فخر ڪندڙ زبان
هدايتڪار لاءِ. داؤد جو هڪڙو حڪمت وارو زبور. جڏهن ادومي دوئيگ اچي شائول کي ٻڌايو تہ ”داؤد اخيمالڪ جي گھر ويو آهي.“
دوئيگ ڏانهن نشانو، جنهن شاؤل کي ڪاهنن بابت خبر ڏني. کيس اهڙو ماڻهو چيو وڃي ٿو جيڪو ڳڙڪائيندڙ لفظن سان پيار ڪري ٿو ۽ پنهنجي دولت تي ڀروسو ڪري ٿو، ۽ کيس ٻڌايو وڃي ٿو ته هو پنهنجي خيمي مان پٽيو ويندو — جڏهن ته ڳائيندڙ اسان جي پيءُ جي گھر ۾ زيتون جي وڻ وانگر وڌي ٿو.
52 1اي زورآور، تون بڇڙائيءَ تي ڇو فخر ڪرين ٿو؟ اسان جي پيءُ جي لافاني شفقت سڄو ڏينهن قائم رهي ٿي.
2اي ٺڳ، تنهنجي زبان تيز ڪيل استرو جيان تباهيءَ جا منصوبا ٿي جوڙي. 3تون چڱائيءَ کان وڌيڪ بڇڙائيءَ سان، ۽ سچ ڳالهائڻ کان وڌيڪ ڪوڙ سان پيار ٿو ڪرين.
4اي ٺڳ زبان، تون هر ڦاڙي کائيندڙ ڳالھ سان پيار ٿو ڪرين. 5پر اسان جو پيءُ تو کي هميشه لاءِ ڊاهي ڇڏيندو، تو کي کسي تنهنجي خيمي مان ڇڪي ڪڍندو، جيئرن جي ملڪ مان تنهنجون پاڙون پٽي ڇڏيندو.
6سچار ڏسندا ۽ ڊڄندا، هن تي کلندي چوندا تہ 7”ڏسو ان ماڻهوءَ کي جنهن اسان جي پيءُ کي پنهنجو پناهه نہ بڻايو، پر پنهنجي وڏي دولت تي ڀروسو ڪيائين ۽ ٻين کي تباهه ڪرڻ سان مضبوط ٿيو.“ 8پر آءٌ اسان جي پيءُ جي گھر ۾ هڪ هريل ڀريل زيتون جي وڻ جهڙو آهيان، آءٌ اسان جي پيءُ جي لافاني شفقت تي هميشه ۽ سدائين ڀروسو ٿو ڪريان. 9تو جيڪي ڪيو آهي تنهن لاءِ آءٌ سدائين تنهنجي ساراهه ڪندس، تنهنجن وفادارن جي حضور ۾ آءٌ تنهنجي نالي تي اميد رکندس، ڇاڪاڻ تہ اهو چڱو آهي.