جي پيءُ جيڪو ڪجھ ٺاهيو آهي سو سڀ سٺو آهي، ۽ جيڪڏهن شڪرگذاريءَ سان قبول ڪجي تہ ڪا بہ شيءِ رد ڪرڻ جهڙي ناهي، ڇاڪاڻ تہ اها اسان جي پيءُ جي ڪلام ۽ دعا جي وسيلي پاڪ ڪئي وڃي ٿي.

جيڪڏهن تون اهي ڳالهيون ڀائرن ۽ ڀينرن کي سمجهائيندين تہ مسيح يسوع جو سٺو خادم ٿيندين، جنهن کي ايمان جي ڪلام ۽ انهيءَ سٺي تعليم سان پرورش ڏني وئي آهي جنهن جي تو پيروي ڪئي آهي. بي دين ۽ بيهودين ڏند ڪٿائن سان ڪو واسطو نہ رک. پر پاڻ کي خدا ترسيءَ لاءِ تربيت ڏي. جسماني تربيت ٿورو ڪم اچي ٿي، پر خدا لاءِ عقيدت هر طرح ڪم اچي ٿي— هاڻوڪي زندگيءَ ۽ ايندڙ زندگيءَ جو واعدو ڪندي. هي ڀروسي جوڳو ڪلام آهي، جيڪو پوريءَ طرح قبول ڪرڻ جي لائق آهي. ڇاڪاڻ تہ اسان انهيءَ لاءِ محنت ۽ جاکوڙ ڪريون ٿا، جو اسان جيئري پيءُ تي اميد رکي آهي، جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري ايمان وارن جو نجات ڏيندڙ آهي. اهي ڳالهيون حڪم ڏي ۽ سيکار.

ڪو بہ تنهنجي جوانيءَ سبب تو کي حقير نہ سمجهي، پر ڳالهائڻ، هلت چلت، پيار، ايمان ۽ پاڪائيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نمونو بڻج. جيستائين آءٌ اچان، تيستائين پاڪ ڪتاب کي سڀني آڏو پڙهڻ، واعظ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ ۾ مشغول رهہ. انهيءَ ڏات کي نظرانداز نہ ڪر جيڪا تو ۾ آهي، جيڪا نبوت جي وسيلي، بزرگن جا هٿ تو تي رکڻ سان تو کي ڏني وئي. اهي ڳالهيون عمل ۾ آڻ ۽ پاڻ کي پوريءَ طرح انهن ۾ لڳائي ڇڏ، تہ جيئن سڀڪو تنهنجي ترقي ڏسي. پنهنجي پاڻ تي ۽ پنهنجي تعليم تي چڱيءَ طرح ڌيان رک. انهيءَ ۾ قائم رهہ، ڇاڪاڻ تہ ائين ڪرڻ سان تون پاڻ کي ۽ پنهنجن ٻڌندڙن کي بہ بچائيندين.