ڇپيل
ڪتاب

ريڪابي پنهنجي ابي جو احترام ڪن ٿا

يرمياه رڪابين کي شراب پيش ڪري ٿو، جيڪي انڪار ڪن ٿا ڇو ته سندن ابي ڏاڏي يوناداب کين منع ڪئي هئي. ڊگهي عرصي کان مري ويل هڪ انساني پيءُ جي هنن جي فرمانبرداري يهوداه جي ان انڪار سامهون بيٺل آهي جو هنن اسان جي پيءُ کي نه ٻڌو، جنهن بار بار ڳالهايو آهي. يوناداب جي نسل سان دائمي جاءِ جو واعدو ڪيو وڃي ٿو.

اسان جو پيءُ آيتن ۾ ڳالهائي ٿو 2, 13–19

باب 35.

يهوداه جي بادشاهه يوسياه جي پٽ يهوياقيم جي ڏينهن ۾ اسان جي پيءُ وٽان يرمياه ڏانهن جيڪو ڪلام آيو سو هي آهي:

”ريڪابين جي گھر وڃ، انهن سان ڳالهاءِ، کين منهنجي گھر جي هڪ پاسي واري ڪوٺيءَ ۾ آڻ ۽ کين پيئڻ لاءِ شراب ڏي.“

پوءِ مون حبزنياه جي پٽ يرمياه جي پٽ يازنياه کي، سندس ڀائرن، سڀني پٽن ۽ ريڪابين جي سڄي گھراڻي کي ساڻ ورتو، ان کان پوءِ مون کين اسان جي پيءُ جي گھر ۾، اسان جي پيءُ جي ماڻهوءَ، اِجدلياه جي پٽ حنان جي پٽن جي ڪوٺيءَ ۾ آندو، جيڪا سردارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دروازي جي پهريدار، سلوم جي پٽ معسياه جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي. پوءِ مون ريڪابين جي گھراڻي جي پٽن جي اڳيان شراب سان ڀريل پيالا ۽ ڪوپ رکي کين چيو تہ ”ٿورو شراب پيئو.“

پر هنن وراڻيو تہ ”اسين شراب نہ پيئنداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ابي، ريڪاب جي پٽ يونداب اسان کي حڪم ڏنو هو تہ اوهين ۽ اوهان جا ٻار ڪڏهن بہ شراب نہ پيئندا. نہ گھر اڏيو، نہ ٻج پوکيو، نہ انگورن جو باغ لڳايو؛ ڪنهن بہ شيءِ جا مالڪ نہ ٿيو. پنهنجن سڀني ڏينهن ۾ خيمن ۾ رهو، تہ جنهن ملڪ ۾ اوهين رهندا آهيو انهيءَ ۾ گھڻا ڏينهن جيئرا رهو.‘ تنهنڪري ريڪاب جي پٽ، اسان جي ابي يونداب جي هر حڪم جي اسان فرمانبرداري ڪئي آهي، تہ اسين، اسان جون زالون، اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون پنهنجي سڄي ڄمار شراب نہ پيئون، ۽ رهڻ لاءِ گھر نہ اڏيون. اسان وٽ نہ ڪو باغ آهي، نہ پوک جي زمين، نہ ٻج، بلڪ اسان جي ابي يونداب اسان کي جيڪو ڪجھ حڪم ڏنو، سو سڀ مڃيندي ۽ ڪندي اسين خيمن ۾ رهيا آهيون. پر جڏهن بابل جي بادشاهه نبوڪدنضر ملڪ تي حملو ڪيو، تڏهن اسان چيو تہ ’اچو، بابلي ۽ ارامي لشڪرن کان بچڻ لاءِ يروشلم هلون.‘ تنهنڪري اسين يروشلم ۾ رهون ٿا.“

پوءِ اسان جي پيءُ جو ڪلام يرمياه ڏانهن آيو:

آسمان جي لشڪرن جو پيءُ، اسرائيل جو پيءُ هيئن ٿو فرمائي تہ يهوداه جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي ٻڌاءِ تہ ڇا اوهين نصيحت قبول نہ ڪندا ۽ منهنجا لفظ نہ ٻڌندا؟ اسان جو پيءُ ٿو فرمائي. ريڪاب جي پٽ يونداب جيڪو حڪم پنهنجي ٻارن کي ڏنو هو تہ شراب نہ پيئن، سو مڃيو ويو آهي؛ اڄ ڏينهن تائين هو شراب نہ ٿا پيئن، ڇاڪاڻ تہ هنن پنهنجي ابي جو حڪم مڃيو. پر مون اوهان سان بار بار ڳالهايو آهي، تہ بہ اوهان مون کي نہ ٻڌو.

مون پنهنجا سڀ ٻانها نبي اوهان ڏانهن بار بار موڪلي چيو تہ ’اوهان مان هر ڪو پنهنجي بڇڙي واٽ کان موٽي اچي ۽ پنهنجا ڪم سڌارين؛ ٻين معبودن جي پويان لڳي انهن جي پوڄا نہ ڪريو، تہ اوهين انهيءَ ملڪ ۾ رهندا جيڪو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو.‘ پر اوهان نہ ٻڌو ۽ نہ مون ڏانهن ڌيان ڏنو. ريڪاب جي پٽ يونداب جي اولاد پنهنجي ابي جو حڪم مڃيو، پر هن قوم مون کي نہ ٻڌو.

تنهنڪري آسمان جي لشڪرن جو پيءُ، اسرائيل جو پيءُ هيئن ٿو فرمائي تہ ”آءٌ يهوداه تي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن تي اهي سڀ آفتون آڻيان ٿو جيڪي مون انهن جي خلاف چيون هيون، ڇاڪاڻ تہ مون هنن سان ڳالهايو پر هنن نہ ٻڌو، مون کين سڏيو پر هنن جواب نہ ڏنو.“

يرمياه ريڪابين جي گھراڻي کي چيو تہ ”آسمان جي لشڪرن جو پيءُ، اسرائيل جو پيءُ هيئن ٿو فرمائي تہ ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي ابي يونداب جو حڪم مڃيو، سندس سڀ هدايتون مڃيون ۽ جيڪو ڪجھ هن اوهان کي حڪم ڏنو سو سڀ ڪيو، تنهنڪري آسمان جي لشڪرن جو پيءُ، اسرائيل جو پيءُ ٿو فرمائي تہ ريڪاب جي پٽ يونداب جو ڪو نہ ڪو اولاد هميشه منهنجي اڳيان بيٺو رهندو.“