ڪوڙن نبين کان پنهنجي دل جي حفاظت ڪريو
اهو نبي به رد ڪيو وڃي جنهن جي نشاني سچي ثابت ٿئي، جيڪڏهن هو چوي ته ٻين ديوتائن جي پيروي ڪريو؛ توهان جو پيءُ پرکي رهيو آهي ته ڇا توهان سڄي دل سان ساڻس پيار ڪريو ٿا. ساڳي ڳالهه پياري ڀاءُ، زال يا دوست، ۽ سڄي شهر لاءِ به آهي: هي اسرائيل لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي.
13 1جيڪڏهن اوهان جي وچ ۾ ڪو نبي يا خواب ڏسڻ وارو اٿي کڙو ٿئي ۽ اوهان کي ڪو نشان يا معجزو ڏيکاري، 2جيڪڏهن هن جنهن نشان يا معجزي جي ڳالهه ڪئي هئي سو پورو ٿي پوي ۽ هو چوي تہ ’اچو، ٻين معبودن جي پٺيان هلون، جن کي اوهان نہ ڄاتو آهي، ۽ انهن جي عبادت ڪريون،‘ 3تہ انهيءَ نبيءَ يا خواب ڏسڻ واري جون ڳالهيون نہ ٻڌو. اوهان جو پيءُ اوهان کي پرکي ٿو، تہ جيئن ڄاڻي تہ اوهين پنهنجي پيءُ کي پوري دل ۽ پوري جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ. 4پنهنجي پيءُ جي پٺيان هلو، کانئس ڊڄو، سندس حڪم مڃيو، سندس آواز ٻڌو، سندس عبادت ڪريو ۽ کانئس چنبڙيل رهو. 5انهيءَ نبيءَ يا خواب ڏسڻ واري کي ضرور ماريو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان جي پيءُ خلاف، جنهن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڇڏايو، بغاوت جي ڳالهه ڪئي، تہ جيئن اوهان کي انهيءَ واٽ کان ڀٽڪائي، جنهن تي هلڻ جو اوهان جي پيءُ اوهان کي حڪم ڏنو هو. تنهنڪري پنهنجي وچ مان برائي ڪڍي ڇڏيو.
6جيڪڏهن اوهان جو ڀاءُ، يعني اوهان جي ماءُ جو پٽ، يا اوهان جو پٽ يا ڌيءُ، يا اوهان جي ڀاڪر ۾ رهندڙ زال، يا اوهان جو جان جيترو پيارو دوست، ڳجهيءَ طرح اوهان کي ورغلائي ۽ چوي تہ ’اچو، ٻين معبودن جي عبادت ڪريون،‘ اهڙن معبودن جي، جن کي نڪي اوهان ڄاتو ۽ نڪي اوهان جي ابن ڏاڏن، 7جيڪي اوهان جي چوڌاري رهندڙ قومن جا معبود آهن، ويجها هجن يا پري، زمين جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين.‘ 8نہ هن سان رضامند ٿيو ۽ نہ سندس ڳالهه ٻڌو، نہ هن تي ترس کائو، نہ کيس بخشيو ۽ نہ لڪايو. 9نہ، بلڪ اوهان کيس ضرور ماريو. کيس مارڻ ۾ پهريان اوهان جو هٿ هلندو، پوءِ سڀني ماڻهن جو. 10کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ هن اوهان کي اوهان جي پيءُ کان، جنهن اوهان کي مصر مان، غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي آندو، ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي. 11سمورو اسرائيل ٻڌي ڊڄي ويندو ۽ اوهان جي وچ ۾ وري ڪڏهن اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪندو.
12جيڪڏهن اوهان کي پنهنجن انهن شهرن مان ڪنهن بابت، جيڪي اوهان جو پيءُ اوهان کي رهڻ لاءِ ٿو ڏئي، ٻڌڻ ۾ اچي تہ 13ڪي نڪما ماڻهو اوهان جي وچ مان نڪري ويا آهن ۽ پنهنجي شهر جي رهاڪن کي ڀٽڪائي چيائون تہ ’اچو، ٻين معبودن جي، جن کي اوهان نہ ڄاتو آهي، عبادت ڪريون،‘ 14تڏهن چڱيءَ طرح ڳولا ڪريو، جاچ ڪريو ۽ پڇا ڪريو. جيڪڏهن اها ڳالهه سچي ۽ پڪي ثابت ٿئي تہ اوهان جي وچ ۾ اهو نفرت جوڳو ڪم ڪيو ويو آهي، 15تڏهن اوهان انهيءَ شهر جي رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان ضرور ماريو، ۽ شهر کي، ان جي سڀ ڪجهه ۽ ان جي چوپائي مال سميت، تلوار جي ڌار سان پوريءَ طرح تباهه ڪري ڇڏيو. 16ان جو سمورو ڦريل مال ان جي چوڪ جي وچ ۾ گڏ ڪريو، پوءِ شهر ۽ ان جو سمورو ڦريل مال اوهان جي پيءُ لاءِ پوري ساڙيندڙ قرباني طور باھ ۾ ساڙي ڇڏيو. اهو سدائين کنڊر رهندو، وري ڪڏهن نہ اڏيو ويندو. 17تباهيءَ لاءِ وقف ڪيل ڪابہ شيءِ اوهان جي هٿ سان نہ چنبڙي، تہ جيئن اوهان جو پيءُ پنهنجي ڀڙڪندڙ ڪاوڙ کان موٽي، اوهان کي رحم ڏئي، اوهان تي مهربان ٿئي ۽ اوهان کي وڌائي، جيئن هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، 18جيڪڏهن اوهان پنهنجي پيءُ جو آواز ٻڌندا، سندس سمورا حڪم، جيڪي اڄ آءٌ اوهان کي ٿو ڏيان، مڃيندا ۽ پنهنجي پيءُ جي نظر ۾ سچا ڪم ڪندا.