اسان جو پيءُ پنهنجي ڀٽڪيل بادشاهه کي سڌاري ٿو
ياهو موٽندڙ بادشاهه سان هڪ سوال سان ملي ٿو: ڇا تون بدڪارن جي مدد ڪندين؟ يهوسفط جواب ۾ ماڻهن جو دورو ڪري ٿو ۽ قاضي مقرر ڪري ٿو، کين ٻڌائي ٿو ته اوهين ماڻهن لاءِ نه پر اسان جي پيءُ لاءِ انصاف ڪريو ٿا، ۽ هن وٽ ڪا ناانصافي، طرفداري يا رشوت ناهي.
19 1يهوداه جو بادشاهه يهوسفط خير سان يروشلم ۾ پنهنجي گھر موٽي آيو. 2غيب ڏسندڙ حناني جو پٽ ياھو بادشاهه يهوسفط کي مليو ۽ پڇيائينس تہ ”ڇا تو کي بدڪارن جي مدد ڪرڻ ۽ اسان جي پيءُ سان نفرت ڪندڙن سان پيار ڪرڻ کپي؟ انهيءَ ڪري اسان جي پيءُ جو غضب تو تي آهي. 3تڏهن بہ تو ۾ چڱائي ملي ٿي: تو ملڪ مان اشيره جا ٿنب ڪڍي ڇڏيا ۽ پنهنجي دل اسان جي پيءُ کي ڳولڻ تي لڳائي.“
4يهوسفط يروشلم ۾ رهيو، پوءِ ٻيهر بيرسبع کان وٺي افرائيم جي جبلي علائقي تائين ماڻهن وٽ ويو ۽ کين اسان جي پيءُ ڏانهن موٽائيندو رهيو، جيڪو سندن ابن ڏاڏن جو خدا آهي. 5ملڪ ۾، يهوداه جي سڀني قلعي بند شهرن ۾، شهر بہ شهر منصف مقرر ڪيائين. 6منصفن کي چيائين تہ ”ڏسو تہ ڇا ٿا ڪريو، اوهين ماڻهن لاءِ نہ پر اسان جي پيءُ لاءِ فيصلو ٿا ڪريو، ۽ هو هر ان ڪيس ۾ اوهان سان گڏ آهي جنهن جو اوهين فيصلو ٿا ڪريو. 7هاڻي اوهان تي اسان جي پيءُ جو خوف هجي. هوشيار ٿي ڪم ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي پيءُ وٽ نہ بي انصافي آهي، نہ طرفداري، نہ رشوت.“
8يروشلم ۾ بہ يهوسفط ڪجهه لاوين، ڪاهنن ۽ اسرائيل جي ابن ڏاڏن جي گھراڻن جي سردارن کي اسان جي پيءُ جو فيصلو ڏيڻ ۽ جھيڙا نبيرڻ لاءِ مقرر ڪيو، ۽ اهي يروشلم ڏانهن موٽي آيا. 9کين حڪم ڏنائين تہ ”اسان جي پيءُ جي خوف ۾، ايمانداري ۽ سڄي دل سان هن طرح ڪريو. 10جڏهن بہ اوهان جا ڀائر پنهنجن شهرن مان اوهان وٽ ڪو جھيڙو آڻين، ڀلي خون جو هجي يا شريعت ۽ حڪم، قاعدن ۽ فيصلن جو، تڏهن کين خبردار ڪجو تہ اهي اسان جي پيءُ آڏو ڏوهي نہ ٿين، نہ تہ اوهان تي ۽ اوهان جي ڀائرن تي غضب ايندو. هيئن ڪريو تہ اوهين ڏوهي نہ ٿيندا. 11هاڻي اسان جي پيءُ جي هر معاملي ۾ امرياه وڏو ڪاهن اوهان تي نگران آهي، ۽ بادشاهه جي هر معاملي ۾ يهوداه جي قبيلي جو اڳواڻ اسماعيل جو پٽ زبدياه. لاوي اوهان جي اڳيان عملدار طور خدمت ڪن ٿا. مضبوط ٿيو ۽ ڪم ڪريو، اسان جو پيءُ چڱائي ڪندڙن سان گڏ هجي.“