عظمت جو پهراڻ پاتل
ٻه شيون اڻ لڏ بيٺيون آهن: دنيا ۽ تخت. ٻوڏون پنهنجو آواز مٿي ڪن ٿيون ۽ پنهنجون لهرون ٽڪرائين ٿيون، ۽ زبور جواب ڏئي ٿو ته مٿانهين تي اسان جو پيءُ موجن کان وڌيڪ زورآور آهي — ۽ ته هن جا قاعدا هن جي بادشاهيءَ وانگر اٽل آهن.
93 1اسان جو پيءُ بادشاهي ٿو ڪري، هن عظمت جو پهراڻ پاتل آهي. اسان جو پيءُ پهراڻ پاتل آهي، پاڻ کي طاقت سان ويڙهيو اٿس. ها، دنيا مضبوطيءَ سان قائم ٿيل آهي، اها ڪڏهن بہ نہ لڏندي. 2تنهنجو تخت قديم زماني کان قائم آهي، تون ازل کان آهين. 3اي اسان جا بابا، ٻوڏون اُٿيون آهن، ٻوڏن پنهنجو آواز بلند ڪيو آهي، ٻوڏون پنهنجيون ٽڪرائيندڙ لهرون مٿي ڪن ٿيون. 4گهڻن پاڻين جي گجگوڙ کان وڌيڪ زورآور، سمنڊ جي موجن کان بہ وڌيڪ زورآور، مٿانهين تي اسان جو پيءُ زورآور آهي. 5تنهنجا فرمان نهايت پختا آهن، اي اسان جا بابا، تنهنجي گهر جو سينگار پاڪائي آهي، هميشه هميشه تائين.