ڇپيل
ڪتاب

سندس حضور ۾ ڪنهن جي جاءِ آهي؟

داؤد جو زبور.

مقدس خيمي جي دروازي تي پڇيل سوال — اسان جي پيءُ جي پاڪ جبل تي ڪير رهي سگھي ٿو — جو جواب عام روزمره چال چلت سان ڏنو ويو آهي: سچي ڳالهه، ڪو بهتان نه، پاڙيسري کي ڪو نقصان نه، قسم نڀائڻ جڏهن مهانگو پوي، ڪا رشوت نه. اهڙو ماڻهو ڪڏهن به نه ڏڪندو.

باب 15.

اي بابا، تنهنجي خيمي ۾ ڪير رهندو؟ تنهنجي پاڪ جبل تي ڪير بسندو؟ جيڪو ايمانداريءَ سان هلي ٿو، صحيح ڪم ڪري ٿو، ۽ دل مان سچ ٿو ڳالهائي. هو پنهنجي زبان سان ڪنهن جي چغلي نہ ٿو کائي، پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪو نقصان نہ ٿو پهچائي، ۽ پنهنجي دوست جي باري ۾ بڇڙي ڳالهہ نہ ٿو ڪري. هو ذليل ماڻهوءَ کي ڌڪاري ٿو، پر جيڪي اسان جي پيءُ کان ڊڄن ٿا، تن جي عزت ڪري ٿو؛ جيتوڻيڪ پنهنجو نقصان ٿئي تڏهن بہ قسم پورو ڪري ٿو ۽ ان کان نہ ٿو ڦري. هو پنهنجو پئسو سود تي نہ ٿو ڏئي، ۽ بيگناهہ جي خلاف رشوت نہ ٿو وٺي. جيڪو اهي ڪم ڪندو، سو ڪڏهن بہ نہ لڏندو.