پيءُ ۾ جڙيل
چڙهائيءَ جو گيت.
ڀروسو جاگرافيءَ جي ٻوليءَ ۾ بيان ٿيل آهي. ڀروسو ڪندڙ صيحون جبل وانگر اڻهلندڙ آهن، ۽ اسان جو پيءُ کين ائين گهيري ٿو جيئن جبل يروشلم کي گهيرين ٿا. بدڪار حڪومت هن ملڪ تي قائم نه رهندي، ڇاڪاڻ ته اها چڱن ماڻهن کي به برائي ڪرڻ جي آزمائش ۾ وجهندي.
125 1جيڪي اسان جي پيءُ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي صيون جبل جهڙا آهن، جيڪو لڏي نہ ٿو سگھي، پر سدائين قائم رهي ٿو. 2جيئن جبل يروشلم کي گھيريو بيٺا آهن، تيئن اسان جو پيءُ پنهنجي قوم کي هاڻي کان وٺي سدائين تائين گھيريو بيٺو آهي. 3بدڪاريءَ جو عصا سچارن کي ورثي ۾ مليل زمين تي قائم نہ رهندو، تہ متان سچار بڇڙائي ڪرڻ لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھا ڪن. 4اي اسان جا بابا، چڱن ماڻهن سان، جيڪي پنهنجين دلين ۾ سڌا آهن، چڱائي ڪر. 5پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن مڙن ٿا، تن کي اسان جو پيءُ بدڪارن سان گڏ ڪڍي ويندو. اسرائيل تي سلامتي هجي!