نئون گيت
هڪ نئون گيت ڌار سان: ناچ، دف، پنهنجن بسترن تي ڳائڻ، ۽ هٿ ۾ ٻه ڌارو تلوار ته بادشاهن ۽ قومن تي لکيل فيصلو لاڳو ڪجي. عزت عاجزن جي آهي، جن کي اسان جو پيءُ نجات جو تاج پهرائي ٿو.
149 1هللوياہ! اسان جي پيءُ لاءِ نئون گيت ڳايو، ايمانداري جي ميڙ ۾ سندس ساراهہ ڪريو.
2اسرائيل پنهنجي خالق ۾ خوش ٿئي، صيون جا ٻار پنهنجي بادشاهہ ۾ شادمان ٿين. 3اهي ناچ سان سندس نالي جي ساراهہ ڪن، دف ۽ بربط سان کيس گيت ڳائين. 4ڇالاءِ جو اسان جو پيءُ پنهنجي قوم تي راضي آهي، هو عاجزن کي نجات جو تاج پارائي ٿو. a a v4 اسان جو پيءُ پنهنجي قوم کي رڳو برداشت نہ ٿو ڪري، بلڪہ هو انهن تي راضي آهي، ۽ عاجزن کي پنهنجي ڇوٽڪاري سان سينگاري ٿو. 5ايماندار هن عزت ۾ خوش ٿين، پنهنجن بسترن تي خوشيءَ سان ڳائين.
6سندن زبان تي اسان جي پيءُ جي بلند ساراهہ هجي، ۽ سندن هٿ ۾ ٻه ڌارو تلوار هجي، 7تہ جيئن قومن تي انصاف ۽ ماڻهن تي سزا آڻين، 8سندن بادشاهن کي زنجيرن سان ۽ سندن اميرن کي لوهہ جي ڪڙين سان ٻڌن، 9تہ جيئن مٿن لکيل فيصلو جاري ڪن. هي سندس سڀني ايماندارن جي عزت آهي. هللوياہ!