ڇپيل
ڪتاب

منهنجي سموري دل تو ڏانهن

سردار موسيقار لاءِ: موت-لبن جي طرز تي. داؤد جو زبور.

هڪ خاص ڇوٽڪاري لاءِ شڪرگذاري: دشمن پوئتي موٽايا ويا، سندن شهر پاڙان پٽيا ويا، سندن نالا به ميساريا ويا. اسان جو پيءُ سچو منصف ۽ مظلومن لاءِ قلعو بڻجي ويٺو آهي. داؤد کانئس گھري ٿو ته وري اٿي، ته قومون ياد رکن ته اهي رڳو فاني آهن.

باب 9.

اي منهنجا بابا، آءٌ پنهنجي پوري دل سان تنهنجو شڪر ڪندس؛ تنهنجا سڀ عجيب ڪم بيان ڪندس.

آءٌ تو ۾ خوش ۽ شادمان ٿيندس؛ اي سڀ کان مٿانهين، آءٌ تنهنجي نالي جي ساراهه ۾ گيت ڳائيندس.

جڏهن منهنجا دشمن پوئتي هٽن ٿا، تڏهن تنهنجي آڏو ٿاٻا کائي برباد ٿين ٿا. ڇاڪاڻ تہ تو منهنجو حق ۽ منهنجو مقدمو سنڀاليو آهي؛ تون سچار منصف ٿي تخت تي ويٺو آهين. تو قومن کي ڌمڪايو آهي؛ شريرن کي نابود ڪيو آهي؛ سندن نالو هميشه لاءِ ۽ ابد تائين مٽائي ڇڏيو اٿئي. دشمن ختم ٿي ويو، هميشه لاءِ کنڊر ٿي پيو؛ تو سندن شهر پٽي ڇڏيا آهن؛ سندن يادگيري بہ مٽجي وئي آهي.

پر اسان جو پيءُ هميشه لاءِ تخت نشين آهي؛ هن پنهنجو تخت انصاف لاءِ قائم ڪيو آهي. دنيا جو فيصلو سچائيءَ سان ڪري ٿو؛ قومن تي انصاف سان حڪمراني ڪري ٿو. اسان جو پيءُ مظلومن لاءِ پناهه آهي، مصيبت جي وقتن ۾ مضبوط قلعو آهي. جيڪي تنهنجو نالو ڄاڻن ٿا، سي تو تي ڀروسو ڪن ٿا؛ ڇاڪاڻ تہ اي اسان جا بابا، تو پاڻ کي ڳولهڻ وارن کي ڪڏهن نہ ڇڏيو آهي.

صيون ۾ رهندڙ اسان جي پيءُ جي ساراهه ۾ گيت ڳايو! قومن ۾ سندس ڪم ٻڌايو! ڇاڪاڻ تہ رت جو بدلو وٺندڙ ڏکويلن کي ياد ڪري ٿو؛ سندن دانهن نہ ٿو وساري.

اي منهنجا بابا، مون تي فضل ڪر! مون سان نفرت ڪندڙن جي هٿان منهنجو ڏک ڏس، تون جيڪو مون کي موت جي دروازن کان مٿي کڻين ٿو، تہ آءٌ تنهنجيون سڀ ساراهون صيون جي ڌيءَ جي دروازن تي بيان ڪريان، ۽ تنهنجي نجات ۾ خوش ٿيان.

قومون پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ ٻڏي ويون آهن؛ جيڪو ڄار هنن لڪايو هو، تنهن ۾ سندن پنهنجا پير ڦاٿل آهن. اسان جي پيءُ پاڻ کي ظاهر ڪيو آهي؛ هن انصاف ڪيو آهي؛ شرير پنهنجن هٿن جي ڪم ۾ ڦاٿل آهي. هگايون. a a v16 هگايون موسيقي يا سوچ ويچار جو نشان آهي — غالباً اهو سڏ آهي تہ هينئر جيڪي ڳايو ويو، تنهن تي ٿورو ترسي سوچجي.

شرير، يعني اسان جي پيءُ کي وسارڻ وارون سڀ قومون، قبر ڏانهن موٽن ٿيون. ڇاڪاڻ تہ محتاج هميشه وسريل نہ رهندو، نڪي ڏکويلن جي اميد هميشه لاءِ ناس ٿيندي.

اي اسان جا بابا، اُٿ! انسان کي غالب نہ ٿيڻ ڏي؛ قومن جو فيصلو تنهنجي آڏو ٿئي. اي اسان جا بابا، کين دهشت ۾ وجھ؛ قومون ڄاڻن تہ اهي رڳو فاني انسان آهن.