ڇپيل
ڪتاب

هڪ انگور جي ويل جيڪا باھ کانسواءِ ڪنهن ڪم جي ناهي

هڪ ننڍڙي، اداس تصوير. انگور جي ول جي ڪاٺ سڙڻ کان اڳ به اڏاوت لاءِ بيڪار آهي، ۽ سڙڻ کان پوءِ ٻيڻو بيڪار. اسان جو پيءُ چوي ٿو ته يروشلم جا ماڻهو هن لاءِ اهڙا ئي آهن: باهه لاءِ رکيل، ڪنهن به ڪم جي لائق نه.

اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 2–8

باب 15.

پوءِ اسان جي پيءُ جو ڪلام مون وٽ آيو تہ

”اي ابنِ آدم، ٻين سڀني وڻن جي ڪاٺ کان انگور جي ويل جو ڪاٺ ڪهڙي ريت بهتر آهي، يعني جهنگل جي وڻن ۾ انگور جي ٽاري؟ ڇا انهيءَ مان ڪو ڪارائتو ڪم ٺاهي سگھجي ٿو؟ ڇا انهيءَ مان ڪا کوٽي ٺاهي سگھجي ٿي جنهن تي شيون ٽنگجن؟ ڏس، اها تہ ٻارڻ لاءِ باھ ۾ اڇلائي وڃي ٿي. باھ سندس ٻئي ڇيڙا ساڙي ڇڏي ٿي ۽ وچ وارو حصو ڪوئلو ٿي وڃي ٿو. ڇا اها ڪنهن ڪم جي آهي؟ جڏهن اها سڄي هوندي بہ بيڪار هئي، تڏهن باھ کيس ساڙي ڪوئلو ڪري ڇڏي تہ پوءِ ڇا ان مان ڪا شيءِ ٺاهي سگھبي؟“

تنهنڪري حاڪم پيءُ فرمائي ٿو تہ ”جيئن جهنگل جي وڻن ۾ انگور جي ويل جو ڪاٺ آهي، جيڪو مون ٻارڻ لاءِ باھ کي ڏنو، تيئن مون يروشلم ۾ رهندڙن کي ڏئي ڇڏيو آهي. آءٌ سندن خلاف پنهنجو منهن ڪندس. اهي هڪ باھ مان بچي نڪتا، پر ٻي باھ کين ساڙي ڇڏيندي. تڏهن جڏهن آءٌ سندن خلاف پنهنجو منهن ڪندس، اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ اوهان جو پيءُ آهيان. آءٌ ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هنن پوري طرح بي وفائي ڪئي آهي، حاڪم پيءُ فرمائي ٿو.“